
اسلام آباد – 13 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب موجوده حڪومت پاران گيهه جي قيمتن ۾ 250 روپين جي وڏي لاٿ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ سمورن يوٽيلٽي اسٽورز تي گيهه 300 روپيا في ڪلو دستياب هوندو، سستو اٽو اسڪيم تحت سڄي ملڪ ۾ يوٽيلٽي اسٽورز تي 10 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 400 روپين ۾ فراهم ڪيو پيو وڃي، 2018ع ۾ اٽي جي قيمت 35 رويا في ڪلو هئي جيڪا گذريل چئن سالن دوران 90 روپين کان 100 روپيا في ڪلو ۽ گيهه 550 روپين کان 600 روپيا في ڪلو وڪرو ٿيندو رهيو، گذريل حڪومت چئن سالن ۾ مافيا ۽ ڪارٽلرز جا کيسا ڀريا، عوام کي مهانگائي کي چيڪي ۾ پيڙهيو ويو، اهو ئي سبب آهي جو موجوده حڪومت عوام کي مهانگائي جي اثرن کان محفوظ رکڻ لاءِ سبسڊي ۽ رليف ڏيڻ جا قدم کڻي رهي آهي. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم جي سستو اٽو اسڪيم کانپوءِ ملڪ ۾ سستو گيهه اسڪيم شروع ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته 2018ع ۾ پاڪستان ۾ اٽي جي قيمت 35 روپيا في ڪلو هئي جيڪا گذريل چئن سالن دوران 90 روپين کان 100 روپيا ڪلو تائين پهچي، هن چيو ته يوٽيلٽي اسٽورز سميت پوري ملڪ ۾ اٽي جي ڪوالٽي تي به سمجهوتو ڪيو ويو، اٽو ۽ کنڊ اسمگل ٿي، انهن کي برآمد ڪيو ويو ۽ کوٽ پيدا ڪري قيمت وڌائي وئي ۽ وري درآمد ڪئي وئي، هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف مهانگائي جي وڌندڙ شرح کي نظر ۾ رکندي يوٽيلٽي اسٽورز تي اٽي جي قيمت 400 روپيا في 10 ڪلو گرام مقرر ڪئي آهي، هن چيو ته پهرين جون 2022ع کان خيبرپختونخنوا ۾ يوٽيلٽي اسٽورز جي ذريعي اٽي جي قيمت 400 روپيا في 10 ڪلو گرام فراهم ڪرڻ جو منصوبو شروع ٿيو، خيبرپختونخوا ۾ يوٽيلٽي اسٽورز جو تعداد گهٽ هجڻ جي ڪري اتي 6 جون 2022ع کان 100 موبايئل يوٽيلٽي اسٽورز جا يونٽ شام ڪيا ويا آهن جنهن جي ذريعي خيبرپختونخوا جي ماڻهن کي سستو اٽو فراهم ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته 9 جون تي فوري طور تي يوٽيلٽي اسٽورز جا اضافي 500 پوائنٽ اٽي جي پهچ لاءِ مختص ڪيا ويا آهن، اڄ ان ۾ وڌيڪ 100 پوائنٽس شامل ڪيا ويا آهن، هن ٻڌايو ته اهڙي طرح تقريبن 700 موبائيل وينز ۽ 600 پوائنٽس تي اٽي جو 10 ڪلوگرام جو ٿيلهو 400 روپين ۾ فراهم ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته هن وقت تائين 600 سيلز پوائنٽس تي 2 لک 62 هزار 434 اٽي جا 10 ڪلو جا ٿيلها ورهايا ويا آهن، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته يوٽيلٽي اسٽيشنريز پوائنٽس يا موبائيل وينز جن علائقن ۾ نٿيون پهچي سگهن، ان ڏس ۾ عوام جي آساني لاءِ ٽال فري نمبر 080005590 مقرر ڪيو ويو آهي جنهن تي عوام پنهنجي شڪايت داخل ڪرائي سگهي ٿي، ان کانسواءِ اٽي جي معيار يا قيمتن ۾ فرق جي حوالي سان شڪايت ٽال لاءِ 051111123570 نمبر مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن تي عوام پنهنجي شڪايت داخل ڪرائي سگهي ٿو. اطلاعات واري وفاقي وزير گيهه جي قيمتن جي حوالي سان سان ٻڌايو ته 2018ع ۾ مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ هڪ ڪلو گيهه جي قيمت 150 روپيا هئي، گذريل چئن سالن ۾ گيهه 550 روپين کان 600 روپين جي وچ ۾ في ڪلو وڪرو ٿيندو رهيو، هن چيو ته 9 جون تي گيهه جي مد ۾ سبسڊي جو آغاز ڪيو ويو جنهن جو مجموعي ماپو 3 ارب روپيا آهي، هن چيو ته گيهه جي قيمت مارڪيٽ ۾ 550 روپيا ڪلو تائين پهچي چڪي آهي، حڪومت يوٽيلٽي اسٽورز تي 250 روپين جي سبسڊي ڏئي گيهه جي قيمت 300 روپيا في ڪلو ڪري ڇڏي آهي، وفاقي وزير چيو ته يوٽيلٽي اسٽورز ۾ اٽو، کنڊ ۽ ٻين شين جي گهٽتائي جي لاءِ مانيٽرنگ نظام قائم ڪيو ويو آهي، پرائس ڪنٽرول ڪميٽيون به جوڙيون ويون آهن، جيڪي ذخيره اندروزي سميت يوٽيلٽي اسٽورز تي وڪرو ٿيندڙ اٽي، کنڊ ۽ گيهي کي ٻاهر مارڪيٽ ۾ مهانگو وڪرو ڪرڻ جهڙن معاملن جي نگراني ڪنديون، ان کانسواءِ اهي ڪميٽيون اسمگلنگ جي به نگراني ڪنديون، هن چيو ته مانيٽرنگ ڪميٽيون چيف سيڪريٽريز کي اپ ڊيٽ ڏينديون آهن ۽ وزيراعظم هر هفتي ان حوالي سان اجلاس منعقد ڪندو آهي جنهن ۾ فوڊ سيڪيورٽي ۽ صنعت جي وزيرن سميت صوبائي چيف سيڪريٽريز به شرڪت ڪندا آهن، وفاقي وزير چيو ته عوام جيڪڏهن يوٽيلٽي اسٽورز تي قيمتن ۾ فرق ڏسي يا ڄاڻايل شيون دستياب نه هجن ته ٽال فري نمبر تي اطلاع ڏئي سگهجي ٿي، عوام جي شڪايت تي ٽيمون فوري ايڪشن کڻنديون، هن چيو ته بجيٽ ۾ 17 ارب روپين جي سبسڊي کنڊ، گيهه ۽ اٽي جي مد ۾ رکي وئي آهي، هن چيو ته بي آءِ ايس پي ۾ رجسٽرڊ غريب عوام کي ماهوار 2 هزار روپيا ڏنا پيا وڃن، ان کانسواءِ 40 هزار کان گهٽ آمدني وارا ماڻهو سستو پيٽرول ۽ ڊيزل جي سبسڊي 786 تي ايس ايم ايس ڪري حاصل ڪري سگهن ٿا، هن چيو ته اها سبسڊي عوام جي مشڪلاتن کي ڏسندي ڏني پئي وڃي، وفاقي وزير چيو ته ٻاهرين سازش جو بيانيو اختيار ڪندڙ اڄ مهانگائي تي ليڪچر ڏي رهيا آهن، عمران خان چوندو هو ته آئون وزيراعظم آهيان، آئون ٽماٽن ۽ پٽاٽن جون قيمتون ڏسڻ ناهيان آهيون، گذريل چار سال عوام مهانگائي جي زد ۾ رهي جڏهن ته موجوده حڪومت کي آئي ٻه