قلعه سيف الله – 01 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف طوفاني برسات ۽ ٻوڏ سبب متاثر ماڻهن جي لاءِ قائم خوشنوب خيما بستيءَ ۾ رهندڙ ماڻهن کي کاڌي ۽ پاڻي جي عدم فراهمي ۽ مريضن جو رڪارڊ نه رکڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ڪوتاهي جي ذميوارن خلاف سخت ايڪشن کنيو ويندو، متاثرين کي ڪنهن به قسم جي ڪا تڪليف نه ٿئي، ڪاغذي ڪارروائي برداشت نه ڪنداسين، امدادي سرگرميون ڀرپور انداز ۾ جاري آهن، وفاقي حڪومت ريليف ۽ بحالي جي سرگرمين ۾ صوبائي حڪومت جي ڀرپور مدد ڪندي، پلين ۽ روڊن جي بحالي لاءِ سروي کانپوءِ ڪم شروع ٿيندو، متاثرين کي معاوضي جي فوري ادائيگي ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن خوشنوب ٽينٽ بستيءَ جي دوري جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي بلوچستان جو وڏو وزير عبدالقدوس بزنجو، هائوسنگ وارو وفاقي وزير مولانا عبدالواسع، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، منشيات جي خاتمي وارو وفاقي وزير شاهه زين بگٽي، دفاعي پيداوار وارو وفاقي وزير اسرار ترين، توانائي وارو مملڪتي وزير محمد هاشم نوتيزئي ۽ قومي اسيمبلي جو ميمبر صلاح الدين ايوبي به وزيراعظم سان گڏ هو. وزيراعظم چيو ته هن طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ سبب متاثر ماڻهن جي لاءِ قائم ڪيل ٽينٽ بستيءَ جو دورو ڪيو پر ڪجهه ڪمزوريون سامهون آيون آهن، جنهن تي فوري ايڪشن کنيو ويندو، ميڊيڪل ڪئمپ ۾ عملو موجود آهي پر مريضن جو ڪو رڪارڊ نه آهي، عملو هجڻ جي باوجود رڪارڊ نه هجڻ وڏي ڪمزوري آهي. هن چيو ته اها ٽينٽ بستيءَ انهن ماڻهن جي لاءِ لڳائي وئي آهي، جن جا گهر برساتن ۽ ٻوڏ سبب تباهه ٿي ويا آهن، منهنجي بزرگن ۽ ٻارن سان به ملاقات ٿي آهي، 8 ٻار ۽ هڪ ننڍڙي هتي فوت ٿي، انهن جي پونئيرن سان فاتحه خواني به ڪئي آهي پر افسوس جي ڳالهه آهي ته ٽينٽ بستيءَ ۾ هنيل ڪئمپن ۾ کاڌو ۽ پاڻي نه ملڻ جون شڪايتون ڪيون ويون آهن ۽ انهن ٻڌايو ته اهي ٻاهران کاڌو گهرائڻ تي مجبور آهن، امدادي ڪئمپ ۾ کاڌو فراهم نه ڪرڻ تي انتظاميا جي خلاف ايڪشن کنيو ويندو. هڪ 8 سالا ذهين ٻار جهڙي طريقي سان پنهنجون مشڪلاتون بيان ڪيون آهن، ان کان تمام گهڻو متاثر ٿيو آهيان، وڏو وزير ان ٻار جي مفت تعليم لاءِ قدم کڻي. هن چيو ته کاڌي ۽ پاڻي کانسواءِ هتي ڪئمپون لڳايون ويون آهن، انتظاميا جي خلاف فوري ايڪشن کڻڻ گهرجي، مون کي اميد آهي ته وڏو وزير ذميوارن جي خلاف ڪارروائي ڪندو. هن چيو ته ماڻهن کي اڄ کان کاڌي ۽ پاڻي جي فراهمي ٿيڻ گهرجي، انهن کي ڪنهن به قسم جي تڪليف نه ٿئي، جيڪڏهن متاثرين کي اسان کاڌو به فراهم نه ٿا ڪري سگهون ته اسان جي هن سڄي ڪوشش جو ڪهڙو فائدو آهي، کاڌي سان گڏوگڏ علاج جي سهولتن جو به جائزو ورتو وڃي، رڳو ڪاغذي ڪارروائي نه ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته وفاقي حڪومت سڀني وڏن وزيرن سان گڏجي بحالي، ريسڪيو ۽ آبادڪاري جي لاءِ تعاون ڪندي، برساتن ۽ ٻوڏ سبب فصلن، روڊن، پلين ۽ ٻيا بنيادي ڍانچا متاثر ٿيا آهن ۽ جيڪو جاني نقصان ٿيو آهي ان تي فوري مالي مدد ۽ معاوضي جي ادائيگي کي يقيني بڻايو وڃي. وفاقي حڪومت فوت ٿيندڙن جي پونئيرن کي 10 لک جو معاوضو ادا ڪندي. صوبائي حڪومت به 10 لک رپيا معاوضو ادا ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. مڪمل طور تي تباهه ٿيندڙ گهرن جو معاوضو 5 لک رپيا ۽ جزوي طور تي متاثر ٿيندڙ گهرن جي لاءِ 2 لک رپيا ادا ڪيا ويندا، پلين، روڊن ۽ فصلن ۽ چوپائي مال کي ٿيندڙ نقصانن جو ڪاٿو لڳائڻ لاءِ پي ڊي ايم اي ۽ صوبائي حڪومت گڏجي سروي ڪندا ۽ ان سروي موجب متاثرين کي معاوضو ادا ڪيو ويندو ۽ نقصان جو ازالو ڪيو ويندو. متاثر پلين ۽ روڊن جي سروي کانپوءِ نئين سر تعمير جي ڪم جي شروعات ڪئي ويندي. ان موقعي تي بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو ٽينٽ بستيءَ ۾ کاڌي ۽ پاڻي جي عدم فراهمي تي قلعه سيف الله جي ڊپٽي ڪمشنر لاڳاپيل مختيارڪارن ۽ پي ڊي ايم اي جي انچارج کي معطل ڪري انڪوائري جو حڪم ڏيندي چيف سيڪريٽري کي چيو ته انهن آفيسرن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ته ڇو انهن ڪوتاهي ڪئي آهي. اڄ کان خيما بستيءَ ۾ سمورن متاثرين کي کاڌي ۽ ٻين سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. هن چيو ته جنهن جنهن ضلعي ۾ به ٻوڏ ۽ برساتن سبب متاثر ماڻهن کي سهولتون فراهم نه ڪيون ويون اتان جو ڊپٽي ڪمشنر پنهنجو پاڻ کي معطل سمجهي. هائوسنگ واري وفاقي وزير مولانا عبدالواسع چيو ته برساتن ۽ ٻوڏ سبب متاثر ڏورانهن علائقن جو دورو ڪرڻ ۽ متاثرين جي سار لهڻ تي وزيراعظم ۽ وڏي وزير جا ٿورا مڃان ٿو. هن چيو ته متاثرين جي مڪمل بحالي تائين پنهنجون ڪوششون جاري رکنداسين.