اسلام آباد – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۽ آمريڪا ٻطرفن لاڳاپن ۾ مثبت رخ طرف وڌي رهيو آهي، ماضي ۾ اسان جو تعاون، دهشتگردي جي خلاف جنگ جي ڏس ۾ تمام محدود ۽ مخصوص هو جڏهن ته هاڻي هڪ وسيع البنياد حصيداري قائم ڪري رهيا آهيون، پاڪستان ۽ آمريڪا ڪيترن ئي شعبن ۾ تعاون ڪري رهيا آهن جيڪا هڪ سٺي علامت آهي، اسان کي انتهائي مشڪل معاشي صورتحال، ناڻي واڌ، ٻارڻ جي قيمتن ۾ اضافو درپيش آهي، عمران خان وقت کان اڳ چونڊن جي صورت ۾ ڪاميابي حاصل نه ٿو ڪري سگهي، پنهنجي سيٽن تي ضمني چونڊون کٽڻ کي سڄي پاڪستان ۾ ان جي مقبوليت جي ڪوڙي ثبوت طور پيش ڪيو ويو. آمريڪي نشرياتي اداري ”پبلڪ براڊ ڪاسٽنگ سروس“ کي هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته آئون سمجهان ٿو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاءِ اها ڳالهه سڀ کان وڌيڪ اهم آهي ته اسان اهڙا شعبا ڳوليون جن ۾ اسان گڏجي ڪم ڪرڻ تي متفق هجون، اسان ماحوليات ۽ صحت تي گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون، اسان خاص طور تي عورتن جي لاءِ ڪاروباري ۽ اقتصادي موقعا ڳولي رهيا آهيون. پرڏيهي وزير چين سان پاڪستان جي لاڳاپن جو ذڪر ڪندي چيو ته چين اسان جو پاڙيسري ملڪ آهي، ان سان اسان جي هڪ ڊگهي تاريخ آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي شعبي سميت ٻين شعبن ۾ اسان جو تمام گهڻو تعاون آهي. بلاول ڀٽو زرداري پاڪ آمريڪا لاڳاپن جو ذڪر ڪندي چيو ته آمريڪا سان اسان جو تاريخي رشتو آهي جيڪو 1950ع جي ڏهاڪي کان قائم آهي ۽ اسان تاريخ جي دوران حصيداري ڪئي آهي، جڏهن به آمريڪا ۽ پاڪستان گڏجي ڪم ڪيو اسان وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن ۽ جڏهن به اسان جي وچ ۾ ڪو فاصلو پيدا ٿيو اسان ان سان نقصان کنيو. هن چيو ته آئون سمجهان ٿو ته آمريڪا ۽ پاڪستان جي لاءِ اهو بلڪل ممڪن آهي ته ٻئي چين ۽ آمريڪا سان ڳنڍيل رهن. هن چيو ته جيستائين روس جو تعلق آهي، اسان ڪنهن به رعايتي توانائي جو تعاقب نه ڪري رهيا آهيون ۽ نه ئي حاصل ڪري رهيا آهيون پر اسانکي انتهائي مشڪل معاشي صورتحال، ناڻي واڌ، ٻارڻ جي قيمتن ۾ اضافو درپيش آهي، پر توانائي جي عدم تحفظ جي ڏس ۾ اسان پنهنجي علائقن کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ مختلف رستا ڳولي رهيا آهيون جتان اسان پنهنجي توانائي حاصل ڪري سگهون ٿا، اسان کي روس کان جيڪا به توانائي ملي ٿي ان کي ترقي ڏيڻ ۾ ڪافي وقت لڳندو. پاڪستان جي ايندڙ سياسي منظرنامي بابت پڇيل ان سوال ته ڇا وقت کان اڳ چونڊن جي صورت ۾ اڳوڻو وزيراعظم عمران خان ڪاميابي حاصل ڪندو، پرڏيهي وزير چيو ته عمران خان چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل