اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب سي پي اين اي جي نئين چونڊيل صدر ڪاظم خان، سيڪريٽري جنرل عامر محمود ۽ ٻين عهديدارن کي مبارڪاد ڏيندي چيو آهي ته اميد آهي ته سي پي اين اي جي نئين چونڊيل قيادت صحافت جي آزادي جي فروغ ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪندي. پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم عمران خان ۽ سندس حڪومت آزادي صحافت تي ڪامل يقين رکي ٿي. هن چيو ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي صحيح کانپوءِ پروٽيڪشن آف جرنلسٽس اينڊ ميڊيا پروفيشنلز ايڪٽ 2021ع لاڳو ٿي چڪو آهي، اهو قانون ورڪنگ جرنلسٽس، ميڊيا ورڪرز ۽ ملازمتن، حقيقتن ۽ زندگين جو ضامن ثابت ٿيندو. هن چيو ته فيڪ نيوز هڪ وڏو چئلينج آهي، ان مان سرخرو ٿيڻ لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي.