گڏيل قومون – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان دنيا کي خبردار ڪيو آهي ته افغانستان ۾ هڪ وڏو انساني بحران لامارا ڏئي رهيو آهي، جنهن جا نه رڳو افغانستان جي پاڙيسري پر هر جاءِ تي سنگين اثر پوندا، غير مستحڪم افراتفري جو شڪار افغانستان هڪ دفعو ٻيهر عالمي دهشتگردن لاءِ محفوظ ٺڪاڻو بڻجي سگهي ٿو، ماضي ۾ افغان مجاهدين کي هيرو تصور ڪيو ويو، کين وائيٽ هائوس ۾ گهرائي انهن کي آمريڪين جي بانين وانگر هيرو چيو ويو، ايڏين قربانين باوجود افغانستان صورتحال بابت اسان تي الزام هنيا پيا وڃن، جيڪڏهن افغانستان کي نظرانداز ڪيو ويو ته ايندڙ سال 90 سيڪڙو ماڻهو غربت جي لڪير جي هيٺ هليا ويندا جنهن جا اسان سميت سڀني تي اثر پوندا، دنيا کي اسرندڙ ملڪن جي لُٽيل دولت واپس ڪرڻي پوندي، جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته اهو وقت پري ناهي جڏهن امير ملڪن کي غريب ملڪن جي ڏتڙيل ماڻهن کي روڪڻ لاءِ ديوارون اڀيون ڪرڻيون پونديون، خدشو آهي ته غربت جي سمنڊ ۾ ڪجهه امير جزيرا به موسمياتي تبديلي جهڙي عالمي آفت ۾ بدلجي ويندا، اسلاموفوبيا جي خطرناڪ شڪل کي سڀني کي گڏجي روڪڻ جي ضرورت آهي، اسلاموفوبيا جي بدترين ۽ نهايت خطرناڪ شڪل جو هن وقت ڀارت تي راڄ آهي، اسلامو فوبيا ۾ اضافو روڪڻ جي باري ۾ عالمي سطح جي ڳالهين جو اهتمام ڪيو وڃي، والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي ڪڌا قدم، جنگي ڏوهن ۽ انسانيت خلاف ڏوهن جي مترادف آهن، ڏکڻ ايشِيا ۾ پائيدار امن جو دارو مدار گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب والاريل ڪشمير جي تڪرار جي حل تي منحصر آهي، ڪورونا وبا، اقتصادي ٻاڙائي ۽ موسمياتي تبديلي جي ٽه رخي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ جامع حڪمت عملي جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس کي وڊيو خطاب ۾ ڪيو. وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ افغانستان جي صورتحال، ڪشمير تڪرار، اسلامو فوبيا، ڀارت پاران وڏي پئماني تي انساني حقن جي خلاف ورزين، موسمياتي تبديلي جي چئلينجن، بدعنواني جي خطرن، ڪورونا جي اثرن سميت ڪيترن ئي موضوعن تي خيالن جو تفصيلي اظهار ڪيو. وزيراعظم افغانستان جي باري ۾ ڳالهائيندي چيو ته افغانستان جي موجوده صورتحال جي لاءِ ڪنهن وجهه سان آمريڪا ۾ سياستدانن ۽ يورپ جي ڪجهه سياستدانن پاڪستان کي انهن واقعن جي لاءِ ذميدار ٺهرايو آهي. هن چيو ته ان پليٽ فارم وسيلي آئون سڀني کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته 9/11 کانپوءِ دهشتگردي خلاف آمريڪي جنگ ۾ جڏهن اسان شامل ٿياسين ته افغانستان کانسواءِ جنهن ملڪ سڀ کان وڌيڪ نقصان کنيو آهي اهو پاڪستان آهي. وزيراعظم دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي جاني ۽ مالي نقصان جو ذڪر ڪندي چيو ته 80 هزار پاڪستاني ماريا ويا، اسان جي معيشت کي 150 ارب ڊالرن جو نقصان ٿيو، 35 لک پاڪستاني عارضي طور تي بي گهر ٿيا، ڀلا ايئن ڇو ٿيو، 1980ع جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان افغانستان تي قبضي جي خلاف ويڙهه ۾ سڀ کان اڳ وارو ملڪ هو، پاڪستان ۽ آمريڪا افغانستان جي آزادي لاءِ وڙهڻ لاءِ مجاهدين جي گروپ کي تربيت ڏني، انهن مجاهدين گروپ ۾ القاعده ۽ سڄي دنيا جا مختلف گروپ شامل هئا، اهي مجاهد هئا افغان مجاهدين انهن کي هيرو تصور ڪيو ويو، هن چيو ته صدر رونالڊ ريگن 1983ع ۾ کين وائيٽ هائوس گهرايو هو ۽ هڪ خبر موجب هن انهن جي آمريڪا جي بانين سان ڀيٽ ڪئي ته اهي هيرو آهن. وزيراعظم چيو ته 1989ع ۾ سويت يونين هليو ويو ۽ اهڙي طرح آمريڪا به ڪيو ۽ افغانستان ڇڏي ويو، پاڪستان کي 50 لک افغان پناهگيرن سان گڏ ڇڏيو ويو آهي، اسان کي فرقيوارڻن هٿياربند گروپن سان ڇڏيو ويو جن جو ان کان اڳ ۾ ڪو به وجود نه هو پر بدترين وقت اهو هو جڏهن هڪ سال کانپوءِ پاڪستان تي آمريڪا پابنديون لڳائي ڇڏيون ان وقت ائين محسوس ٿيو ته اسان کي استعمال ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته 9/11 جي فوري پوءِ آمريڪا کي هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان جي ضرورت پيش آئي ڇو ته هاڻي آمريڪا جي قيادت ۾ اتحاد افغانستان تي حملي آور ٿيو هو ۽ اهو پاڪستان جي لاجسٽڪ سپورٽ کانسواءِ ممڪن نه هو. ان کانپوءِ ڇا ٿيو اهي ئي مجاهد جن کي اسان تربيت ڏني هئي ته غير ملڪي قبضي جي خلاف جنگ هڪ مقدس فرض، مقدس جنگ يا جهاد آهي، اهي اسان جي خلاف ٿي ويا، ۽ اسان کي حصيدار چوڻ لڳا ۽ انهن اسان جي خلاف جهاد جو اعلان ڪيو. وزيراعظم چيو ته افغانستان جي سرحد سان لڳو لڳ قبائلي پٽي پاڪستان جي نيم خودمختيار قبائلي پٽي آهي جتي اسان جي آزادي کانپوءِ پاڪستان جي فوج نه پئي وڃي سگهي، اتي جي ماڻهن جون افغان طالبان سان وڏيون همدرديون هيون، جيڪي انهن جي مذهبي نظريي جي ڪري نه پر پختون قوميت جي ڪري هيون جيڪو تمام گهڻو مضبوط آهي، پاڪستان ۾ هن وقت به 30 لک افغان پناهگير ڪيمپن ۾ رهن پيا جيڪي سڀ جا سڀ پختون آهن، 5 لک افغان پناهگير وڏين ڪيمپن ۾ رهن ٿا جڏهن ته هڪ لک ڪيمپن ۾ آهن، انهن سڀني جي افغان طالبان سان وابستگي ۽ همدردي هئي پوءِ ڇا ٿيو اهي به پاڪستان جي خلاف ٿي ويا، پهريون ڀيرو پاڪستان ۾ هٿياربند طالبان سامهون آيا انهن به پاڪستان جي حڪومت تي حملا ڪيا، جڏهن اسان جي فوج اسان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو قبائلي علائقن ۾ وئي جڏهن به فوج سولين علائقن ۾ ويندي آهي ته اتي نقصان ٿيندو آهي، ان لاءِ اسان کي به نقصان کڻڻو پيو، جنهن جي ڪري شدت پسند بدلو وٺڻ تي لهي آيا، پر صرف ايترو نه ٿيو دنيا کي معلوم هجڻ گهرجي ته پاڪستان ۾ آمريڪا 480 ڊرون حملا ڪيا، ۽ سڀ ڄاڻن ٿا ته ڊرون حملا ايترا وڌيڪ عين موجب نه هئا ۽ هدف بڻايل شدت پسند جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ضمني نقصان جو سبب بڻجندا آهن، هن چيو ته ان لاءِ اهڙا ماڻهو جن جا رشتيدار مرن ٿا اهي پاڪستان کان بدلو وٺڻ چاهين پيا، 2004ع ۽ 2014ع دوران 50 مختلف هٿياربند گروپ پاڪستان تي حملي آور ٿي رهيا هئا، هڪ موقعي تي ماڻهو ايترا پريشان هئا ۽ سوچي رهيا هئا ته ڇا اسان ان صورتحال مان ٻاهر نڪري اينداسين،سڄي پاڪستان ۾ بم ڌماڪا ٿي رهيا هئا ۽ اسان جي ملڪ جو گادي وارو شهر هڪ قلعو بڻجي ويو هو. وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن دنيا جي سڀ کان وڌيڪ منظم فوج ۽ دنيا جي بهترين ڳجهين ايجنسين مان هڪ ڳجهي ايجنسي نه هجي ها ته منهنجي خيال ۾ پاڪستان گهڻو هيٺ هليو وڃي ها، پر جڏهن اسان اهو ٻڌندا آهيون آمريڪا ۾ ترجمانن ۽ هر ان شخص جي باري ۾ جنهن به آمريڪا جي مدد ڪئي آهي انهن جي حفاظت بابت گهڻي پريشاني ٿيندي آهي، اسان جي باري ۾ ڇا خيال آهي، هن چيو ته اسان کي تمام گهڻو نقصان کڻڻ جو واحد سبب اهو هو ته اسان افغانستان جي جنگ ۾ آمريڪا جا اتحادي بڻجي وياسين، افغان سرزمين تي پاڪستان تي حملا ٿي رهيا هئا، ان لاءِ گهٽ ۾ گهٽ اسان جي واکاڻ ٿيڻ گهرجي ها پر تصور ڪريو ته اسان کي ڇا محسوس ٿيندو هوندو جڏهن افغانستان ۾ اڳڀرائي بابت اسان کي ئي ذميدار ٺهرايو ويندو آهي. وزيراعظم چيو ته 2006ع کانپوءِ افغانستان ۽ ان جي تاريخ کي سمجهندڙ تي واضح ٿي ويو ته افغانستان جو ڪو به فوجي حل نه هوندو آئون آمريڪا ويس مون ٿنڪ ٽينڪ سان ڳالهايو مون ان وقت جي سينيٽر بائيڊن، سينيٽر جان ڪيري ۽ سينيٽر هري ريڊ سان ملاقات ڪئي ۽ انهن تي واضح ڪيو ته افغانستان صورتحال جو ڪو به فوجي حل نه آهي، ان کي سياسي ٺاهه سان ئي اڳيان وڌائڻ ضروري آهي پر منهنجي ڳالهه کي ان وقت ڪنهن نه سمجهيو ۽ بدقسمتي سان فوجي حل مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جتي آمريڪا کان غلطي ٿي ۽ جيڪڏهن دنيا کي اڄ ڄاڻڻ جي ضرورت آهي ته طالبان واپس اقتدار ۾ ڪيئن آيا ته انهن کي اهو ڪرڻو آهي ته کين سڄي ڳالهه جو گهرائي سان جائزو وٺڻ گهرجي ته ٽي لک هٿياربند افغان فوج وڙهڻ کانسواءِ هٿيار ڇو ڦٽا ڪيا ۽ ياد رکيو وڃي ته افغان دنيا جي بهادر قومن مان هڪ آهي ان جو گهرائي سان تجزيو ڪرڻ تي دنيا ڄاڻي ويندي ته طالبان ٻيهر اقتدار ۾ ڇو آيا، پر اهي پاڪستان جي ڪري ناهن آيا، هن چيو ته هاڻي پوري عالمي برادري کي سوچڻ گهرجي ته اڳيان وڌڻ جو رستو ڪهڙو آهي، ٻه رستا آهن جيڪي اسان اختيار ڪري سگهون ٿا، جيڪڏهن اسان هن وقت افغانستان کي نظرانداز ڪري ڇڏيو ته گڏيل قومن موجب افغانستان جا اڌ ماڻهو پهرين ئي انتهائي غريب آهن ۽ ايندڙ سال تائين افغانستان جا تقريبن 90 سيڪڙو ماڻهو غربت کان هيٺ هليا ويندا، اتي هڪ وڏو انساني بحران لامارا ڏئي رهيو آهي ۽ ان سان نه رڳو افغانستان جي پاڙيسرين پر هر جاءِ تي سنگين اثر پوندا. هڪ غير مستحڪم افراتفري جو شڪار افغانستان هڪ دفعو ٻيهر عالمي دهشتگردن جي لاءِ محفوظ ٺڪاڻو بڻجي ويندو ۽ انهي ڪري ئي آمريڪا افغانستان آيو هو، هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اڳيان وڌڻ جو هڪ ئي رستو آهي، اسان کي افغانستان جي عوام خاطر موجوده حڪومت کي مضبوط ۽ مستحڪم ڪرڻ گهرجي، هن طالبان جي واعدن جو ذڪر ڪندي چيو ته طالبان واعدو ڪيو آهي ته هو انساني حقن جو احترام ڪندا انهن جي هڪ جامع حڪومت هوندي ۽ اهي پنهنجي سرزمين دهشتگردن کي استعمال ڪرڻ نه ڏيندا ۽ هنن عام معافي ڏني آهي، وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن عالمي برادري کين مراعتون ڏئي ٿي ۽ انهن جي حوصلا افزائي ڪري ٿي ته ان سان سڀني جي لاءِ هڪجهڙي مفيد صورتحال ٿيندي، ڇو ته هي اهي چار شرط آهن جن جي باري ۾ دوها ۾ آمريڪا ۽ طالبان جي وچ ۾ ڳالهيون ٿيون، هن چيو ته جيڪڏهن دنيا کين ان رخ ۾ وڃڻ جي لاءِ ترغيب ڏئي سگهي ٿي ته افغانستان ۾ اتحادي فوج جي 20 سالا موجودگي رائيگان نه ويندي ڇو ته عالمي دهشتگردن طرفان افغان سرزمين استعمال نه ڪئي ويندي، وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هي افغانستان جي لاءِ نازڪ وقت آهي، وقت ضايع نٿا ڪري سگهون، اتي مدد جي ضرورت آهي، اتي انساني امداد فوري طور تي ڪرڻ گهرجي، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جرئتمنداڻا قدم کنيا آهن، وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر کي مخاطب ٿيندي چيو ته هو عالمي برادري کي متحرڪ ڪري ۽ ان رخ ۾ وڌن. وزيراعظم ڀارت جي غير قانوني قبضي واري والاريل ڪشمير جي صورتحال جو ذڪر ڪندي چيو ته ڀارت پنج آگسٽ 2019ع تي والاريل ڪشمير ۾ ڪيترائي غير قانوني ۽ يڪطرفا قدم کنيا هن 9 لک قابض فوجين وسيلي دهشت جي فضا قائم ڪئي آهي، ڪشميرين جي سينئر قيادت کي قيد ڪيو ويو آهي، ميڊيا ۽ انٽرنيٽ تي سخت پابنديون لاڳو ڪيو ويون آهن، پرامن احتجاج کي پُرتشدد طريقي سان دٻايو ويو، 13 هزار نوجوان ڪشميرين کي اغوا ڪيو ويو آهي ۽ انهن مان سوين کي تشدد جو نشانو بنايو ويو آهي، جعلي مقابلن ۾ سوين بي گناهه ڪشميرين کي عدالتن کان مٿانهون قتل ڪيو ويو آهي، پورن پورن محلن ۽ ڳوٺن کي تباهه ڪري ماڻهن کي اجتماعي سزائون ڏنيون ويون آهن، وزيراعظم جنرل اسيمبلي کي ٻڌايو ته اسان والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي سيڪيورٽي فورسز پاران انساني حقن جي سنگين ۽ منظم خلاف ورزين جي باري ۾ هڪ تفصيلي ڊوزيئر جاري ڪيو آهي، غير قانوني ڪوششن جي ذريعي وحشياڻين حربن جو مقصد والاريل وادي ۾ آبادي جي تناسب کي تبديل ڪرڻ ۽ مسلمان اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ آهي، ڀارتي قدم والاريل ڪشمير بابت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي خلاف ورزي آهن، قراردادن ۾ واضح طور تي بيان ڪيو ويو آهي ته تڪراري علائقي جي حتمي حيثيت جو فيصلو گڏيل قومن تحت آزادڻي ۽ غير جانبداراڻي ريفرنڊم وسيلي ڪشميري عوام کي ڪرڻو آهي، هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جا قدم چوٿين جنيوا ڪنوينشن سميت عالمي انساني حقن ۽ انسانيت بابت گڏيل قانونن جي خلاف ورزي آهن ۽ جنگي ڏوهه انسانيت جي خلاف ڏوهن برابر آهن، وزيراعظم چيو ته اها بدقسمتي ۽ وڏي بدقسمتي آهي جو انسانيت جي خلاف ورزين جي باري ۾ دنيا جي هڪجهڙي ورتاءُ جي کوٽ آهي، جاگرافيائي ۽ سياسي عوامل يا ڪاروباري مفاد، واپاري مفاد، اڪثر وڏين طاقتن کي پنهنجي وابسته ملڪن جي خلاف ورزين کي نظرانداز ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏين ٿا، هن چيو ته اهڙي طرح جا ٻٽا معيار ڀارت جي معاملي ۾ سڀ کان وڌيڪ واضح ۽ نمايان آهن، جنهن تي آر ايس ايس، بي جي پي حڪومت کي سموري آزادي سان انساني حقن جي خلاف ورزين جي اجازت ڏني پئي وڃي، هن چيو ته ڀارتي بربريت جو تازه ترين مثال عظيم ڪشميري اڳواڻ سيد علي شاهه گيلاني جي مڙهه کي ان جي خاندان کان زوري کسڻ ۽ ان جي وصيت ۽ اسلامي روايت موجب جنازي نماز جي ادائيگي ۽ تدفين کان محروم ڪرڻ آهي، عمران خان چيو ته ڪنهن قانوني يا اخلاقي پابندي کان عاري هي عمل انساني شائستگي جي بنيادي قدرن جي به خلاف آهي، وزيراعظم جنرل اسيمبلي کان مطالبو ڪندي چيو ته مناسب اسلامي رسمن سان سيد علي گيلاني جي مڙهه جي شهيدن جي قبرستان ۾ تدفين جي اجازت ڏني وڃي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ڀارت سان سمورن پاڙيسري ملڪن وانگر امن چاهي ٿو، پر ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن جو دارو مدار گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشيمري عوام جي خواهشن موجب والاريل ڪشمير جي تڪرار جي حل تي آهي، هن چيو ته گذريل سال فيبروري ۾ اسان ڪنٽرول لائين تي 2003ع جي جنگ بندي جي مفاهمت کي ورجايو، اميد هئي ته اها نئين دهلي ۾ حڪمت عملي تي نظرثاني جو سبب بڻجندي پر افسوس بي جي پي جي حڪومت ڪشمير ۾ ظالماڻيون حرڪتون تيز ڪري ڇڏيون ۽ انهن وحشياڻي ڪاررواين سان ماحول خراب ڪري رهي آهي، پاڪستان سان بامعنيٰ ۽ نتيجا خيز رابطن لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ جي ذميداري ڀارت تي لاڳو ٿئي ٿي جنهن جي لاءِ اهي قدم کڻڻا پوندا ته 5 آگسٽ 2019ع کان ڪيل پنهنجي هڪطرفن ۽ غير قانوني قدمن کي واپس وٺي، ڪشميري عوام جي خلاف ظالماڻيون ڪارروايون ۽ انساني حقن جون خلاف ورزيون بند ڪري، والاريل وادي ۾ آبادي جو تناسب تبديل ڪرڻ جي قدمن کي روڪي ۽ واپس وٺي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ هڪ ٻيو تڪرار به روڪڻ جي ضرورت آهي، ڀارت جي فوجي طاقت ۾ اضافو جوهري هٿيارن جي تياري ۽ غير مستحڪم ڪندڙ روايتي صلاحيتن جو حصول ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل دفاعي صلاحيت کي سبوتاز ڪري سگهي ٿو. وزيراعظم اسلامو فوبيا جي خطرناڪ رجحان جو ذڪر ڪندي چيو ته اسلامو فوبيا هڪ ٻيو خطرناڪ رجحان آهي جنهن کي اسان سڀني کي گڏجي روڪڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته 9 /11 جي دهشتگرد حملن کانپوءِ دهشتگردي کي ڪجهه ڌرين پاران اسلام سان منسوب ڪيو وڃي ٿو، ان سان ساڄي ڌر، زينو فوبڪ ۽ پرتشدد قوميت پرستي، انتهاپسندي ۽ دهشتگرد گروپن پاران مسلمانن کي هدف بڻائڻ جي رجحان ۾ اضافو ٿيو آهي، گڏيل قومن جي دهشتگردي جي خاتمي جي عالمي حڪمت عملي ان اڀرندِڙ خطرن کي تسليم ڪيو آهي، اسان اميد ڪريون ٿا ته سيڪريٽري جنرل جي رپورٽ ۾ اسلاميو فوبيا ۽ ساڄي پاسي جي انتهاپسندن پاران دهشتگردي جي درپيش انهن نون خطرن تي ڌيان ڏنو ويندو. وزيراعظم گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل تي زور ڏنو ته هو اسلامو فوبيا ۾ اضافي کي روڪڻ جي باري ۾ عالمي مقالمي جو اهتمام ڪري، ان سان گڏوگڏ اسان جي برابر ڪوششون عالمي عقيدي جي هم آهنگي جي فروغ لاءِ هجڻ گهرجن ۽ اهي جاري رهڻ گهرجن، وزيراعظم چيو ته اسلامو فوبيا جي انتهائي بدترين ۽ نهايت خطرناڪ شڪل هن وقت ڀارت ۾ موجود آهي، نفرت سان ڀرپور هندو توا نظريو جنهن جو پرچار فاشسٽ آر ايس ايس ۽ بي جي پي حڪومت ڪيو آهي، ڀارت جي 20 ڪروڙ مضبوط مسلم برادري ۾ خوف ۽ تشدد جي لهر پيدا ڪئي آهي، ڳئون جي محافظن طرفان جٿن وسيلي ماڻهن کي تشدد ڪري مارڻ، اقليتن تي حملا ڪرڻ جا ڪيترائي واقعا سامهون آيا آهن، جهڙو گذريل سال نئين دهلي ۾ هڪ واقعو ٿيو ڀارت مان مسلمانن کي ڪڍڻ لاءِ امتيازي شهريت وارا قانون سڄي ڀارت ۾ مسجدن کي ڊاهڻ جي مهم ۽ مسلمان جي ورثي ۽ تاريخ کي مٽائڻ جهڙا قدم ان مجرماڻي سرگرمي جو حصو آهن. وزيراعظم عمران خان بدعنواني جو ذڪر ڪندي چيو ته اسرندڙ دنيا ان جي ڪرپٽ حڪمران اشرافيا پاران ڦرلٽ جي ڪري امير ۽ غريب ملڪن جي وچ ۾ فرق خطرناڪ رفتار سان وڌي رهيو آهي، هن چيو ته هن پليٽ فارم وسيلي دنيا جو ڌيان اسرندڙ ملڪن کان ناجائز سرمائي جي چوري جي لعنت طرف ڇڪرائيندي چوان ٿو ته مالياتي احتساب شفافيت ۽ سالميت (ايف اي سي ٽي آءِ) جي باري ۾ سيڪريٽري جنرل جي اعليٰ سطحي پينل ڪاٿو لڳايو آهي ته 7 ٽريلين جا چوري ٿيل اثاثا مالياتي (محفوظ ٺڪاڻڻ ) ۾ آهن، هن چيو ته هي منظم چوري ۽ اثاثڻ جي غير قانوني منتقلي اسرندڙ قومن تي گهرا اثر ڇڏيا آهن. اها پهرين انهن جي محدود وسيلن کي ختم ڪري ٿي، غربت جي سطح کي وڌيڪ خراب بڻائي ٿي، خاص طور تي مني لانڊرنگ ڪرنسي تي دٻاءُ وجهي ٿي ۽ ان جي قدر ۾ گهٽتائي جو سبب بڻجي ٿي، موجوده شرح تي جڏهن ايف اي سي ٽي آءِ پينل ڪاٿو لڳايو آهي ته هڪ ٽريلين ڊالر ساليانو اسرندڙ دنيا کان ٻاهر وڃي ٿو ته امير قومن طرف وڏي پئماني تي اقتصادي پناهگيرن جو اچڻ ٿئي ٿو، وزيراعظم ماضي جو حوالو ڏيندي چيو ته جيڪو ايسٽ انڊيا ڪمپني انڊيا سان ڪيو اهو شاطر حڪمران اشرافيا اسرندڙ دنيا سان ڪري رهيا آهن يعني دولت کي ڦري اولهندين ملڪن ۽ آئوٽ آف شور ٽيڪس جنتن ۾ منتقل ڪري رهيا آهن،عمران خان چيو ته اسرندڙ ملڪن مان چورايل اثاثا واپس وٺڻ غريب قومن لاءِ ناممڪن آهي، امير ملڪن کي اها ناجائز دولت واپس ڪرڻ ۾ ڪا به مجبوري نه هجڻ گهرجي ۽ اها ناجائز ذريعن سان گڏ ڪيل دولت اسرندڙ ملڪن جي عوام جي آهي، آئون سمجهان ٿو ته اهو پري ناهي جڏهن هڪ وقت ايندو ته امير ملڪ انهن غريب ملڪن کان معاشي پرڏيهين کي روڪڻ لاءِ ديوارون کڻڻ تي مجبور ٿي ويندا. هن چيو ته مون کي خدشو آهي ته غربت جي سمنڊ ۾ ڪجهه امير جزيرا به موسيماتي تبديلي جهڙي عالمي آفت ۾ تبديل ٿي ويندا، وزيراعظم چيو ته جنرل اسيمبلي کي ان انتهائي ۽ پريشان ڪندڙ ۽ اخلاقي طور تي اڻوڻندڙ صورتحال جي تدارڪ لاءِ بامقصد قدم کڻڻ گهرجن، پناهگاهن کي ڪيرائڻ ۽ هڪ ناجائز مالياتي وهڪري کي روڪڻ ۽ ان کي واپس ڪرائڻ لاءِ جامع ليگل فريم ورڪ جوڙڻ ان سنگين اقتصادي ناانصافي کي روڪڻ لاءِ نهايت ئي اهم قدم آهن، هن چيو ته ان سلسلي ۾ گهٽ ۾ گهٽ سيڪريٽري جنرل جي ايف اي سي ٽي آءِ جي سفارشن تي عملدرآمد ٿيڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته موسيماتي تبديلي اڄ اسان جي دنيا جي وجود کي خطرا لاڳو ڪري ڇڏيا آهن، پاڪستان جو عالمي گئس خارج ڪرڻ ۾ حصو نه هجڻ جي برابر آهي پوءِ اسان دنيا ۾ موسمياتي تبديلي جي اثرن جي انتهائي 10 ڀوڳيندڙ ملڪن ۾ شامل آهيون، هن چيو ته پنهنجي عالمي ذميدارين کان آگاهه هوندي اسان جو ڪايا پلٽ ماحولياتي پروگرامن 10 ارب ٽري سونامي وسيلي پاڪستان ۾ ٻيهر ٻوٽا پوکڻ، قومي ماحول جي تحفظ، قابل تجديد توانائي طرف رجوع ڪرڻ پنهنجي شهرن مان آلودگي ختم ڪرڻ ۽ موسمياتي تبديلي جي اثرن کان بچڻ وارن رستن تي گامزن آهيون، هن چيو ته ڪورونا وبا، اقتصادي ٻاڙائي ۽ موسمياتي ايمرجنسي جي ٽه رخي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان کي هڪ جامع حڪمت عملي گهربل آهي جيڪا ٽن ڳالهين تي ٻڌل هجڻ گهرجي، ويڪسين ۾ برابري هجڻ گهرجي، هر ڪنهن کي هر جاءِ ڪورونا جي خلاف جيتري جلدي ممڪن ٿي سگهي ويڪسين فراهم ڪرڻ گهرجي، اسرندڙ ملڪن کي مناسب سرمايو دستياب هجڻ گهرجي، قرضن جي جامع ري اسٽرڪچرنگ توسيع شده او ڊي اي، استعمال شده ايس ڊي آر جي نئين سر ورڇ ۽ ايس ڊي آر جو گهڻو حصو اسرندڙ ملڪن لاءِ مخصوص ڪرڻ ۽ موسمياتي ناڻي جي فراهمي وسيلي يقيني بنائي سگهجي ٿو، اسان کي واضح سيڙپڪاري حڪمت عملي اختيار ڪرڻ گهرجي جيڪا غربت جي خاتمي ۾ معاون هجي، روزگار کي فروغ ڏنو وڃي، پائيدار بنيادي ڍانچي کي جوڙجي ۽ بنا ڪنهن شڪ جي ڊجيٽل ورڇ جي خلا کي ختم ڪجي. وزيراعظم تجويز ڏني ته سيڪريٽري جنرل پائيدار ترقياتي هدفن (ايس ڊي جي جيز) جي جائزي ۽ تيز تر عملدرآمد جي لاءِ 2025ع ۾ ايس ڊي جي سمٽ طلب ڪري ، وزيراعظم عمران خان ڪورونا وبا جي عالمي وبا جي درپيش چئلينجن جو ذڪر ڪندي چيو ته دنيا کي ڪورونا سان لاڳاپيل اقتصادي بحران ۽ ماحولياتي تبديلي سبب لاڳو خطرن جو ٽه رخو چئلينج درپيش آهي، هن چيو ته وائرس قومن ۽ ماڻهن جي وچ ۾ فرق نٿو ڪري ۽ نه ئي غير يقيني موسمي حالتن سان ايندڙ آفتون اهو فرق ڪنديون آهن، اڄ اسان کي درپيش گڏيل خطرا نه رڳو عالمي نظام جي نزاڪت کي بيان ڪن ٿا پر انسانيت جي يڪجهتي کي به اجاگر ڪن ٿا، هن چيو ته الله تعاليٰ جي فضل سان پاڪستان هاڻي ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي. اسان جي سمارٽ لاڪ ڊائون جي حڪمت عملي قيمتي جانين ۽ روزگار کي بچائڻ سان گڏوگڏ معيشت کي روان دوان رکڻ ۾ مدد ڏني، اسان جي سماجي تحفظ جي پروگرام احساس وسيلي ڏيڍ ڪروڙ کان وڌيڪ خاندانن کي بچايو ويو، وزيراعطم خطاب جي آغاز ۾ جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي صدات سنڀالڻ تي عبدالله شاهد کي مبارڪباد ڏني ۽ ان جي پيش روح وولڪن بوزڪر جي نمايان ڪاميابين تي کيس خراج تحسين پيش ڪيو.

