اسلام آباد – 28 جون (اي پي پي) وقتي صدر ميان رضا رباني چيو آهي ته حڪومت جي ڪوششن سبب پوليو جي مرض ۾ گهڻي حد تائين گهٽتائي آئي آهي. اها ڳالهه وقتي صدر روٽري انٽرنيشنل جي نمائندن سان ڳالهائيندي چئي جن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وقتي صدر اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان جلد ئي پوليو کان مڪمل طور تي ڇوٽڪارو حاصل ڪري وٺندو، ان سلسلي ۾ روٽري انٽرنيشنل جي مدد پاڪستان جي لاءِ تمام گهڻي لاڀائتي ثابت ٿي آهي. وقتي صدر چيو ته ڪاميابي سان جاري ضرب عضب آپريشن سبب 6 لک کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ ممڪن ٿيو آهي.