APP50-280921 ISLAMABAD: September 28 - Federal Minister for Industries and Production Makhdoom Khusro Bakhtiyar called on Prime Minister Imran Khan. APP

اسلام آباد – 28 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته صنعتي ترقي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، حڪومت روزگار جي فراهمي لاءِ ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعت کي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي رهي اهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب اها ڳالهه هن صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار سان ڳالهائيندي چئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم چيو ته حڪومت جي مثبت پاليسين جي ڪري ڪورونا جي باوجود وڏي پئماني جي صنعت ۾ ترقي خوش آئنده اهي، صنعتن جي پنهنجي پوري صلاحيت تي هلڻ سان ملڪ ۾ روزگار جا موقعا پيدا ٿي رهيا آهن. ملاقات ۾ ملڪي صنعتي ترقي جي لاءِ حڪومت جي قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. ان کانسواءِ ڪراچي ۾ 1500 ايڪڙ تي ٻڌل صنعتي زون جي تعمير تي اڳڀرائي ۽ ايس ايم اي پاليسي بابت پڻ بريفنگ ڏني وئي.