ملڪ صرف وسيلن سان نه ذهني سوچ سان بدلجندو آهي: ڊاڪٽر عارف علوي
لاهور – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ملڪ صرف وسيلن سان نه ذهني سوچ سان بدلجندو آهي، پاڪستان بدلجي رهيو آهي، اسان کي ان جي ترقي ۾ پنهنجو هر ممڪن ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، سول سرونٽس ادارن جي مضبوطي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، بهترين اخلاق سان عوامي خدمت کي پنهنجو نصب العين بڻائين، پاليسي سازي دوران ديانتداري جي عنصر کي مضبوطي سان سنڀالي رکو ته پاڪستان کي ترقي کان ڪير به روڪي نٿو سگهي، بيورو ڪريسي ملڪ مان ڪرپشن جي خاتمي ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. هو نيشنل اسڪول آف پبلڪ پاليسي ۾ 114 هين نيشنل مينيجمينٽ ڪورس ۾ شرڪت ڪندڙن ۾ سرٽيفڪيٽ ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو. ان موقعي تي ريڪٽر ڊائريڪٽر اعجاز منير ۽ ٻيا آفيسر به موجود هئا. صدر چيو ته بهترين علم اهو هوندو آهي جيڪو اهو سيکاري ته هاڻي به گهڻو ڪجهه ۽ سکڻ باقي آهي ۽ اسان کي ان شيءَ تي به ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي ته علم ۽ رويو ڇا سيکاري ٿو ۽ ڇا نٿو سيکاري، علم سيکاريو ويندو آهي جڏهن ته رويو انسان ماحول ۽ ننڍپڻ کان ئي سکندو آهي، مشاهدي ۾ اها ڳالهه آئي آهي ته انسانن جو رويو مختلف موقعن تي مختلف ماڻهن سان ڌار ڌار هوندو آهي، هن چيو ته اسان جو رويو سدائين پاڻ کان مٿي واري سان درست ۽ هيٺئين سان ڪجهه ٻيو هوندو آهي جنهن جو اسان کي احساس ڪرڻ گهرجي، ان حوالي سان اسان کي مذهب ۽ نبي ﷺ جي اسوه حسنه تي عمل ڪرڻ گهرجي جڏهن ته اسلامي تاريخ روايتن سان ڀري پئي آهي جنهن مان اسان کي سبق ملي ٿو ته انسان جو انسان سان رويو ڪهڙو هجڻ گهرجي. صدر چيو ته جن ملڪن پنهنجا ادارا مضبوط ڪيا اهي ڪامياب ٿي ويا ۽ انهن ترقي ڪئي، هن چيو ته فيصلا سازي ۾ بيورو ڪريسي جو هٿ هوندو آهي جيڪڏهن ڪنهن فيصلا سازي ۾ اسٽيڪ هولڊرز کي شامل ڪيو وڃي ته ان فيصلي جي رد ٿيڻ جا امڪان ناهن رهندا. هن چيو ته بيورو ڪريسي کي گهرجي ته عوامي مسئلن جي نشاندهي ڪري ان جي حل جي ڪوسش ڪري ۽ ماضي جي ناڪامين کي به نظر ۾ رکيو وڃي، صدر عارف علوي چيو ته سول سرونٽس عوامي خدمت دوران اخلاقيات ۽ همدردي جو دامن نه ڇڏين، هن چيو ته بيورو ڪريسي ملڪ مان ڪرپشن جي خاتمي ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي جيڪا ملڪ کي اڏوهي وانگر کائي رهي آهي، هن چيو ته موجوده حڪومت ملڪ مان ڪرپشن جي خاتمي لاءِ قدم کڻي رهي آهي پر اڏهي کي ختم ڪرڻ آسان ڪم نه آهي، هن چيو ته جيڪي شيون اسان 2018ع ۾ شروع ڪيون انهن کي گهڻو اڳ شروع ٿيڻ گهربو هو، هن ڪورس ۾ شرڪت ڪندڙن کي مخاطب ٿيندي چيو ته انهن سان عوام کي، ملڪ ۽ قوم جي مستقبل کي ان حوالي سان ڪيتريون ئي اميدون لاڳاپيل آهن، توهان پاليسي سازي دوران انڪساري سان بهترين روين کي نظر ۾ رکندي فيصلو ڪرڻو آهي ۽ تقاضا به اها آهي ته سول سرونٽس ديانتداري سان پنهنجي اصولن کي نظر ۾ رکندي اهڙيون پاليسيون جوڙي جنهن سان ان تي عوام جي اعتماد ۾ اضافو ٿئي، هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته بيورو ڪريسي ۾ وڌ کان وڌڪ عورتون به شامل ٿين ته جيئن اهي به عوامي خدمت ۾ پنهنجو حصو وجهي سگهن ۽ هڪ توازن قائم ٿئي، ڊاڪٽر عارف علوي سول سرونٽس کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان اڀرندڙ اڳواڻ آهي، توهان ادارن جي مضبوطي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪريو ۽ بهترين اخلاق سان عوامي خدمت کي پنهنجو نصب العين بڻايو ۽ پاليسي سازي دوران ديانتداري جي عنصر کي مضبوطي سان جهلي رکو ته پاڪستان کي ترقي کان ڪير به روڪي نٿو سگهي، ان کان اڳ نيشنل اسڪول آف پبلڪ پاليسي جي ريڪٽر ڊاڪٽر اعجاز منير آجياڻي وارو خطبو پيش ڪيو، صدر عارف علوي ڪورس جي 62 شرڪت ڪندڙن ۾ سرٽيفڪيٽس ورهايا ۽ کين ڪورس جي ڪاميابي سان مڪمل ٿيڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي.

اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد ۽ ايم ڊي اي پي پي مبشر حسن جو اي پي پي ڪراچي بيورو جو دورو
ڪراچي – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد ۽ ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي مينيجنگ ڊائڪريٽر مبشر حسن پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) ڪراچي جي ڊائريڪٽر جنرل ارم تنوير سان گڏ ”اي پي پي“ ڪراچي بيورو جو دورو ڪيو. ”اي پي پي ڏکڻ“ جي ريجنل ڊائريڪٽر پرويز اسلم سندس استقبال ڪيو. هن ”اي پي پي“ ڪراچي بيورو جي مختلف حصن جو دورو ڪيو، ”اي پي پي“ جي ايم ڊي مبشر حسن اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري کي ”اي پي پي“ ڪراچي بيورو جي ڪارڪردگي ۽ مسئلن کان آگاهه ڪيو جڏهن ته ان موقعي تي هڪ تفصيلي بريفنگ به ڏني وئي.

وزيراعظم سان پارٽي ٽڪيٽ هولڊرز جي ملاقات
اسلام آباد – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان پارٽي ٽڪيٽ هولڊرز ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ سياسي معاملن وارو خاص مددگار عامر ڊوگر، سينيٽر سيف الله نيازي، قومي اسيمبلي ميمبر عامر محمود ڪياني، اسامه غياث ميله (سرگوڌا)، اشفاق خان مروت (لڪي مروت)، ذوالفقار شاهه (چنيوٽ) ۽ علي اسجد ملهي (سيالڪوٽ) شامل هئا، ملاقات ۾ لاڳاپيل تڪن جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.

وزيراعظم پاران اهم وفاقي وزيرن، بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا جي وڏن وزيرن سان گڏ آءِ ايس آءِ سيڪريٽريٽ جو دورو
اسلام آباد – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اهم وفاقي وزيرن، بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا جي وڏن وزيرن سان گڏ آءِ ايس آءِ سيڪريٽريٽ جو دورو ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه، چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل محمد امجد خان نيازي ۽ چيف آف ايئر اسٽاف ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر به ان موقعي تي موجود هئا. آءِ ايس آءِ جي ڊي جي ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد سيڪريٽريٽ اچڻ تي سندن استقبال ڪيو. بيان موجب اجلاس ۾ اعليٰ قومي ۽ عسڪري قيادت کي ملڪي سلامتي ۽ افغانستان جي تازي صورتحال جي ڏس ۾ خطي ۾ رونما ٿيندڙ تبديلين تي بريفنگ ڏني وئي، وزيراعظم قومي سلامتي کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ آءِ ايس آءِ جي پيشيوراڻي صلاحيتن کي ساراهيو.

دنيا ۾ هن وقت بياني جي جنگ وڙهي پئي وڃي: چوڌري فواد حسين
اسلام آباد – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته دنيا ۾ هن وقت بياني جي جنگ وڙهي پئي وڃي، نوجوان نسل جو مستقبل ڊجيٽل سان ڳنڍيل آهي، اڳوڻن دورن ۾ رياستي ميڊيا کي پارٽي بياني لاءِ استعمال ڪيو ويو، پي ٽي آءِ جو ڊجيٽل ميڊيا رياست جي ڊجيٽل ميڊيا کان وڌيڪ مضبوط هو، رياستي ميڊيا ادارا رياست جي بياني کي پيش ڪرڻ ۾ بري طرح ناڪام هئا، وزيراعظم عمران خان ميڊيا جي اهميت کي بهتر طريقي سان سمجهي ٿو، وزيراعظم 2017ع ۾ ئي واضح ڪري ڇڏيو هو ته مستقبل ڊجيٽل سان لاڳاپيل آهي، اسان 2018ع ۾ ريفارمز جو آغاز ڪيو، ڊجيٽل ميڊيا ڊولپمينٽ پروگرام نوجوانن کي ٽرانسفارمر ڪرڻ جو باعث بڻجندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊجيٽل ميڊيا ڊولپمينٽ پروگرام جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته هو 2016ع کان پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ ڊجيٽل ميڊيا کي ڏسي رهيو هو، پاڪستان تحريڪ انصاف جو ڊجيٽل ميڊيا رياست جي ڊجيٽل ميڊيا کان وڌيڪ مضبوط هو، گذريل حڪومتن اطلاعات واري وزارت کي پارٽي جو ترجمان بڻائي رکيو هو جنهن ۾ رياستي بياني بدران پارٽي جي بياني کي سگهه ڏني وئي. پي ٽي وي، اي پي پي ۽ پي آءِ ڊي تباهي طرف گامزن هئا، هيومن ريسورس جي صورتحال ابتڙ هئي. صرف پي آءِ ڊي ڪراچي ۾ 62 ماڻهن جي اسٽاف مان هڪ ايم اي، ٽي بي اي ۽ باقي سمورو اسٽاف ميٽرڪ تعليم رکندڙ هو، اي پي پي، ريڊيو پاڪستان ۽ پي ٽي وي جي اربين روپين جي بجيٽ آهي پر هو رياست جي بياني کي پيش ڪرڻ ۾ بري طرح ناڪام هئا. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جهڙي طريقي سان نظام قائم ڪيو هو، اسان ان تي وڃڻ چاهيو ٿي، وزيراعظم عمران خان 2017ع ۾ ئي واضح ڪري ڇڏيو هو ته مستقبل ڊجيٽل سان لاڳاپيل آهي، اسان 2018ع ۾ ريفارمز جو آغاز ڪيو، 2020ع ۾ ڊجيٽل ميڊيا ونگ بڻايو، پي ٽي وي کي ايڇ ڊي ڪيو، اي پي پي کي ڊجيٽل نيوز ايجنسي بڻايو، اڄ ريڊيو پاڪستان جي ايپليڪيشن بهترين ايپس ۾ شامل آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي اقتدار ۾ اچڻ کان پهرين اسان جي حڪمرانن کي پبلڪ ڊپلوميسي جي اهميت جو خيال نه هو جڏهن ته وزيراعظم عمران خان ميڊيا جي اهميت کي بهتر طريقي سان سمجهندو آهي. صرف هلندڙ هفتي وزيراعظم جي مصروفيتن کي ڏٺو وڃي ته سڄي دنيا جي ميڊيا ۾ وزيراعظم جو انٽرويو ويو آهي. جيترو وقت وزيراعظم ميڊيا ۾ ڏئي رهيو آهي ايترو شايد ئي ان کان پهرين ڪنهن حڪمران ڏنو هجي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ان وقت 42 جرنلزم اسڪولز ڪم ڪري رهيا آهن، انهن جا ڪورسز اپ ڊيٽ نه هئا، اطلاعات واري وزارت ۾ جيڪي آفيسر سي ايس ايس ڪري ايندا آهن انهن کي ڊجيٽل ميڊيا جي باري ۾ وڌيڪ معلومات ناهي هوندي، اسان انفارميشن اڪيڊمي جا سمورا ڪورسز تبديل ڪري رهيا آهيون ته جيئن اسان پنهنجي آفيسرن کي ڊجيٽل ميڊيا جي باري ۾ آگاهي فراهم ڪري سگهون. وفاقي وزير چيو ته جڏهن هو 2018ع ۾ پهريون ڀيرو اطلاعات وارو وزير بڻيو ته کيس ناڻي واري وزير کي خط لکيو ته ملڪ ۾ ڊجيٽل ميڊيا ايڊورٽائيزنگ جي بجيٽ تقريبن 4 ارب روپيا آهي، اها ايندڙ پنج سالن ۾ 12 ارب روپين تائين پهچي ويندي پر ڊجيٽل ميڊيا ايڊورٽائيزنگ صرف ٽن سالن ۾ وڌي 25 ارب تائين پهچي وئي آهي ۽ اميد آهي ته اها ايندڙ سالن ۾ 35 ارب روپين تائين وڌي ويندي. ڊجيٽل ميڊيا ايڊورٽائيزنگ کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ گهرجي.