مهينا ٿيا آهن ۽ هو عوام کي مهانگائي کان رليف ڏيڻ جي باري ۾ سوچي رهي آهي، هن چيو ته گذريل چئن سان دوران مافيا ۽ ڪارٽلز جا کيسا ڀريا ويا، عوام کي بيروزگار ڪيو ويو اهو ئي سبب آهي جو موجوده حڪومت عوام کي سبسڊي ۽ رليف ڏيڻ جا قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته عوام کي روزاني جي بنياد تي اپ ڊيٽ ڪيو ويندو، وزيراعظم سمورين شڪايتن کي پاڻ مانيٽر ڪر رهيو آهي.وفاقي وزير چيو ته عوام ڄاڻي ٿي ته اڄ مشڪل فيصلا ڇو پيا ڪيا وڃن؟ هن چيو ته گذريل چار سال مهانگائي جي لهر ۾ بي پناهه اضافو ٿيو، حڪومت اهڙا قدم کڻي رهي آهي ته مهانگائي جو بار عوام تي گهٽ پئي، هن چيو ته اسان ملڪ کي معاشي استحڪام طرف وٺي وينداسين، بجيٽ جو وڏو حصو زرعي شعبي لاءِ مختص ڪيو ويو آهي، ٽريڪٽرز، ٻج سميت ٻين زرعي اوزارن تي زيرو ٽيڪس آهي، قابل تجديد توانائي تي به زيرو ٽيڪس آهي، اسان تمام جلد بهتري طرف وينداسين، هن چيو ته اڳوڻي حڪومت هڪ ڪروڙ نوڪريون ۽ 50 لک گهرن جي فراهمي جو ڪوڙ ڳالهايو، 90 ڏينهن ۾ ڪرپشن ختم ڪرڻ ۽ 100 ڏينهن ۾ معيشت ٺيڪ ڪرڻ جا ڪوڙا دعويٰ ڪيا، گذريل چار سالن دوران پاڪستان جي عوام مهانگائي کانسواءِ ڪجهه ناهي ڏٺو، موجوده حڪومت اعلان نه پر عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته پيٽرول جي قيمت ۾ اضافي جو بنيادي سبب آءِ ايم ايف جو اهو معاهدو آهي جيڪو پي ٽي آءِ جي حڪومت ڪمزور بنياد تي آءِ ايم ايف سان طئي ڪيو، هن چيو ته مسلم ليگ (ن) 2015ع ۾ آءِ ايم ايف پروگرام مڪمل ڪري ورتو هو ۽ ملڪ کي معاشي استحڪام طرف وٺي وياسين، هن چيو ته 2018ع ۾ معيشت 6 سيڪڙو تي ترقي ڪري رهي هئي ملڪ جي تاريخ ۾ مهانگائي جي شرح گهٽ ترين هئي، سي پيڪ تحت منصوبا اچي رهيا هئا، ناڻي واڌ جي شرح 2.3 سيڪڙو هئي، هن وقت مهانگائي جي شرح عمران خان جي دور ۾ 16 سيڪڙو تائين وئي، هن چيو ته آءِ ايم ايف معاهدي جي جن شرطن تي صحيحون ٿيو اهو معاهدو پبلڪ ٿي چڪو آهي، هن چيو ته اسان جي لاءِ تمام گهڻو آسان هو ته اسان جنهن ڏينهن حڪومت سنڀالي انهي ڏينهن پيٽرول جي قيمت وڌائي ڇڏيون ها ۽ چئون ها ته اهو معاهدو عمران خان صحيح ڪيو هو، هن چيو ته عمران خان پنهنجي سياست کي بچائڻ لاءِ مجرماڻي فيصلا ڪيا ۽ بارودي سرنگهون وڇائي ويو، جڏهن عمران خان کي خبر پئي ته ان جي خلاف عدم اعتماد ڪامياب ٿيڻ لڳي آهي ته هن پيٽرول جي قيمت گهٽ ڪئي ان جي اي سي سي ۽ ڪابينا مان منظوري نه ورتي وئي هئي، هن چيو ته اهي اسان جي لاءِ آسان هو ته اسان ايندي ئي سمري ڏيکاري قيمتون وڌائي ڇڏيون ها پر وزيراعظم شهباز شريف