اسلام آباد -28 سيپٽمبر (اي پي پي) ماحولياتي تبديلي بابت وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو آهي، ته ماحولياتي تبديلي جي اثرن سڄي دنيا کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي، ان کي نظر ۾ رکندي معيشت جي ٻاڙائي جا پاڪستان سميت عالمي ڏکڻ تي برا اثر پوندا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ورلڊ ٽريڊ آرگنائيزيشن دنيا کي عالمي ٻاڙائي جي حوالي سان خبردار ڪيو آهي. ماحولياتي تبديلي ۽ جاري عالمي ڇڪتاڻ ٻاڙائي جو سبب بڻجي رهيا آهن. پاڪستان کي پهرين ئي برساتن ۽ ٻوڏ سبب خوراڪ ۽ پهچ جا شديد مسئلا درپيش آهن. شيري رحمان چيو ته ٻوڏ سبب اسان جي بنيادي ڍانچي سميت زراعت ۽ آمد و رفت جي نظام کي نقصان ٿيو آهي، 46 لک ايڪڙ ايراضي تي بيٺل فصلن کي نقصان پهتو آهي، هاڻي تائين جي ڪاٿي مطابق 481 ارب رپين جا فصل ۽ جنسون تباهه ٿي چڪيون آهن، 13 هزار ڪلوميٽرن کان وڌيڪ روڊ ۽ 410 پلين کي نقصان پهتو آهي. هن چيو ته آمد و رفت جي نظام ۽ خوراڪ جي بحران سبب ئي ڪيتريون ئي ڏکيائيون پيش اچي سگهن ٿيون. ماحولياتي تبديلي جي اثرن سبب ڪيترائي ملڪ هڪ نئين بحران طرف وڌي رهيا آهن.