طالبان امن لاءِ آمريڪا جا حصيدار ٿي سگهن ٿا، آمريڪا افغانستان ۾ نئين حڪومت سان گڏجي گڏيل مفادن ۽ علائقائي استحڪام کي فروغ ڏئي سگهي ٿو: وزيراعظم
اسلام آباد – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته طالبان امن لاءِ آمريڪا جا حصيدار ٿي سگهن ٿا، آمريڪا افغانستان ۾ نئين حڪومت سان گڏجي گڏيل مفادن ۽ علائقائي استحڪام کي فروغ ڏئي سگهي ٿو، افغانستان کي تڪرارن ۽ اڳوڻين حڪومتن جي ناڪامين جي ڪري انساني بحران درپيش آهي، پرامن افغانستان پاڪستان جي مفاد ۾ آهي، جنهن سان واپار ۽ ترقياتي منصوبن جون نيون راهون کلي وينديون، چئن ڏهاڪن جي جنگ ۽ تڪرار افغانستان جي معيشت، معاشري ۽ سياست تي تباهه آڻيندڙ اثر وڌا آهن، آمريڪا، چين ۽ روس سڀني کي گڏجي افغانستان جي نئين سر تعمير ۾ حصو وجهڻو پوندو، پاڪستان افغانستان جي ٻين پاڙيسري ملڪن سان گڏجي نئين افغان حڪومت کي تسليم ڪرڻ جو فيصلو ڪندو، ڀارت آمريڪي اسٽريٽج مفادن جي تڪميل لاءِ ڪڏهن به چين جو مقابلو نٿو ڪري سگهي، ڪالهه مشهور آمريڪي اخبار نيوز ويڪ کي انٽرويو ۾ وزيراعطم چيو ته آمريڪي فوجين جي نڪرڻ کانپوءِ طالبان گذريل 40 سالن ۾ پهريون ڀيرو پوري ملڪ تي ڪنٽرول حاصل ڪيو آهي، جنهن سان پوري افعانستان ۾ سيڪيورٽي قائم ٿيڻ جي اميد پيدا ٿي وئي آهي، هن چيو ته افغانستان کي اڳوڻين حڪومتن جي ناڪامي جي ڪري انساني بحران درپيش آهي ان کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ گهرجي. ان کانسواءِ اسان جا افغانستان ۾ موجود دهشتگرد گروپن خاص طور تي ٽي ٽي پي کي بي اثر ڪرڻ لاءِ ڪابل ۾ عملدارن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا ٻنهي کي افغانستان ۾ دهشتگردي کي روڪڻ جي ضرورت آهي، ان مقصد لاءِ اسان کي انساني بحران کي منهن ڏيڻ ۽ معاشي بحالي جي حمايت حاصل ڪندي افغانستان جي استحڪام ۾ مدد لاءِ تعاون ڪرڻو پوندو. هن چيو ته يقينن ڪابل مان فوري آمريڪي فوج جي نڪرڻ سان منفي اثر پيا آهن تنهن هوندي به آمريڪا افغانستان مان رضاڪاراڻا طور تي پنهنجون فوجون واپس گهرايون آهن ان لاءِ مون کي نٿو لڳي ته ان سان آمريڪا جي ساک متاثر ٿي آهي. جيستائين چين جو سوال آهي جيڪڏهن چين افغانستان کي اقتصادي امداد جي آڇ ڪئي ته يقينن افغان عوام ان کي قبول ڪندو. عمران خان چيو ته طالبان سي پيڪ منصوبي ۽ چين سان ويجها لاڳاپا رکڻ جي آجيان ڪئي آهي تنهن هوندي به افغانستان ۾ انساني امداد فراهم ڪرڻ جي افغانستان جي بحالي ۽ نئين سر تعمير ۾ حصو وجهڻ ۽ دهشتگردي تي قابو پائڻ تي تعاون ڪري افغانستان ۾ اسان اهم ۽ مثبت ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. دوها امن عمل دوران آمريڪا طالبان سان ورڪنگ رليشن شپ قائم ڪئي جڏهن ته فوج جي نڪرڻ واري عمل دوران آمريڪا ۽ طالبان جي وچ ۾ سڌو سنئون تعاون هو، مون کي يقين آهي ته آمريڪا افغانستان ۾ نئين حڪومت سان گڏجي گڏيل مفادن ۽ علائقائي استحڪام کي فروغ ڏئي سگهي ٿو، افغانستان جي نئين حڪومت کي تسليم ڪرڻ بابت هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته طالبان هڪ عبوري حڪومت قائم ڪئي آهي ۽ ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته بعد ۾ مستقل حڪومتي ڍانچي جو اعلان ڪندا. پاڪستان ان ڳالهه جو پابند آهي ته هو افغانستان ۾ اصل (ڊي فيڪٽو) عملدارن سان رابطا رکي ته جيئن هن پاڙيسري ملڪ ۾ معاشي ۽ انساني تباهي ۽ دهشتگردي کي وڌڻ ويجهڻ کان روڪي سگهجي، وزيراعظم چيو ته هڪ ڀيرو ڪابل ۾ حڪومت جو پوري ملڪ تي ڪنٽرول قائم ٿي وڃي ته اها قانوني طور تي تسليم ٿيڻ جي اهل ٿي وڃي ٿي، پاڪستان افغانستان جي ٻين پاڙيسرين سان گڏجي نئين حڪومت کي تسليم ڪرڻ جي حوالي سان ڪنهن فيصلي تي پهچڻ تي ترجيح ڏيندو، هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته يقينن افغانستان ۾ حقيقت ۾ اهڙا دهشتگرد گروه موجود آهن جن افغانستان جي تڪرار مان فائدو کڻندي اتي پناهه ورتي، پاڪستان کي افغانستان مان دهشتگردي خاص طور تي ٽي ٽي پي جي خطري جي باري ۾ تمام گهڻي ڳڻتي آهي، جن افغانستان جي سرزمين تان ڪجهه دشمن ڳجهين ايجنسين جي سرپرستي ۽ مدد سان پاڪستان جي خلاف هزارين حملا ڪيا، وزيراعظم چيو ته ٽي ٽي پي پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ چيني شهرين تي وڌيڪ حملن جي ذميدار رهي آهي، شايد انهن کي ايسٽ ترڪمانستان اسلامڪ موومينٽ جو تعاون به حاصل هجي، پاڪستان افغانستان جي عملدارن سان گڏجي ٽي ٽي پي ۽ ٻين دهشتگردي کي افغانستان مان ڪاروايون ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪندو. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان افغانستان مان دهشتگردن جي خطرن تي ضابطو آڻڻ لاءِ هڪ جامع نقطه نظر کي فروغ ڏيڻ چاهي ٿو ان سلسلي ۾ اسان آمريڪا سميت عالمي برادري سان تعاون ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته اسان سمجهون ٿا ته ڀارت کي آمريڪي فوجي مدد ۽ نام نهاد ڪواڊ جو مقصد چين جو رستو روڪڻ آهي، ان حڪمت عملي جي حوالي سان پاڪستان جو پنهنجو نقطه نظر آهي، اسان جي نظر ۾ آمريڪا افغانستان ۾ نئين حڪومت سان گڏجي گڏيل مفادن ۽ علائقائي استحۡڪام کي فروغ ڏئي سگهي ٿو، ڀارت آمريڪي اسٽريٽجڪ مفادن جي تڪميل لاءِ ڪڏهن به چين جو مقابلو نٿو ڪري سگهي، ڀارت پاران وڏي انگ ۾ هٿيارن جي خريداري جو مقصد ڏکڻ ايشيا ۾ پنهنجو راڄ قائم ڪرڻ ۽ خاص طور تي پاڪستان کي ڌمڪائڻ آهي. هن چيو ته ڀارت سڄي فوجي صلاحيتن مان 70 سيڪڙو چين نه پر پاڪستان خلاف مقرر ڪئي آهي ان جي لاءِ پاڪستان کي ڀارت جي جديد ترين هٿيارن ۽ ٽيڪنالاجي جي فراهمي جي باري ۾ خدشا جائز آهن، ڏکڻ ايشيا ۾ هٿيارن جي ڊوڙ تڪرارن جي امڪانن کانسواءِ هندستان ۽ پاڪستان ٻنهي کي سماجي اقتصادي ترقي ۽ پنهنجي ماڻهن جي ڀلائي ۾ سيڙپڪاري کان هٽائي ڇڏيندي. پاڪ چين اسٽريٽجڪ لاڳاپن جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته چين سان پاڪستان جا لاڳاپا 70سال پراڻا آهن جيڪي اقتصادي، فني، فوجي ۽ ٻين شعبن تي ٻڌل آهن. ان پوري عرصي ۾ پاڪستان هڪ ئي وقت آمريڪا سان به ويجها لاڳاپا رکيو اچي، حقيقت ۾ اهو پاڪستان ئي هو جنهن پهريون ڀيرو 1971ع ۾ آمريڪا ۽ چين کي ملايو هو. اسان چين سان پنهنجي اسٽريٽجڪ حصيداري ڪو به سبب نٿا ڏسو جيڪو آمريڪا سان تعاون تي ٻڌل لاڳاپن تي اثر انداز ٿئي. اسان سمجهون ٿا ته آمريڪا ۽ چين جي موجوده دشمني غير ضروري ۽ ٻنهي عالمي طاقتن جي خلاف آهي، ٻنهي طاقتن جي وچ ۾ تعاون ٻنهي لاءِ لاڀائتو هوندو ۽ انهن بي شمار عالمي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ضروري آهي جيڪي اسان کي درپيش آهن، اسان اميد ڪريون ٿا ته بيجنگ ۽ واشنگٽن ٻئي تمام جلد هڪ ئي نتيجي تي پهچندا. شنگهائي تعاون تنظيم جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته اسان ايس سي او کي علائقائي تنظيم طور انتهائي اهميت ڏيون ٿا. ايس سي او سمٽ ۾ مون افغانستان جي موجوده صورتحال جي باري ۾ پاڪستان جو نقطه نظر پيش ڪيو ۽ افغانستان جي موجوده صورتحال جي ڪري خطي کي درپيش چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ امڪاني رستي جي نشاندهي ڪئي. هن چيو ته جيڪڏهن ڀارت پاڪستان سان لاڳاپن ۾ مثبت رويو اختيار ڪري ٿو ته ايس سي او ايشيائي کنڊ جي ان وڏي علائقي ۾ استحڪام ۽ خوشحالي کي فروغ ڏيڻ لاءِ هڪ مفيد پليٽ فارم طور تي ڪم ڪري سگهي ٿو، سي پيڪ بابت هڪ سوال جو جواب ڏيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته چين پهرين ئي سي پيڪ جي ڇٽي هيٺ تقريبن 25 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ڪري چڪو آهي، جڏهن ته 20 ارب ڊالر ماليت جا اضافي منصوبا پڄاڻي جي ويجهو آهن ان کانسواءِ وڌيڪ 25 ارب جا منصوبا پائيپ لائين ۾ آهن جيتوڻيڪ ڪورونا جي ڪري ڪيترن ئي منصوبن تي ڪم سست ٿي ويو آهي پر سي پيڪ جا مقصد شيڊول موجب حاصل ڪيا پيا وڃن ۽ مستقبل ۾ انهن تي عملدرآمد تيز ٿي ويندو. عمران خان چيو ته پاڪستان آمريڪا ۽ جي 7 جي بهتر بنيادي تعمير جي قدم جي آجيان ڪري ٿو تنهن هوندي به ان کي چين جي ”بيلٽ اينڊ روڊ انيشيٽو“ جي مقابلي ۾ نٿا ڏسون، هي هڪ اهڙو قدم آهي جيڪو انفرااسٽرڪچر ۽ ٻين منصوبن جي تعمير ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. هي قدم اسرندڙ ملڪن کي پنهنجي ترقياتي مقصد ۽ پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي قابل بڻائڻ لاءِ اهم آهن، آمريڪا جي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ ڪاميابي ۽ ناڪامي جي حوالي سان هڪ سوال جو جواب ڏيندي وزيراعظم چيو ته 11/9 جي ذميدار تنظيم القاعده افغانستان ۾ ختم ٿي چڪي آهي. جنهن جو وڏو سبب گذريل 20 سالن ۾ پاڪستان آمريڪا جو دهشتگردي جي خاتمي لاءِ گڏيل تعاون آهي، تنهن هوندي به دهشتگردي جي بنيادي سببن، تڪرارن ۽ معاشي ۽ سماجي ناانصافي ختم ڪرڻ تي ڌيان ناهي ڏنو ويو جنهن جي نتيجي ۾ دهشتگرد گروهن جو نظريو ۽ بيانيو آفريڪا سميت دنيا جي ڪيترن ئي علائقن ۾ پکڙيو ۽ نيون دهشتگرد تنظيمون سامهون آيون، انهن کانسواءِ دنيا جي ڪيترن ئي حصن ۾ مسلم مخالف انتهاپسند تحريڪون ۽ دهشتگرد اڀريا آهن. اسان هندستان جي انتهاپسند هندو توا نظريي ۾ اهڙي طرح جي اسلاموفوبيا کي مضبوط ترين عنصر ڏسون ٿا جنهن والاريل ڪشمير جي مسلمانن ۽ 200 ملين هندستاني مسلمان اقليت جي خلاف رياستي سرپرستي ۾ دهشتگردي شروع ڪئي آهي، دنيا کي دهشتگردي جي نئين شڪل کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ نئين ۽ جامع دهشتگردي جي خاتمي جي عالمي حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت آهي، افغانستان مان آمريڪي فوج جي انخلا جي اثرن بابت هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته چئن ڏهاڪن جي جنگ ۽ تڪرارن افغانستان جي معيشت ۽ معاشري ۽ سياست تي تباهه ڪن اثر وڌا آهن، طويل جنگ جي خاتمي سان افغانستان ۽ خطي ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي آڻڻ لاءِ اڄ اميد جي ڪرن پيدا ٿي آهي. هن چيو ته افغانستان ۾ 20 سال جي فوجي مداخلت کانپوءِ عالمي برادري افغانستان جي ماڻهن جي حوالي سان پاڻ کي ذميدارين کان آجو قرار نٿي ڏئي سگهي. ان کي افغانستان سان ڳنڍيل رهڻو پوندو تنهن هوندي به اسان اميد ڪريون ٿا ته افغانستان کي انساني اقتصادي مدد، رابطا ۽ بنيادي ڍانچي جي منصوبن جي وسيلي مستحڪم ڪيو ويندو، جڏهن ته چين، آمريڪا ۽ روس گڏجي افغانستان جي نئين سر تعمير ۾ حصو وجهڻو پوندو، وزيراعظم خبردار ڪيو ته جيڪڏهن افغانستان جي اندر علائقائي رياستن ۽ عالمي طاقتن جي وچ ۾ دشمني برقرار رهي ته اها افغانستان ۾ تشدد ۽ تڪرارن جي هڪ نئين دور جو آغاز ٿي سگهي ٿي. ان سان پناهگيرن جو نئون سمنڊ پيدا ٿيندا، افغانستان مان دهشتگردي جو خطرو وڌي ويندو ۽ پوري خطي ۾ عدم استحڪام پيدا ٿيندو.

پاڪستان اسلامي فلاحي رياست بڻجڻ جي سفر تي گامزن آهي: وزيراعظم
اسلام آباد – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان اسلامي فلاحي رياست بڻجڻ جي سفر تي گامزن آهي، حڪومت معاشري جي ڪمزور طبقن ۽ عام ماڻهن جي ڀلائي لاءِ پروگرام متعارف ڪرايا آهن، اسان چوري ڪندڙن جي احتساب جي ڳالهه ڪريون ٿا، ان لاءِ مخالف اسان جي خلاف گوڙ ڪري رهيا آهن، اسان کي آزاد عدليه ۽ ميڊيا مان ڪو به مسئلو نه آهي، ماضي ڪنهن به حڪومت ميڊيا کي تنقيد جي ايتري آزادي نه ڏني جيتري اسان ڏني آهي، پروپيگنڊا وسيلي وزيراعظم جي توهين ڪئي وئي ۽ الزام لڳايا ويا، ميڊيا ۾ 70 سيڪڙو پروگرام ۽ خبرون اسان جي خلاف آهن، نوجوان نوان آئيڊيا آڻين، حڪومت پوري طرح حمايت ڪندي، اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه ڊجيٽل ميڊيا ڊولپمينٽ پروگرام تحت نوجوانن لاءِ ڊجيٽل ميڊيا انٽرنشپ جي آغاز جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات جو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين به موجود هو، وزيراعظم چيو ته هن پروگرام جو آغاز خوش آئنده آهي، نوجوان اسان جي ملڪ جو مستقبل آهن، وزيراعظم چيو ته نوجوانن پاڻ کي گهٽ نه سمجهن، مون ڪرڪيٽ ۾ گهڻيون مشڪلاتون ڏٺيون پر ڪڏهن به هار نه مڃي ۽ ڪوششون جاري رکيون. هن چيو ته الله تعاليٰ انسان کي اشرف المخلوقات بڻايو آهي، وڏا خواب ڏسندڙ ۽ ان لاءِ محنت ڪندڙ ئي وڏا انسان ٿين ٿا، ۽ اهي مشڪلاتن کان ناهن گهٻرائيندا، وزيراعظم چيو ته دنيا ڊجيٽل طرف وڃي پئي ۽ ايندڙ دور ڊجيٽل جو آهي، نوجوان پنهنجين صلاحيتن جو استعمال ڪندي وڏن هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪندا رهن ۽ پنهنجي سوچ بلند رکن، هن چيو ته دنيا ۾ ٻن قسمن جا ماڻهو رهن ٿا هڪڙا اهي جيڪي پاڻ لاءِ سوچين ٿا ٻيا اهي جيڪي ٻين لاءِ سوچيندا آهن. وزيراعظم چيو ته انٽرنشپ حاصل ڪندڙ پاڪستان جي ويزن ۽ مقصد کي اڳيان وڌائن، پاڪستان بڻائڻ جو مقصد هڪ اهڙو ملڪ بڻائڻ هو جيڪو مثالي ۽ سلامي رياست ٺهي، اسلامي رياست خوددار هوندي آهي جيڪا ڪنهن جي به آڏو ناهي جهڪندي، اسان کي هڪ خوددار قوم بڻجڻو آهي، اسلامي رياست جي ٻي خاصيت انسانيت جو احساس هوندي آهي ۽ اسان ان جي لاءِ ئي احساس پروگرام شروع ڪيو. خيبرپختونخوا ۾ هر خاندان کي اسان صحت انشورنس فراهم ڪئي آهي. بي گهرن لاءِ پناهگاهون قائم ڪيون آهن، هن چيو ته ماڻهن جي ڀلائي جو ڪم پاڪستان ٺهڻ سان ئي شروع وڃڻ گهرجي ها، هن چيو ته ڪو به معاشرو انصاف کانسواءِ ترقي نٿو ڪري سگهي. اسلامي رياست ۾ قانون جي حڪمراني هوندي آهي جتي قانون جي حڪمراني نه هجي ته اها بنانا ريپلڪ هوندي آهي، وزيراعظم چيو ته اسان جي حڪومت ۾ ميرٽ جو نظام آهي ۽ سرڪاري عهدا ڪنهن خاندان جي ماڻهن لاءِ نه آهن، اسان طاقتور کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي ڳالهه ڪريون ٿا ته مخالف شور مچائڻ شروع ڪن ٿا، ڇو ته اسان چوري ڪندڙن جي احتساب جي ڳالهه ڪريون ٿا، وزيراعظم چيو ته پهرين صرف ڪمزورن کي جهليو ويندو هو ۽ طاقتورن جي خلاف ڪير به ڪارروائي نه ڪندو هو. مخالفين اين آر او گهرن ٿا ۽ چاهين ٿا ته انهن کي نه جهليو وڃي، وزيراعظم نوجوانن تي زور ڏنو ته هو سچ تي قائم رهن ۽ حقيقتون بيان ڪن ڇو ته ڪوڙ ڳالهائيندڙ جي ڪا به عزت ناهي هوندي، وزيراعظم چيو ته صحافت ۾ ساک جي وڏي اهميت هوندي آهي، ڪوڙيون خبرون ڏيندڙن جي عزت نٿي رهي، تنقيد سدائين سچ جي بنياد تي هجڻ گهرجي، اسان کي آزاد عدليه ۽ ميِڊيا مان ڪو به مسئلو نه آهي ڇو ته اسان جي حۡڪومت نه قانون ٽوڙي ٿي نه ئي ڪرپشن ڪري ٿي، وزيراعظم چيو ته هو چئلينج ڪري ٿو ته ميڊيا کي جيتري آزادي هن وقت آهي اها ماضي ۾ ڪڏهن به ناهي ملي، ٽن سالن ۾ 70 سيڪڙو پروگرام ۽ خبرون اسان جي خلاف هلايون ويون، جيترا بهتان ۽ الزام منهنجي مٿان ۽ منهنجي وزيرن جي مٿان هنيا ويا دنيا ۾ ڪنهن به جمهوري ملڪ ۾ ائين نٿو ٿئي، هن ان سلسلي ۾ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم جي نامزدگي بابت ٽن اخبان ۾ پهرين صفحي تي شايع ٿيندڙ خبرن جو حوالو ڏيندي چيو ته جيڪڏهن انگلينڊ ۾ ڪا به اخبار اهڙي طرح جي خبر ڏئي ها ته ان جي خلاف ملين ڊالر جو کٽي شوڪت خانم جو عطيو ڪريان ها، پروپيگنڊا وسيلي وزيراعظم جي توهين ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته رياست ميڊيا کي ماضي ۾ پروپيگنڊا لاءِ استعمال ڪيو ۽ حڪمران ميڊيا کي رشوت وسيلي ڪنٽرول ڪندا هئا، هن نوجوانن تي زور ڏنو ته هو سچ کي پروموٽ ڪن ۽ رياست جي مقصد ۽ ويزن کي اڳيان وڌائن، هن چيو ته ڊجيٽل ميڊيا ۾ نوجوانن لاءِ وڏا موقعا موجود آهن هو نون آئيڊياز سان اڳيان اچن، حڪومت انهن جي سپورٽ ڪندي، واضح رهي ته ڊجيٽل ميڊيا ڊولپمينٽ پروگرام وزيراعظم جي ان ويزن جو حصو آهي جنهن تحت نوجوانن کي جديد هنر سان ليس ڪرڻ آهي، ان پروگرام تحت اهل نوجوان ٽن مهينن تي ٻڌل مشهور سوشل ميڊيا ڪمپنين، فيس بڪ، گوگل، يوٽيوب ۽ ٽيوٽ جي ماهرن کان ٽريننگ حاصل ڪندا. جنهن کانپوءِ کين سرٽيفڪيٽ ڏنا ويندا، گڏيل قومن جو ترقياتي پروگرام يو اين ڊي پي انهن نوجوانن کي انٽرنشپ دوران معاوضو به ادا ڪندو.


گهٽ قيمت تي رهائش جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي: وزيراعظم عمران خان
اسلام آباد – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ملڪ ۾ پهريون ڀيرو مارٽگيج فنانسنگ کي متعارف ڪرايو، غريب ماڻهو هاڻي مسواڙ بدران گهر جون قسطون ڏئي پنهنجي گهر جو مالڪ بڻجي سگهندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي چيئرمين وزيراعظم کي ملڪ ۾ گهٽ قيمت تي رهائش جي فراهمي لاءِ جاري منصوبن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته مارٽگيج فنانسنگ لاءِ اسٽيٽ بئنڪ 69 ارب روپين جي منظوري ڏئي رهي آهي، وزيراعظم عمران خان چيو ته گهٽ قيمت رهائش جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، حڪومت ملڪ ۾ پهريون ڀيرو مارٽگيج فنانسنگ کي متعارف ڪرايو. هن چيو ته غريب ماڻهو هاڻي مسواڙ بدران گهر جون قسطون ڏئي پنهنجي گهر جو مالڪ بڻجي سگهندو.

وزيراعظم عمران خان سان بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال جي ملاقات
اسلام آباد – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ بلوچستان ترقياتي پيڪيج تحت جاري منصوبن تي اڳڀرائي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ساحلي علائقن تي سياحت جي فروغ لاءِ ترقياتي منصوبن ۽ معدني شعبي ۾ وفاقي حڪومت پاران معدني ترقياتي پروگرام تي به ڳالهه ٻولهه ٿي.

وزيراعظم عمران خان سان واسا لاهور جي وائيس چيئرمين شيخ امتياز جي ملاقات
اسلام آباد – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان واسا لاهور جي وائيس چيئرمين شيخ امتياز ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ وزيراعظم کي لاهور ۾ پاڻي جي نيڪاسي، خاص طور تي برساتن کانپوءِ پاڻي جي مسئلن جي حل لاءِ کنيل قدم کان آگاهه ڪيو ويو. ان کانسواءِ لاهور ۾ برسات جي پاڻي کي ذخيرو ڪرڻ جي نظام کي سگهه ڏيڻ تي به بريف ڪيو ويو.

صدر ڊاڪٽر عارف علوي سينيٽر عليم خان جي گهر ويو ۽ سندس سهري جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي
لاهور – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي لاهور ۾ سينيٽر عليم خان جي گهر ويو ۽ سندس سهري جي لاڏاڻي تي ساڻس تعزيت جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ مان جاري پريس رليز موجب صدر وارثن سان افسوس ۽ فاتحه خواني ڪئي. هن مرحوم لاءِ مغفرت ۽ ڏکويل خاندان لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.

عورت کي سڀ کان پهرين وراثت ۾ حصو اسلام ڏنو آهي جيڪو ان کان ڪير به ڇني نٿو سگهي: صدر
لاهور – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته عورت کي سڀ کان پهرين وراثت ۾ حصو اسلام ڏنو آهي جيڪو ان کان ڪير به ڇني نٿو سگهي، موجوده حڪومت به عورتن کي بااختيار بڻائڻ سميت کين قومي ڌارا ۾ آڻڻ لاءِ پرعزم آهي، ان لاءِ پنجاب حڪومت عورتن کي جائيداد ۾ حصو ڏيڻ جي حوالي سان قانونسازي ڪئي آهي. هو مقامي هوٽل ۾ ”عورتن جي حراسگي“ جي موضوع تي منعقد قومي سيمينار کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي وفاقي محتسب نبيله خان، اسيمبلي ميمبر، مختلف اين جي اوز ۽ انساني حقن جي تنظيمن جون نمائنده عورتون ۽ ٻيا ماڻهو به موجود هئا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته عورتن کي جائيداد ۾ حصو ڏيڻ جي حوالي سان پنجاب حڪومت جي قانونسازي خوش آئنده آهي ۽ ان تي مڪمل عملدرآمد ٿيڻ گهرجي ته جيئن اهو سمورو مرحلو قانون جي دائري ۾ رهندي ٿيڻ گهرجي، اهو نه ٿيڻ گهرجي ته توهان جائيدادن ۾ پنهنجو حصو وٺڻ لاءِ هٿياربند ماڻهو گڏ وٺي اچو. هن چيو ته اسان جي ملڪ ۾ جائيداد جا تڪرار معمول جي ڳالهه آهن، هن چيو ته آئون به اهڙن متاثرن ۾ شامل آهيان پر آئون قانون موجب پنهنجو حصو حاصل ڪرڻ تي يقين رکان ٿو، بهر حال عورتن کي جائيداد ۾ حصو ڏيڻ اسان جي ديني ۽ معاشرتي ذميداري آهي. صدر چيو ته هن اسٽيٽ بئنڪ سميت ٻين مالياتي ادارن سان عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ قومي ڌارا ۾ آڻڻ جي غرض سان معاشي ۽ اقتصادي طور تي مستحڪم ڪرڻ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ته ادارن پاران مون کي ٻڌايو ويو ته حڪومت عورتن کي معاشي طور تي مضبوط ۽ بااختيار بڻائڻ لاءِ آسان ترين شرطن تي قرض جاري ڪرڻ جو پروگرام باقاعده شروع ڪري رکيو آهي. عارف علوي چيو ته مون کي اهو ٻڌي حيراني ٿي ته حڪومت پاران فنڊز فراهم ڪيا ويا آهن پر عورتون ان مان فائدو کڻڻ لاءِ بئنڪن يا لاڳاپيل ادارن جو رخ نه ڪري رهيون آهن. هن اسيمبلي جي عورت ميمبرن کي مخاطب ٿيندي چيو ته هو ان سلسلي ۾ عورتن جي اصلاح ڪن ۽ انهن ۾ شعور اجاگر ڪن ته هو حڪومت جي ڪامياب جوان پروگرام مان فائدو کڻن ڇو ته اهو پروگرام صرف مردن لاءِ ئي ناهي پر ان ۾ عورتون به شامل آهن. هن چيو ته عورتون ملڪ جي ڪل آبادي جو اڌ آهن ان لاءِ کين هر شعبي ۾ برابري ۽ مساوات جو حق حاصل آهي جڏهن ته حڪومت صنفي امتيازي جي هر سطح تي حوصلا شڪني ڪندي آهي. عورتن جي حجاب جي حوالي سان صدر ڀارتي صحافي ارون ڌتي راءِ جو حوالو ڏنو جنهن عورتن جي حجاب پائڻ جي مخالفت ڪندڙن تي تنقيد ڪئي آهي ۽ عورتن جي پنهنجي مرضي موجب برقعو يا حجاب پائڻ کي درست قرار ڏنو آهي. عارف علوي چيو ته ڪنهن کي نه ته زبردستي حجاب پارائي سگهجي ٿو ۽ نه ڪنهن جو حجاب لاهي سگهجي ٿو. هن چيو ته عورتن کي بااختيار بڻائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي ۽ معيشت سان گڏوگڏ معاشري جي بهتري لاءِ عورتن کي هر شعبي ۾ پنهنجو عملي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. صدر چيو ته منهنجي علم ۾ اها ڳالهه آئي آهي ته عورتون حڪومت جي ڪامياب جوان پروگرام مان مستفيد ٿيڻ لاءِ لاڳاپيل بئنڪن ۽ ادارن سان رابطو ئي نه ڪري رهيون آهن ۽ صرف ٻه سيڪڙو عورتون قرض کي حاصل ڪرڻ لاءِ رابطو ڪيو آهي جيڪو بي حد آسان يا نه هجڻ جي برابر شرطن تي ڏنو پيو وڃي جنهن تي مون کي وڏي حيراني ٿي. هن چيو ته عورتن کي گهرجي ته هو بزنس فزيبلٽي يا ڪاروبار جو پلان جوڙين ۽ ڏسن ته هو قرض جي پئسن مان ڪهڙي طرح پنهنجو روزگار ڪري سگهن ٿيون ۽ ان کانپوءِ هو بئنڪ وڃن يا لاڳاپيل فورم سان رجوع ڪري قرض حاصل ڪن ۽ نه رڳو پنهنجي خاندان جي ڪفالت ڪن پر قومي معيشت ۾ پنهنجو حصو وجهن.

