اسلام آباد– 28 – سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله خان چيو آهي ته عمران خان ۽ اعظم خان جي وچ ۾ غيرملڪي سازش بابت آڊيو ليڪ کانپوءِ عمران خان جي سازشي بيانيي جي ديڳڙي وچ چوراهي ۾ ٽُٽي چڪي آهي، عمران خان جيڪڏهن ان آڊيو ليڪ معاملي تي سپريم ڪورٽ وڃي ته آجيان ڪنداسين، حڪومت آڊيو ليڪ جي فرانزڪ ڪرائڻ وڃي رهي آهي، عدالتي صادق ۽ امين عمران خان جي مڪروهه چهري کي قوم ڏسي ورتو، ذاتي مفادن جي لاءِ قومي مفادن کي به داءُ تي لڳائي ڇڏيو، قوم ان فتني کي سڃاڻي نه ته ملڪ ۽ قوم کي حادثي ۾ وجهي سگهي ٿو، غيرملڪي سازش بيانيي جو اصل بينيفيشل ۽ ڏوهاري عمران خان آهي. هو وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏئي رهيو هو. گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو ته جيڪي ماڻهو گمراهي جو شڪار آهن انهن تي به اها ڳالهه کلي رهي آهي ته عمران خان ملڪ دشمن ايجنڊا تي ڪارفرما آهن، ان جو هر عمل قوم ۽ ملڪ جي نقصان ۾ آهي، عمران خان قوم کي ورڇ ڪرڻ، نوجوانن کي گمراهه ڪرڻ تي سياست ڪري رهيو آهي. ان جي نئين بيانيي جو بنياد ڪوڙ ۽ فراڊ تي آهي، عمران خان جي اڳ ۾ به ڪيترين ئي شين جي وضاحت ڪئي اهي ته قوم ان فتني کي سڃاڻي، نه ته هي ملڪ ۽ قوم کي حادثي ۾ وجهي سگهي ٿو. هن چيو ته عمران خان يونيورسٽي ۾ وڃي نوجوانن جي ذهنن ۾ زهر وڌو، عمران خان چوي ٿو ته منهنجي حڪومت کي آمريڪا سازش جي ذريعي هٽايو، موجوده حڪومت جيڪا جمهوري انداز ۾ ٺهي آهي ان کي به نه ٿو مڃي. هن چيو ته آڊيو ليڪ کانپوءِ عمران خان جي سازشي بيانيي جي ديڳڙي وچ چوراهي ۾ ٽُٽي چڪي آهي، عمران خان سان لاڳاپيل آڊيو وائرل آهي اسان رڳو ميڊيا جي ذريعي قوم کي شعور ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته جيئن فتنه گر ان قوم جو وڌيڪ نقصان نه ڪري. هن چيو ته عمران خان ۽ ان جو سيڪريٽري پاڻ ۾ ڳالهه ٻولهه ڪري رهيا آهن، جيڪو چئي رهيو آهي ته مخالف ڌر ۽ آمريڪا سازش ڪئي آهي، اصل ۾ اها سازش ڪرڻ جي لاءِ اها ڳالهه ٻولهه هئي. هن چيو ته ڪالهه به عمران خان چيو ته هاڻي اسان کي اسلام آباد ۾ واردات ڪرڻي آهي، 25 مئي تي به عمران خان واردات ڪئي هئي جيڪا ڪامياب نه ٿي سگهي. گهرو وزير چيو ته عدالتي صادق ۽ امين جو چهرو عوام ڏسي ورتو، پنهنجي مفاد جي لاءِ آفيشل ميٽنگ جي منٽس کي تبديل ڪرايو. هن چيو ته ڇهن مهينن کان ڪوڙو ۽ فراڊي شخص قوم سان فراڊ ڪري رهيو آهي، پوڻا چار سال ۾ عمران خان ملڪ کي معاشي، اخلاقي ۽ سياسي طور تي تمام گهڻو نقصان پهچايو، سياسي ڪلچر کي تباهه ڪيو، عالمي سطح تي پاڪستان کي اڪيلو ڪيو، اهڙي ئي صورتحال ۾ انڊيا کي اهو موقعو مليو ۽ والاريل ڪشمير هڙپ ڪري ويو. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي اتحادين جڏهن انهن کي ڇڏيو ته عمران خان آمريڪي سازش جو بيانيو قوم آڏو رکيو، اڄ عمران خان جو ڪوڙ به پڪڙيو ويو آهي. هن چيو ته آڊيو ليڪ تي عمران خان سپريم ڪورٽ وڃي، حڪومت فرانزڪ ڪرائيندي. هن چيو ته پاڪستان جي سياسي مفادن سان عمران خان جي حقيقت کلي سامهون اچي چڪي آهي، پوري قوم کي عمران خان جي مڪروهه چهري کي سڃاڻڻ گهرجي، هي قوم کي گمراهه ڪرڻ چاهي ٿو. هڪ سوال جي جواب ۾ گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو ته آمريڪي سازش جو الزام اصل ۾ سياسي بيانيو ٺاهيو ويو، جيڪڏهن ڪو شخص ڪوڙ، مڪاري سان قوم کي ڪنهن ڳالهه تي الجهائڻ جي ڪوشش ۾ ڪامياب ٿئي ٿو ته اهو ملڪ ۽ قوم جو ناقابل تلافي نقصان ٿيندو. هن چيو ته عمران خان جو مڪروهه چهرو سامهون آڻڻ سڀ کان وڏو عمل آهي جيڪو پوري سچائي سان ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس پنهنجي وقت تي ٿيڻو آهي ان جو پڌرنامو جاري ڪيو ويندو. گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو ته ان فراڊ جو بينيفيشل عمران خان هو، اعظم خان ته بيوروڪريٽ آهي، اصل ڏوهاري عمران خان آهي. هن چيو ته سياسي فتني کي جيڪڏهن سياسي طور تي ختم ڪري سگهجي ٿو، جيڪڏهن ڪنهن ٻئي طريقي سان ڪيو ويو ته ان ۾ ڪجهه نه ڪجهه رهجي ويندو. هن چيو ته عمران خان پاڻ چيو ته منهنجي ڪردارڪشيءَ جي وڊيو ليڪ ٿي سگهي ٿي، عمران خان جو هر پهلو ڪوڙ، فراڊ ۽ منفي آهي. هن چيو ته ڪو ڏوهاري اهو چئي الزامن کان آجو نٿو ٿي سگهي ته آئون ڌاڙو هڻڻ ويس اتي ڪئميرا لڳل هئي.