نه ٿو ڪري سگهي. هن چيو ته اسان ان کي بي اعتمادي رٿ جي ذريعي هٽايو، اهو پهريون موقعو آهي جڏهن جمهوري آئيني طريقي جي ذريعي ڪنهن وزيراعظم کي پارليامينٽ مان هٽايو ويو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سوشل ميڊيا جي ذريعي عمران خان جي مقبوليت بابت هڪ غلط تاثر پيش ڪيو ويو، ان جي پنهنجي سيٽن تي ضمني چونڊون کٽڻ کي سڄي پاڪستان ۾ ان جي مقبوليت جي ڪوڙي ثبوت طور پيش ڪيو ويو. هن چيو ته گذريل ڏهاڪي ۾ پاڪستان جي جمهوري ڪاميابي اها آهي ته اسان وٽ هڪ کانپوءِ ٻي پارليامينٽ پنهنجو پنج سالا مدو پورو ڪندي رهي آهي، اسان وٽ 2007ع کان 2013ع تائين حڪومت رهي، ان پارليامينٽ پنهنجو مدو پورو ڪيو ۽ پرامن طريقي سان اقتدار اڳئين پارليامينٽ کي منتقل ڪيو ۽ ان پارليامينٽ پنهنجو مدو پورو ڪري اقتدار موجوده پارليامينٽ کي منتقل ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته آئون نه ٿو سمجهان ته پاڪستان جي لاءِ ان مثال کي ٽوڙڻ جي ڪو معقول سبب رڳو ان لاءِ آهي ته عمران خان وزيراعظم نه رهي. پرڏيهي وزير هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته دنيا کي افغانستان سان مشغول ڪرڻ جي وڪالت بلڪل صحيح آهي، اسان کي ماضي جي غلطين کي نه ورجائڻ گهرجي، افغانستان کي سرد جنگ جي جهاد کانپوءِ ڇڏيو ويو جنهن جي ڪري اسان کي وڌيڪ پريشانين کي منهن ڏيڻو پيو تنهن ڪري اسان جو اصرار آهي ته نه رڳو پاڪستان پر عالمي برادري کي افغانستان سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته جيستائين عورتن جي حقن ۽ عورتن جي تعليم جو تعلق آهي، گهٽ ۾ گهٽ پاڪستان ۾ اسان سمجهون ٿا ته عورتن کي تعليم ۽ معاشري ۾ هر سطح تي برابر حق حاصل آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان کي ان حقيقت تي فخر آهي ته پاڪستان پهرين مسلمان عورت کي وزيراعظم چونڊيو، اهي اسان جي لاءِ مثال آهن، افغانستان جي ڏس ۾ اسان افغان ڇوڪرين کي به ائين ڪرڻ جي ترغيب ڏيون ٿا ۽ هي اهو وچن آهي جيڪو هن عالمي برادري، پنهنجي عوام سان ڪيو آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته افغانستان جي حڪومت ڇوڪرين جي تعليم ۽ پنهنجا ٻيا واعدا پورا ڪندي، انهي جي ڪري اسان انهن سان اها معاملا اٿاريندا رهندا آهيون، اسان ان حقيقت جي حوصلا افزائي ڪريون ٿا ته افغانستان ۾ ڇوڪرين جي لاءِ پرائمري تعليم جي اجازت آهي ۽ اسان ان ڏينهن جا منتظر آهيون جڏهن افغانستان ۾ ڇوڪرين جي لاءِ برابر تعليم جي به اجازت هوندي. پرڏيهي وزير چيو ته منهنجي پارٽي ماضي ۾ به جمهوريت جي پيروي ڪئي آهي ۽ اها اڄ به پاڪستان ۾ جمهوريت جي وڪالت ڪري ٿي ۽ اهو فيصلو عوام تي ڇڏي ٿي ته اها پنهنجي نمائندگي جي لاءِ ڪنهن جي چونڊ ڪرڻ چاهي ٿي.