افغانستان ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جو قيام خطي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آهي: پرڏيهي وزير
اسلام آباد/نيويارڪ – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغانستان ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جو قيام خطي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي وزير نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي جاپان جي پنهنجي هم منصب توشي مٽسو موتيجي سان ملاقات ڪئي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن، افغانستان جي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان جاپان سان پنهنجي سياسي ۽ معاشي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان جاپان کي هڪ ترقياتي حوالي سان اعتماد جي قابل حصيدار سمجهي ٿو. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته اسان 2022ع ۾ پاڪستان ۽ جاپان جي سفارتي لاڳاپن جي 70 هين سالگرهه کي پرجوش انداز ملهائڻ جو ارادو رکون ٿا، پرڏيهي وزير پاڪ جاپان گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ لاءِ گڏيل ڪوششون استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي پنهنجي جاپاني هم منصب کي افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال جي حوالي سان پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جو قيام خطي جي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آهي. افغانستان ۾ وڌندڙ انساني ۽ معاشي بحران جي خاتمي لاءِ ضروري آهي ته عالمي برادري افغانستان جي مدد کي يقيني بڻائي. پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ڀارت پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن ۽ عالمي قانونن جي سنگين خلاف ورزين جي ثبوتن تي ٻڌل هڪ ”ڊوزيئر“ جاپاني هم منصب کي پيش ڪيو.

شهريار آفريدي جي ايڇ آر ڊبليو جي ڊائريڪٽر لوئيس چاربونيو کي والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي صورتحال تي بريفنگ
گڏيل قومون – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) ڪشمير بابت خصوصي پارلياماني ڪميٽي جي چيئرمين شهريار آفريدي انساني حقن جي تحفظ لاءِ ڪم ڪندڙ هيومن رائيٽس واچ جي عالمي اداري ”ايڇ آر ڊبليو“ جي ڊائريڪٽر لوئيس چاربونيو کي ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي صورتحال تي بريفنگ ڏني، اها ملاقات گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي ٿي، اهو ادارو ڪشمير ۾ ڀارت جي انساني حقن جي خلاف ورزين خاص طور تي نئين دهلي جي تڪراري علائقي جي الحاق کانپوءِ تنقيدي رپورٽون جاري ڪري چڪو آهي، شهريار آفريدي انساني حقن جي ڪارڪنن ۽ تنظيمن سان ملاقات دوران ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هو ڀارتي سيڪيورٽي فورسز پاران بي وس ڪشميرين جي خلاف ٿيندڙ بربريت جي خلاف ڳالهه ٻولهه ڪندو.

پرڏيهي وزير جو آمريڪي سينيٽ جي پرڏيهي معاملن بابت ڪميٽي جي رينڪنگ ميمبر ريپبلڪن سينيٽر جيمز رش سان ٽيليفونڪ رابطو
اسلام آباد/نيويارڪ – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي آمريڪي سينيٽ جي پرڏيهي معاملن بابت ڪميٽي جي رينڪنگ ميمبر ريپبلڪن سينيٽر جيمز رش سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي وزير پاڪستان پاران آمريڪا سان ڊگهي بنياد، اسٽريٽجڪ حصيداري جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو جيڪو ٻطرفي ۽ علائقائي حوالي سان ٻنهي ملڪن جي گڏيل مفادن کي اڳتي وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. پرڏيهي وزير علائقائي رابطي، ٻطرفي واپار ۽ اقتصادي تعاون کي وڌائڻ جي اهيمت تي زور ڏنو، پرڏيهي وزير افغانستان ۾ هڪ جامع، سياسي حل کي حاصل ڪرڻ جون ڪوششون جاري رکڻ تي عزم جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته افغانستان ۾ هڪ مستحڪم ۽ وسيع بنياد حڪومت جي ضرورت آهي ته جيئن عالمي دهشتگرد گروه، افغان سرزمين جو ٻيهر ڪڏهن استحصال نه ڪري سگهن، آمريڪي سينيٽر رش ٻطرفي ۽ علائقائي معاملن تي گڏيل مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون جاري رکڻ جي حوالي سان پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جي موقف سان اتفاق ڪيو.

ڪشمير کانپوءِ آسام مان مسلمانن تي سيڪيورٽي فورسز جي ظلمن جي وڊيو سامهون آئي آهي: چوڌري فواد حسين
اسلام آباد – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڪشمير کانپوءِ آسام مان مسلمانن تي سيڪيورٽي فورسز جي ظلمن جي وڊيو سامهون آئي آهي، ڪالهه برطانوي پارليامينٽ جي ميمبرن جهڙي طرح ڪشمير ۾ ٿيندڙ ظلمن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي اها واکاڻ جوڳي آهي، پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته وزيراعظم عمران خان هڪڀيرو ٻيهر اڄ جمعي تي گڏيل قومن جو ڌيان افغانستان ۾ ٿيندڙ ظلمن طرف ڇڪرائيندو.

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جي فن لينڊ جي پنهنجي هم منصب سان ملاقات
اسلام آباد/نيويارڪ – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي نيويارڪ ۾ جاري گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي فن لينڊ جي پنهنجي هم منصب پيڪاهاويسٽو سان ملاقات ڪئي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻطرفي سياسي مشاورت جو اڳيون اجلاس جلد منعقد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ملاقات دوران ٻطرفي لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان فن لينڊ سان پنهنجي ٻطرفي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پاڪستان ۽ فن لينڊ جي وچ ۾ سفارتي رابطن جا 7 ڏهاڪا مڪمل ٿيڻ تي پرڏيهي وزير هاويسٽو کي مبارڪباد ڏني ۽ فن لينڊ سان سياسي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ معاشي لاڳاپن کي گهرو ڪرڻ ۽ تعليمي تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻطرفي سياسي مشاورت جو اڳيون اجلاس جلد منعقد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. شاهه محمود قريشي چيو ته اسلام آباد ۾ فن لينڊ جو سفارتخانو ٻيهر کولڻ سان اسان جا واپاري لاڳاپا مضبوط ٿيندا ۽ عوامي سطح تي رابطن ۾ اضافو ٿيندو، پاڪستان ۽ فن لينڊ جي وچ ۾ اعليٰ سطحي رابطن جو فروغ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو، پرڏيهي وزير فن لينڊ جي پرڏيهي وزير کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني ۽ ان کي افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪيو.

وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ ملڪ ترقي جي راهه تي گامزن آهي: صدر
لاهور – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ ملڪ ترقي جي راهه تي گامزن آهي ۽ ٻاهرين ملڪ سيڙپڪاري سان ملڪ ۾ نوان صنعتي زون ٺهي رهيا آهن، حڪومتي صنعتي انقلاب تي يقين رکي ٿي، ڪورونا سبب پوري دنيا متاثر ٿي، پر پاڪستان ان کي وڏي حد تائين روڪڻ ۾ ڪامياب رهيو، دنيا کي هن وقت اڀرندڙ نئين پاڪستان جي ضرورت آهي، جڏهن ته اقتصادي طور تي ڪنهن به ملڪ کي اڪيلو نٿو ڪري سگهجي. هو لاهور ۾ چيني سيڙپڪاري سان قائم چئلينج ٽيڪسٽائيل فيڪٽري جي دوري جي موقعي تي خطاب ڪري رهيو هو. چئلينج ٽيڪسٽائيل فيڪٽري جي ايم ڊي ڪيرن چن ۽ پاڪستان واپاري قمر خان بوبي صدر کي ان حوالي سان بريفنگ ڏني، ان موقعي تي صدر 150 ملين ڊالر سان شروع ٿيندڙ چئلينج ٽيڪسٽائيل پارڪ جو به افتتاح ڪيو، صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان کي چئلينج ٽيڪسٽائيل جهڙي سيڙپڪاري جي وڌيڪ ضرورت آهي، پاڪستان هڪ محفوظ ملڪ آهي جتي ملڪي سيڙپڪارن کي تحفظ ڏنو ويندو، هن چيوته پاڪستان چين دوستي تي اسان کي فخر آهي ۽ چيني سيڙپڪاري سان ملڪ صنعتي انقلاب طرف وڃي رهيو آهي، صدر چيو ته ڪورونا جي تازي وبا سان سڄي دنيا متاثر ٿي، پر پاڪستان ان کي وڏي حد تائين روڪڻ ۾ ڪامياب رهيو. جڏهن ته ان جي خلاف ويڪسين تيار ڪندڙ ملڪن ۾ شامل ٿي چڪو آهي، مائيڪرو فنانس ۽ ڪووڊ -19 کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ڪاميابي حڪومتي ڪاميابين جو تسلسل آهي، هن چيو ته اقتصادي طور تي ڪنهن به ملڪ کي اڪيلو نٿو ڪري سگهجي ۽ دنيا کي هن وقت پاڪستان جي ضرورت آهي، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اسان چيني سيڙپڪارن کي دعوت ڏيون ٿا ته هتي اچن، سيڙپڪاري ڪن ۽ دنيا کي مثبت پيغام ڏين، هن چيو ته اقتصادي مسئلن جي حل لاءِ تيز ترين رابطن جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ جو دنيا هن وقت تمام تيز ