اسلام آباد -28 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل چيو آهي ته جنيد فيملي فائونڊيشن جو ٿورائتو آهيان هن مشڪل گهڙي ۾ ڳورهارين عورتن جي غذائي جزن تي ٻڌل لکين بوتلون عطيون ڏنيون آهن. جنيد فيملي فائونڊيشن ۽ ڪرڪ هيومينٽرين تنظيم طرفان ڪيترن ئي غذائي جنسن تي ٻڌل 20 لک بوتلون صحت واري وزارت کي گڏيل عطيو ڪيون آهن، ان موقعي تي عبدالقادر پٽيل چيو ته عطيو سنڌ ۽ ٻوڏ متاثرن جي گهرن ۾ ڳورهاين عورتن جي فوري غذائي ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ مدد لاءِ ڏنو ويو آهي، هن وقت ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ تقريبن 6 لک کان وڌيڪ عورتون ڳورهاريون آهن، انهن ڳورهارين عورتن جي صحت جي حفاظت ۽ انهن جي مدد اسان جو مذهبي ۽ اخلاقي فرض آهي. صحت واري وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل چيو آهي ته پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ جي نتيجي ۾ وڏي پئماني تي تباهي ٿي آهي، پاڪستان جي تاريخ ۾ ايتري وڏي قدرتي آفت پهرين ڪڏهن ناهي آئي، اهڙي قدرتي جو ڪا به حڪومت اڪيلي سر مقابلو نٿي ڪري سگهي، هن چيو ته سمورا سرندي وارا ماڻهو، اين جي اوز ۽ معاشري جي هر طبقي تي لازمي آهي ته هو اڳتي وڌي مدد ڪن، هن چيو ته ٻوڏ سبب ملڪ جو ٽيون حصو پاڻي ۾ ٻڏل آهي، حڪومت ٻوڏ متاثرن کي طبي سهولتن جي فراهمي لاءِ هر ممڪن قدمن کي يقيني بڻائي رهي آهي. ان موقعي تي جنيد فائونڊيشن جي چيئرمين حمل دوران اهڙي غذا ماءُ ۽ ٻار جي صحت جي نتيجن ۽ بقا لاءِ اهم آهي، ڳورهارين عورتن ۽ کير پياڪ ٻارن جي صحت جي حوالي سان پاڪستان جا انگ اکر دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ڳڻتي جوڳا آهن، ته ڳورهاريون عورتون ۽ کيرپياڪ ٻار سڀ کان وڌيڪ خطري جو شڪار آهن ۽ اسان ان تڪليف جي هڪ حصي کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون.