APP121-290822 ISLAMABAD: August 29 - Prime Minister Shehbaz Sharif chairs National Flood Emergency Meeting. APP

اسلام آباد – 29 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ٿيل حڪمران اتحاد جي اجلاس ۾ ملڪ ۾ ٻوڏ جي صورتحال کي منهن ڏيڻ ۽ متاثرين جي بحالي لاءِ ”نيشنل فلڊ ريسپانس اينڊ ڪوآرڊينيشن سينٽر“ قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته متاثرين جي لاءِ قائم وزيراعظم ريليف فنڊ ۾ اندرون ۽ ٻاهرئين ملڪ مان عطيا گڏ ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور مهم هلائڻ تي اتفاق ڪيو آهي، ٻوڏ واري پاڻي کي محفوظ بڻائڻ جي لاءِ منصوبابندي، دريائن ۽ پاڻي جي لنگهن تي غيرقانوني اڏامن جي خاتمي ۽ موسمياتي تبديلين جي ڪري خطرن ۽ موجوده حالتن مان سبق حاصل ڪندي مستقبل جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي جي تياري تي پڻ اتفاق ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ حڪومت جي اتحادي پارٽين جو اهم اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ ملڪ ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ گڏيل مشاورت کانپوءِ ملڪ ۾ ٻوڏ جي صورتحال کي منهن ڏيڻ ۽ متاثرين جي بحالي لاءِ نيشنل فلڊ ريسپانس اينڊ ڪوآرڊينيشن سينٽر قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ ٻوڏ دوران فوت ٿيندڙن جي لاءِ فاتحه خواني، زخمين جي جلد صحتيابي جي دعا ڪئي وئي جڏهن ته پونئيرن سان دلي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ويو. اجلاس ۾ قرار ڏنو ويو ته 60 سالن ۾ ايتري وڏي تباهي ناهي ٿي جيتري تازين برساتن ۽ بوڏ جي نتيجي ۾ سڄي ملڪ خاص طور تي سنڌ، بلوچستان، خيبرپختونخواهه، ڏکڻ پنجاب ۽ گلگت بلتستان ۾ ٿي آهي. اجلاس وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ ٻوڏ متاثرين جي ريسڪيو ۽ ريليف جي لاءِ هنگامي قدمن، ٻوڏ متاثر علائقن جي مسلسل دورن ۽ بنا رڪاوٽ معاونت جي فراهمي جي اڻٿڪ ڪوششن کي ساراهيو. وفاق پاران فوري طور تي ٻوڏ متاثرين جي مدد جي لاءِ اين ڊي ايم اي کي 5 ارب رپيا جاري ڪرڻ، سنڌ صوبي جي لاءِ 15 ارب، بلوچستان صوبي کي 10 ارب رجي خصوصي گرانٽ کانسواءِ هر فوت ٿيندڙ جي گهرڀاتين کي 10 لک رپيا ڏيڻ، زخمين، گهرن سميت ٻئي نقصان تي زرتلافي جي ادائيگي تي خراج تحسين پيش ڪيو ويو. اجلاس ان امداد کانسواءِ فوري طور تي ٻوڏ متاثر هر شخص کي 25 هزار رپيا روڪ رقم جي فراهمي جي وزيراعظم جي قدم کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو. اجلاس ٻوڏ متاثر علائقن ۾ مظلوم ملڪ واسين جي دادرسي ۽ سارسنڀال جي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن، مرڪزي ۽ صوبائي ادارن، آرمي، نيوي، فضائيه سميت هنگامي امداد جي فراهمي ۾ شامل سمورن ماڻهن کي خراج تحسين پيش ڪندي ٻوڏ ۾ گهيريل عوام جي ڏينهن رات مدد جي قومي جذبي کي سلام پيش ڪيو. اجلاس قدرتي آفت کي منهن ڏيڻ ۾ انٽرنيشنل پارٽنرز، عالمي برادري، گڏيل قومن، ترقياتي ادارن خاص طور تي دوست ملڪن جا ٿورا مڃيا ۽ اميد ظاهر ڪئي ته اهي ٻوڏ متاثرين جي امداد ۽ بحالي جي عمل ۾ ڀرپور معاونت ڪندا. اجلاس ٻوڏ متاثرين سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪندي ان پڪي عزم جو اظهار ڪيو ته اتحادي پارٽين جي حڪومت پنهنجي ٻوڏ متاثر ڀائرن، ڀينرن ۽ ٻارن جي ٻيهر انهن جي گهرن ۾ آبادڪاري تائين سک سان نه ويهندي، انهن کي اڪيلو نه ڇڏيندي ۽ انهن جي زندگين کي ٻيهر معمول تي آڻڻ جي لاءِ هر ممڪن وسيلا استعمال ۾ آڻيندي. اجلاس ان تجويز جي تائيد ڪئي ته ٻوڏ سبب وڏي پئماني تي ٿيندڙ تباهي کي نظر ۾ رکندي قومي سطح تي نئين سر تعمير جو ٺوس پلان جوڙيو وڃي. وفاقي حڪومت جي رهنمائي ۾ صوبائي حڪومتن ۽ ادارن جي مشاورت سان نقصانن جي حتمي ڪاٿي جو ڪم شفاف انداز ۾ مڪمل ڪيو وڃي ۽ گڏوگڏ متاثرين جي ٻيهر آبادڪاري جي لاءِ وقت جي واضح تعين سان موثر منصوبابندي ڪئي وڃي. اجلاس ان تجويز جي پڻ تائيد ڪئي ته موسمياتي تبديلين سان خطرن ۽ موجوده حالتن مان سبق سکندي مستقبل جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي تيار ڪئي وڃي ته جيئن اڳواٽ تياري يقيني بڻائن جي هر ممڪن ڪوشش ڪري سگهجي. دريائن ۽ پاڻي لنگهن ۾ غيرقانوني اڏاوتن کي ختم ڪرڻ کانسواءِ انتظامي مشينري جي صلاحيت ۽ صلاحيت وڌائڻ جي لاءِ ضروري قدم کنيا وڃن. ٻوڏ جي پاڻي کي محفوظ بڻائڻ جي لاءِ منصوبابندي ڪئي وڃي. اجلاس وزيراعظم شهباز شريف پاران وزيراعظم ريليف فنڊ 2022ع قائم ڪرڻ جي فيصلي جي حمايت ڪندي اندرون ۽ ٻاهرئين ملڪ مان عطيا گڏ ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور مهم هلائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. ان ڏس ۾ حڪومتي، پارٽي ۽ انفرادي سطح تي تحريڪ هلائي ويندي ته جيئن سرندي وارن، ادارن، انٽرنيشنل پارٽنرز ۽ دوست ملڪن جي تعاون سان ٻوڏ متاثرين جي بحالي جي ڪم کي پڄاڻي تائين پهچائي سگهجي.