اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ ترڪيه مان وڌيڪ هڪ اڏام امدادي سامان کڻي پاڪستان پهچي وئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ترڪيه پاران ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ هيستائين مجموعي طور 14 اڏامون پاڪستان پهتيون آهن. انهن امدادي اڏامن ۾ ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ ماڻهن جي لاءِ امدادي سامان پهتو آهي. پاڪستان ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ امدادي ڪاررواين جي لاءِ انساني امداد جي فراهمي جي آجيان ڪندي ترڪيه جا ٿورا مڃيا آهن.