اسلام آباد – 19 جون (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار پنهنجو چين جو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو آهي. اهو فيصلو ان ڏس ۾ ڪيو ويو آهي ته وزيراعظم پنهنجي دل جي آپريشن کانپوءِ صحتياب ٿي رهيو آهي ۽ ناڻي واري وزير جي ملڪ ۾ موجودگي ضروري آهي. ناڻي واري وزارت جي ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ناڻي واري وزير کي ايشين انفراسٽرڪچر انويسٽمينٽ بئنڪ (اي آءِ آءِ بي) جي پهرين سالياني اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻي هئي جيڪا 25، 26 جون تي بيجنگ ۾ ٿي رهي آهي.