قيمتون وڌائڻ کان پهرين عوام لاءِ رليف ڊزائن ڪيو، 28 ارب روپين جي سبسڊي فراهم ڪرڻ جو مقصد اهو هو ته اسان کي آءِ ايم ايف جي معاهدي تي عملدرآمد ڪرڻو آهي، هن چيو ته پيٽرول جون قيمتون عالمي مارڪيٽ موجب وڌائڻيون هيون، ڇو ته پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ مهانگو پيٽرول وٺي سستو نٿو وڪرو ڪري سگهجي، هن پوري خطي ۾ پيٽرول جون قيمتون عالمي منڊي جي قيمتن موجب طئي ڪيون وينديون آهن، هن چيو ته اسان پيٽرول جون قيمتون وڌائڻ کان پهرين عوام لاءِ پيٽرول، ڊيزل، اٽي، کنڊ، گيهه جي مد ۾ سبسڊي ڏني، يوٽيلٽي اسٽورز تي ضروري شين جي سمورن پيڪيجز کي شامل ڪيو، هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته روس کان سستو تيل خريد ڪرڻ جي حوالي سان خبرون بي بنياد آهن، روس جي سفير به ان ڳالهه جي ترديد ڪري ڇڏي آهي ته حڪومت پاڪستان کي روس پاران سستو تيل فراهم ڪرڻ جي ڪا آڇ نه ڪئي وئي، هن چيو ته ان جو رڪارڊ پرڏيهي آفيس ۽ پيٽروليم واري وزارت ۾ به نه آهي، روسي سفير جو بيان به اخبارن ۾ شايع ٿي چڪو آهي ته پاڪستان سان سستي تيل جو ڪو به معاهدو ناهي ٿيو، هن چيو ته اهو عمران خان جي دماغ جي خرابي آهي جنهن کي هو ڪوڙ جي لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اهو بلڪل اهڙي طرح آهي جهڙي طرح هڪ ڪروڙ نوڪريون ۽ پنجاهه لک گهر ڏيڻ جا ڪوڙا اعلان ڪيا، هن چيو ته عوام کي رليف جي فراهمي لاءِ اسان کي جيڪو ڪجهه ڪرڻو پيو اسان ڪنداسين، هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته 2018ع ۾ ملڪ جي اندر زيرو لوڊشيڊنگ هئي ۽ کپت کان وڌيڪ بجلي پيدا ٿي رهي هئي، گذريل چار سال اسان ٻڌندا پيا اچون ته ملڪ ۾ مسلم ليگ (ن) وڌيڪ بجلي ٺاهي وئي هئي آهي، چار سالن ۾ هڪ ميگاواٽ اضافي بجلي سسٽم ۾ شامل ناهي ڪئي وئي، نواز شرف 2018ع ۾ لوڊشيڊنگ ختم ڪري ويو هو، ان کانسواءِ ڪيترائي منصوبا شروع ڪري ويو هو پر گذريل چئن سالن ۾ انهن منصوبن تي ڪو به ڪم نه ٿيو، جيڪڏهن اهي منصوبا آپريشنل ٿي وڃن ها ته اڄ ڊيمانڊ ۽ سپلائي ۾ فرق نه هجي ها، هن چيو ته اسان اڳوڻي حڪومت جي هر شعبي ۾ نالائقي ڏٺي، ڪو اهڙو طريقو ناهي جيڪو اڳوڻي حڪومت جي نالائقي ۽ نااهلي جي بار هيٺ نه آيو هجي، هن چيو ته پاور ڊويزن ۾ به ان جي نالائقي ڏٺي، آپريشنل پراجيڪٽس جي مرمت تائين نه ڪئي وئي، ان جي نالائقي جو اهو عالم هو ته ڪنهن کي ڪا به پرواهه نه هئي، هن چيو ته حڪومت طرفان ساڍا ٽي ڪلاڪ جي لوڊشيڊنگ جو اعلان ڪيو ويو آهي، وڌيڪ نقصان وارن فيڊرز تي لوڊشيڊنگ وڌيڪ ٿي رهي آهي، هن چيو ته 30 