APP18-250822 DOHA: August 25 – Transport Minister of Qatar Jasim Saif Al Sulaiti sees off Prime Minister Muhammad Shehbaz Sharif at Doha Airport. APP

دوحه – 25 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جو ٻن ڏينهن جو اهم سرڪاري دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ دوحه کان اسلام آباد ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم کي دوحه جي هوائي اڏي تي قطر جي ٽرانسپورٽ واري وزير جاسم سيف ال سليطي رخصت ڪيو. وزيراعظم جي قطر جي امير، قطري قيادت جي ٻين اهم اڳواڻن، قطر انويسٽمينٽ اٿارٽي ۽ واپارين سان ڪامياب ملاقاتن جي نتيجي ۾ قطر انويسٽمينٽ اٿارٽي پاڪستان ۾ مختلف واپاري ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ 3 بلين آمريڪي ڊالر جي سيڙپڪاري جي تياري ڪري رهي آهي. دوري جي دوران وزيراعظم قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني ۽ قطر جي وزيراعظم شيخ خالد بن خليفه عبدالعزيز الثاني سان جدا جدا ملاقاتون ڪيون جن ۾ ٻطرفن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي ۽ گڏيل واپاري کي وڌائڻ جي لاءِ اداراجاتي رابطن کي مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. وڌيڪ اهو ته زراعت، خوراڪ، توانائي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ ۽ پاڪستان ۾ قابل تجديد توانائي، سياحت ۽ ميزباني جي شعبن ۾ قطر جي سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي تي اتفاق ڪيو ويو. وزيراعظم قطر انويسٽمينٽ اٿارٽي ۽ بزنس ايسوسيئيشن جي وفدن سان پڻ ملاقاتون ڪيون. وزيراعظم پنهنجي دوري دوران پاڪستان – قطر ٽريڊ انويسٽمينٽ رائونڊ ٽيبل ڪانفرنس ۾ پڻ شرڪت ڪئي. ڪانفرنس ۾ قطر جي ناليوارن ڪاروباري ۽ ڪارپوريٽ ايگزيڪيوٽوز سان دوحه قطر ۾ پاڪستاني واپاري برادري جي هڪ وڏي انگ شرڪت ڪئي. ڪانفرنس جي دوران قطري واپارين ۽ سيڙپڪارن پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم دوحه ۾ فيفا ورلڊ ڪپ 2022ع جي جڳهه 974 اسٽيڊيم جو دورو پڻ ڪيو. وزيراعظم اسٽيڊيم ۾ موجود سهولتن کي ساراهيو ۽ اسٽيڊيم جي منفرد تعمير کي ساراهيو ۽ قطر ۾ فيفا ورلڊ ڪپ منعقد ڪرڻ تي قطر جي قيادت ۽ عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ ان سلسلي ۾ پاڪستان جي مڪمل حمايت جو يقين ڏياريو. وزيراعظم محمد شهباز شريف جو وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ قطر جو هي پهريون سرڪاري دورو هو.