اسلام آباد – 22 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت ڪفايت شعاري کي اولين ترجيح ڏئي رهي آهي، آءِ ايم ايف سان جلد معاملا طئي ٿي ويندا، پوري قوم سخت امتحان مان گذري رهي آهي، ان وڏي چئلينج جو سبب درآمد جي ڪري مهانگائي هُجي، آءِ ايم ايف جا شرط هُجن يا گذريل حڪومت جي مهرباني هُجي، سبب جيڪي به هُجن پر اسان کي اتحاد جو مظاهرو ڪرڻو آهي، ماضي مان سکي اسان کي اڳتي وڌڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته اجلاس ۾ وفاقي ڪابينا جي آجيان ڪريان ٿو، ڪابينا جي اجلاس جي وقت جو سڀني کي خيال رکڻ گهرجي ڇو ته هي اهم معاملو آهي، ڪابينا جي اسان جي روايتن ۽ ڊسپلين تي عمل ڪرڻ گهرجي، ان حوالي سان سمورن ميمبرن کي لکت طور پڻ آگاهه ڪندس، اها اسان سڀني جي بنيادي ۽ گڏيل ذميواري آهي. هن چيو ته اسان جي اڄ جي اجلاس جي ايجنڊا نمبر هڪ ڪفايت شعاري بابت آهي، ڪابينا جي گذريل اجلاس ۾ معيشت سميت ٻين معاملن تي مثبت ۽ بامعنيٰ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي هئي جنهن تي ڪابينا ميمبرن پنهنجي ڀرپور راءِ جو اظهار ڪيو، جنهن تي توهان سڀني جو ٿورائتو آهيان. هن چيو ته آءِ ايم ايف پروگرام تي ڳالهه ٻولهه جاري آهي ۽ اهو پروگرام جلد طئي ٿي ويندو. وزيراعظم چيو ته اڄ انتهائي مشڪل وقت ۾ جڏهن پوري قوم سخت امتحان مان گذري رهي آهي ۽ وڏي چئلينج کي منهن ڏئي رهي آهي ڀلي اهو درآمد جي ڪري مهانگائي آهي يا آءِ ايم ايف جا شرط آهن، ڀلي اها گذريل حڪومت جي مهرباني هُجي، جيڪي به سبب آهن، اسان جي بطور پاڪستاني سرڪاري آفيسر ۽ شخص خاص طور تي حڪومتي مشينري، سياستدانن، بيوروڪريٽس ۽ صوبائي ڌرين سميت اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي ته اسان کي ان اتحاد جو مظاهرو ڪرڻو آهي جنهن جي وقت اسان کان گهرج ڪري رهيو آهي ۽ اها ڪفايت شعاري، سادگي، قرباني ۽ ايثار جو جذبو آهي. هن چيو ته پاڪستان کي وجود ۾ آئي 75 سال گذري ويا آهن، ڀلي 1965ع جي جنگ هجي يا 1971ع جو معرڪو هجي، ڀلي 1953ع ۾ ڪوئيٽا جو زلزلو هجي يا 1950ع ۾ لاهور ۾ ٻوڏ آئي هجي، ڀلي 2005ع جو زلزلو هجي يا 2010ع ۽ 2022ع جي ٻوڏ هجي انهن سموري مشڪل وقت ۽ چئلينجز ۾ غريب ماڻهو قربانيون ڏنيون، هن مهانگائي کي منهن ڏنو، ٻارن جي لاءِ هڪ وقت جي ماني تي گذارو ڪيو، پنهنجي ٻارن جي خواهش کي پٺتي وجهي فراخدلي جو مظاهرو ڪيو. هن چيو ته اشرافيه کي الله تعاليٰ انهن جي رزق حلال سان وسيلا ڏنا آهن، جيڪي ماڻهو سرندي وارا آهن، اهي ماڻهو جن کي الله تعاليٰ بي پناهه وسيلن سان نوازيو آهي، انهن هن مشڪلاتن ۽ چئلينجز دوران خدا خوفي جو مظاهرو ڪندي پنهنجو حصو وڌو هوندو، ڇا سڀني اهو حق ادا ڪيو، اهو هڪ سواليه نشان آهي. وزيراعظم چيو ته اسان کي ماضي مان سبق سکندي اڳتي وڌن جو فيصلو ڪرڻو پوندو، اڄ قوم جون اميدون اسان مان آهن، قوم اسان طرف تنقيدي ۽ سواليه نگاهن سان ڏسي رهي آهي ته ڪهڙي طرح هي مخلوط حڪومت انهن مشڪلاتن کي منهن ڏيندي، اها ڪا آسان ڳالهه ۽ مذاق نه آهي، مخلوط حڪومت گڏ ٿي سخت امتحان کي منهن ڏيڻ جي لاءِ متحد ٿي چاهيندي ۽ نه چاهيندي فيصلا ڪري رهي آهي، ملڪ کي صحيح رخ ۾ گامزن ڪرڻ جي لاءِ سموريون توانائيون استعمال ۾ آڻي رهيا آهيون، ان حوالي سان اسان کي عملي قدمن جو مظاهرو ڪرڻو آهي، ڀلي ڪو وزير، صلاحڪار، خاص معاون، بيوروڪريٽ ۽ سرڪاري آفيسر آهي اسان سڀني کي اڳ ۾ ان جو مظاهرو ڪرڻو پوندو، پوءِ اسان اشرافيه ۽ سرندي وارن کان قرباني ۽ ايثار جي اميد ڪري سگهون ٿا، اسان کي سڀني جي لاءِ مثال بڻجڻو آهي، هاڻي اهو وقت اچي چڪو آهي، منهنجي، توهان جي گڏيل ۽ قوم جي سوچ جي پس نظر انهن گذريل ٻن هفتن کان ان تي ڪم شروع ڪري رکيو هو، ان جي پريزنٽيشن جي ڪاپي سمورن ميمبرن کي گذريل ڏينهن موڪلي وئي هئي، ان ۾ اڳتي وڌڻ جو بهترين رستو آهي. هن چيو ته اسان کي بيهڻ گهرجي ۽ چئلينج قبول ڪرڻ گهرجي، پاڪستاني قوم تمام گهڻي سگهاري قوم آهي، پاڪستان جي حڪومت انهن چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻيندي ۽ ڪو به قدم کڻڻ کان نه ڪيٻائيندي، اهو پوري دنيا ۽ پوري پاڪستاني قوم جي لاءِ واضح پيغام آهي اهي ان کي ٻڌن. هن چيو ته اسان جي حڪومت پنهنجو فرض ادا ڪرڻ جي لاءِ سچي دل سان ڪوشش ڪئي آهي، ڪفايت شعاري ۽ سادگي جي لاءِ جيڪا پريزنٽيشن پيش ڪئي پئي وڃي اها هڪ عام ماڻهو، بيواهه، يتيم جا ڳوڙها ته خشڪ نه ڪري سگهندي ۽ نه ئي مهانگائي جو بار گهٽ ڪري سگهندي پر ان جي ڍال بڻجندي، ان جي ڪاوڙ گهٽ ٿيندي، ان ۾ احساس پيدا ٿيندو ته اڄ ملڪ جي حڪومت، سياستدان، بيوروڪريسي رڳو ڏيکارڻ جي لاءِ نه پر دل سان ايثار، قرباني، سادگي ۽ تنگي کي برداشت ڪرڻ جو مظاهرو ڪرڻ جي لاءِ تيار ٿي چڪي آهي.