اسلام آباد – 10 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف وفاقي گهرو وزير کي چئني صوبن جو دورو ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ڪنهن به قسم جو سيڪيورٽي ليپس برداشت نه ڪيو ويندو، امن امان جي حوالي سان وفاق ۽ صوبن ۾ رابطن ۽ هم آهنگي وڌيڪ بهتر ڪئي وڃي، سمورن صوبن ۾ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽس جي صلاحيت ۾ بهتري اڻڻ جي لاءِ موثر قدم کنيا وڃن، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي جديد هٿيارن ۽ سامان سان ليس ڪيو وڃي، ايپڪس ڪميٽي ۾ ڪيل فيصلن تي ڀرپور عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪ ۾ امن امان جي مجموعي صورتحال تي هڪ اهم اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ چئني صوبن، اسلام آباد، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي سيڪيورٽي جي معاملن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته شهرين جي حفاظت حڪومت جي اولين ذميواري آهي، ان سلسلي ۾ ڪوتاهي جي ڪا گنجائش نه آهي ۽ ڪنهن به قسم جو سيڪيورٽي ليپس برداشت نه ڪيو ويندو. وزيراعظم وفاقي گهرو وزير کي چئني صوبن جو دورو ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته امن امان جي حوالي سان وفاق ۽ صوبن ۾ رابطن ۽ هم آهنگي وڌيڪ بهتر ڪئي وڃي. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته سمورن صوبن ۾ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽس جي صلاحيت ۾ بهتري آڻڻ جي لاءِ موثر قدم کنيا وڃن، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي جديد هٿيارن ۽ سامان سان ليس ڪيو وڃي. هن تاڪيد ڪئي ته ايپڪس ڪميٽي ۾ ڪيل فيصلن تي ڀرپور عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ملڪ جي وڏن شهرن ۾ سيف سٽي پراجيڪٽس کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جا قدم کنيا ويا آهن. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي هدايت تي وفاقي گهرو سيڪريٽري تازو ئي چئني صوبن جو دورو ڪيو جنهن ۾ امن امان جي حوالي سان صوبن کي درپيش مسئلن ۽ گهربل وسيلن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، وزيراعظم جي خاص معاونين سيد طارق فاطمي، جهانزيب خان، چئني صوبن، گلگت بلتستان، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي چيف سيڪريٽريز، اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري جي چيف ڪمشنر، چئني صوبن، گلگت بلتستان، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ اسلام آباد جي آءِ جيز پوليس ۽ لاڳاپيل سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.