نيويارڪ – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته دنيا کي 20 هين صدي جي معاملن تان ڌيان هٽائي 21 هين صدي جي مسئلن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي نه ته جنگيون وڙهڻ لاءِ زمين ئي نه بچندي، ڀارت ۽ اسان پاڙيسري آهيون ۽ سدائين پاڙيسري ٿي رهنداسين، هاڻي اهو فيصلو ڪرڻو آهي ته امن سان رهون ٿا يا جنگ وڙهون، اسان کي وسيلا هٿيارن جي خريداري بدران ايندڙ نسلن جي بهتر مستقبل، عوام جي تعليم، ترقي ۽ انهن کي روزگار جي فراهمي تي خرچ ڪرڻ گهرجن. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس کي خطاب ۾ ڪشمير مسئلي جو ذڪر ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير جي پراڻي تڪرار کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب حل ڪرڻ کانسواءِ ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن قائم نه ٿو ٿي سگهي. هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ عدالت کان مٿانهون قتل جو سلسلو جاري آهي ۽ آبادي جو تناسب تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته والاري علائقي ۾ ڀارت 9 لک کان وڌيڪ قابض فوجي مقرر ڪري رکيا آهن جنهن جي ڪري اهو دنيا جو واحد علائقو آهي جتي ايتري وڏي انگ ۾ فوجي مقرر آهن. هن چيو ته ڀارتي فوجين پاران والاريل علائقي ۾ ڪشميرين جي عدالت کان مٿانهين قتل، پيلٽ گنز سميت طاقت جي وحشياڻي استعمال، ظلم ۽ تشدد ۽ انساني حقن جون سنگين پائماليون جاري آهن. هن چيو ته ڀارت مسلمان اڪثريتي والاريل ڪشمير کي هندو اڪثريتي علائقو بڻائڻ چاهي ٿو ۽ ان مقصد جي لاءِ 25 لک غيرڪشميرين کي ڊوميسائيل سرٽيفڪيٽس جاري ڪيا ويا آهن، ڪشميرين جي ملڪيتن ۽ زمينن تي قبضو ڪيو پيو وڃي ۽ ڪشميري مسلمان اڪثريتي سڃاڻپ کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ نام نهاد تڪبنديون ڪيون ويون آهن ۽ اهي سمورا قدم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن، عالمي قانونن کانسواءِ چوٿين جنيواڪنوينشن جي واضح خلاف ورزي آهي. هن چيو ته والاريل ڪشمير جو مسئلو ڊگهي عرصي کان حل طلب آهي. شهباز شريف چيو ته ڀارت سميت سمورن پاڙيسري ملڪن سان پرامن لاڳاپا چاهيون ٿا، خطي ۾ پائيدار امن جي لاءِ ڪشمير مسئلي جو حل ضروري آهي، والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي غيرقانوني هڪطرفي قدمن سان امن عمل متاثر ٿيو آهي. ڀارت والاريلڪشمير ۾ 5 آگسٽ 2019ع تي غيرقانوني قدم کنيو. ڀارت کي سمجهڻو پوندو جنگ ڪو آپشن نه آهي. شهباز شريف مظلوم ڪشميرين سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪندي انهن جي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ انهن جي مڪمل حمايت جاري رکڻ جي عزم کي ورجايو. هن هڪ ڀيرو ٻيهر واضح ڪيو ته ڪشمير مسئلي کي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب حل ڪرڻ کانسواءِ ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن قائم نه ٿو ٿي سگهي. هن چيو ته اسان ڀارت سميت پنهنجي سمورن پاڙيسرين سان امن چاهيون ٿا. اسان پاڙيسري آهيون ۽ سدائين پاڙيسري رهنداسين، اهو فيصلو اسان کي ڪرڻو آهي ته امن سان گڏ رهون يا جنگ وڙهون، اسان ٽي جنگيون وڙهيون جنهن سان خطي ۾ غربت ۽ بيروزگاري وڌي آهي. هن چيو ته اسان کي پنهنجا وسيلا هٿيار خريد ڪرڻ بدران ايندڙ نسلن جي بهتر مستقبل، عوام جي تعليم، ترقي ۽ انهن کي روزگار جي فراهمي تي لڳائڻ گهرجن. هي وقت آهي ڀارت پيغام کي سمجهي جنگ ڪو حل نه آهي، رڳو پرامن ڳالهين سان ئي مسئلا حل ٿي سگهن ٿا ته جيئن دنيا ۾ امن قائم ٿي سگهي. هن ڀارت ۾ انتهاپسند گروپن پاران مسلمانن جي نسل ڪشيءَ تي پڻ ڳڻتي ظاهر ڪئي. وزيراعظم چيو ته 20 هين صديءَ جي معاملن تان ڌيان هٽائي 21 هين صدي جي مسئلن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي نه ته جنگيون وڙهڻ جي لاءِ زمين ئي باقي نه بچندي. هن چيو ته گڏيل قومن جي قراردادن موجب ريفرنڊم يقيني بڻائڻ تائين ڪشمير مسئلو حل نه ٿيندو. وزيراعظم گڏيل قومون ۽ ان جي ميمبر ملڪن کي اسلامو فوبيا ۽ بين المذاهب هم آهنگي جي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ تي زور ڏنو. شهباز شريف چيو ته اسلامو فوبيا هڪ عالمي رجحان آهي، گڏيل قومون ان بابت اختيار ڪيل قرارداد تي عملدرآمد يقيني بڻائي. هن اسرائيل پاران فلسطينين جي انساني حقن جي خلاف ورزين ۽ مسجد اقصيٰ جي بي حرمتي بند ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. هن چيو ته پاڪستان 1963ع کان واري سرحدن موجب فلسطين مسئلي جو حل چاهي ٿو جنهن جو گادي وارو شهر القدس الشريف هجي. افغانستان بابت شهباز شريف چيو ته پاڪستان هڪ پرامن افغانستان جو خواهشمند آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪري ٿو ڇو ته دهشتگردي جو ڪو مذهب ناهي هوندو ۽ ان جو بنيادي سبب غربت ۽ بيروزگاري آهي.