اسلام آباد– 28 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته يونيورسٽيون معياري ۽ هنرمند افرادي قوت پيدا ڪرڻ جي لاءِ تحقيق ۽ ترقي جي سرگرمين تي ڌيان ڏين، تعليم يافته نوجوان ملڪي معيشت ۽ سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، يونيورسٽيون مارڪيٽ ضرورتن کي نظر ۾ رکندي ٻه سالا ايسوسيئيٽ ڊگري ڪورسز يا ڊپلومه ڪورسز شروع ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل يونيورسٽي آف ماڊرن لينگئيجز (نمل) جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. صدر چيو ته يونيورسٽيون معياري ۽ هنرمند افرادي قوت پيدا ڪرڻ جي لاءِ تحقيق ۽ ترقي جي سرگرمين تي ڌيان ڏين، جديد ترين علم جي فراهمي، شاگردن جي فڪري واڌويجهه جي لاءِ قاب، پرعزم ۽ پيشيور استادن جون خدمتون حاصل ڪرڻ انتهائي اهميت رکندڙ آهي. هن چيو ته شاگردن ۽ گريجوئيٽس جو انگ وڌائڻ جي لاءِ يونيورسٽيون هائبرڊ ۽ آن لائن تدريسي طريقيڪار اختيار ڪن، تعليمي شعبي جون سموريون لاڳاپيل ڌريون پنهنجي فڪري صلاحيتن کي وڌيڪ نکارين. هن چيو ته تعليم سماجي ۽ اقتصادي ترقي جو سڀ کان وڏو ذريعو آهي، نوجوان عورتن ۽ مردن جي تعليم ۽ تربيت سان انهن کي معاشي طور تي بااختيار بڻائي سگهبو، تعليم يافته نوجوانن کي هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪري ملڪ ۾ رکڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ گهرجي، تعليم يافته نوجوان ملڪي معيشت ۽ سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. صدر عارف علوي چيو ته يونيورسٽيون مارڪيٽ ضڙورتن کي نظر ۾ رکندي ٻه سالا ايسوسيئيٽ ڊگري ڪورسز يا ڊپلومه ڪورسز شروع ڪن. صدر عالمي زبانون سکڻ تي روشني وجهندي چيو ته ان سان ادب، سائنس ۽ ٻين شعبن ۾ موجود علم مان فائدو کڻي سگهجي ٿو. ريڪٽر نمل يونيورسٽي ميجر جنرل (ر) محمد جعفر صدر کي يونيورسٽي پاران شروع ڪيل تعليمي پروگرام ۽ مختلف قدمن تي بريفنگ ڏني.