APP05-150922 RAWALPINDI: : September15 - Prime Minister Muhammad Shehbaz Sharif departs for Samarqand, Uzbekistan to attend the annual meeting of the Council of Heads of State of the Shanghai Cooperation Organisation. APP

اسلام آباد – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شنگهائي تعاون تنظيم جي مملڪتي سربراهن جي سالياني اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ٻن ڏينهن جي دوري تي اڄ خميس ڏينهن اسلام آباد کان ثمرقند روانو ٿيندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ثمرقند ايئرپورٽ کان حضرت خضر ڪمپليڪس ويندو جتي هو مسجد خضر سميت اسلام ڪاري – موف جي مزار تي پڻ ويندو جنهن کانپوءِ وزيراعظم تاجڪستان جي صدر امام امام علي رحمان ۽ ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزيئوف ۽ روسي صدر ولاديمير پيوٽن سان جدا جدا ملاقات ڪندو. وزيراعظم ايراني صدر ابراهيم رئيسي، بيلاروس جي صدر اليگزينڊر گريگوري – وچ لوڪا شينڪو ۽ ڪرغزستان جي صدر سيد راجاپاروف سان پڻ ملاقات ڪندو. وزيراعظم ازبڪ صدر پاران مملڪتي سربراهن جي مان ۾ ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت ڪندو. آجياڻي کانپوءِ وزيراعظم ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان سان ملاقات ڪندو.