جون تائين لوڊشيڊنگ ٽي ڪلاڪ تائين اچي ويندي جڏهن ته اضافي بجلي سسٽم ۾ شامل ڪئي ويندي، هڪ سوال تي وفاقي وزير چيو ته ڪوڙ تي ٻڌل بيانيو ڪڏهن به ڪامياب ناهي ٿيندو، عمران خان اقتدار ۾ ايندي ئي ڪرپشن جو بيانو اختيار ڪيو پر هو ڪنهن عدالت ۾ سياسي مخالفن جي خلاف هڪ ثبوت به پيش نه ڪري سگهيو، هن چيو ته نيب کي استعمال ڪري هن سياسي مخالفن کي جيلن ۾ وڌو، ايف آءِ اي کي سياسي مخالفن جي خلاف استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر ڊي جي ايف آءِ اي چيو ته اهڙو ڪو به ڪيس نٿو بڻجي ته هن نيب کي سياسي مخالفن جي خلاف استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو پر نيب پراسيڪيوٽر به ڪنهن ڪيس ۾ ثبوت پيش نه ڪري سگهيو. هن چيو ته نيشنل ڪرائيم ايجنسي کي نيب جو سمورو رڪارڊ موڪليو ويو اتان به فيصلو آيو ته ڪو ڪرپشن يا اختيارن جو ناجائز استعمال ناهي ٿيو، ان کانپوءِ ڊيوڊروز کان هڪ خبر هلائي ويندي آهي ته اڄ شهباز شريف کان معافيون گهري رهيو آهي ته اهڙو ڪو به رڪارڊ موجود نه آهي. هن چيو ته ڪرپشن جو بيانيو دفن ٿيڻ کانپوءِ مديني جي رياست جو بيانيو آيو جنهن ۾ عمران خان هڪ ڪروڙ نوڪريون ۽ 50 لک گهر ڏين ۽ احتساب جو نعرو لڳايو جيڪو پنهنجو موت پاڻ مري ويو. هن چيو ته جڏهن عمران خان کي خبر پئي ته ملڪ ان جي نالائقي ۽ نااهلي جو وڌيڪ سٽ نٿو سگهي ٿي، سندس حڪومت ختم ٿيڻ واري آهي ته هن امربالمعفروف جو نالو وٺي ڪوڙ ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي. ان کانپوءِ کيس خبر پئي ته بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿي رهي آهي ته هن ٻاهرين ملڪ سازش جو بيانيو شروع ڪري ڇڏيو جڏهن اهو بيانيو ناڪام ٿيو ته اڄ ڪلهه هن مهانگائي جو بيانيو شروع ڪري ڇڏيو آهي جيڪا ان جي نااهلي، چوري ۽ ڪرپشن جي ڪري آهي. هن چيو ته عمران خان پنهنجي دور ۾ ڪارٽلز ۽ مافيا جا کيسا ڀريا جنهن جي ڪري ملڪ ۾ مهانگائي آهي، هن چيو ته شهباز شريف عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ اٽو، کنڊ، گيهه جون قيمتون گهٽ ڪيون، اها لاٿ عمران خان به ڪري سگهيو ٿر پر ان جي ترجيحن ۾ صرف ۽ صرف ڪارٽلز ۽ مافيا جا کيسا ڀرڻ هو، ان جي ترجيح سياسي مخالفن تي ڪيس ٺاهي کين قيد ڪرڻ هو، هن چيو ته گذريل چار سال ميڊيا جو گلو دٻايو ويو، پارليامينٽ کي آرڊيننس جي ذريعي هلايو ويو. هڪ سوال تي هن چيو ته عالمي منڊي ۾ تيل جون قيمتون وڌي رهيون آهن، اسان ان فرق کي ڏسي رهيا آهيون، ڪو به اهڙو طبقو جيڪو مهانگائي کي برداشت نٿو ڪر سگهي، ان لاءِ رليف قدم کڻي رهيا آهيون