اسلام آباد– 28 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي گڏيل واپار ۾ اضافي جي ذريعي پاڪ افغان لاڳاپان کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته افغانستان ۾ استحڪام سان وچ ايشيائي ملڪن ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ٽرانزٽ ٽريڊ ۾ اضافو ٿيندو، افغانستان ۾ امن سان ڪاسا – 1000، تاپي ۽ ٽي اي پي منصوبن تي عملدرآمد ۾ تيزي ايندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن افغانستان ۾ پاڪستان جي نامزد سربراهه مشن عبيدالرحمان نظاماڻي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته پاڪ افغان لاڳاپا گڏيل تاريخ، ثقافت ۽ عقيدي تي ٻڌل آهن، ٻطرفي واپار جي فروغ، واپاري برادري سان نيٽ ورڪس جي تعمير ۽ شين جي ڪليئرنس هموار بڻائي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته افغانستان ۾ امن ان کي خطي ۾ واپاري ۽ توانائي جو لنگهه بڻائڻ جي راهه هموار ڪندو، افغانستان ۾ استحڪام سان وچ ايشيائي ملڪن ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ٽرانزٽ ٽريڊ ۾ به تيزي ايندي، افغانستان ۾ امن سان ڪاسا – 1000، تاپي ۽ ٽي اي پي منصوبن تي عملدرآمد ۾ تيزي ايندي. صدر چيو ته پاڪستان افغان شاگردن کي علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ۽ ورچوئل يونيورسٽي جي آن لائين يا رڪارڊ ٿيل تعليمي پئڪيجز پيش ڪري ڪري سگهي ٿو، پئڪيجز سان افغان شاگردن کي تعليمي ادارن ۾ وڃڻ کانسواءِ معياري تعليم حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. صدر عارف علوي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ شين جي مٽاسٽا ۾ تيزي آڻڻ جي لاءِ سرحدي منڊين جي قيام ۽ ريگيولرائيزيشن تي زور ڏيندي چيو ته ان قدم سان جلد خراب ٿيندڙ شين جي زيان کي گهٽ ڪرڻ ۽ سرحدي علائقن جي عوام جي معاشي ڀلائي ۾ مدد ملندي. هن اميد ظاهر ڪئي ته مشن جو نئون سربراهه ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۾ ڪردار ادا ڪندو.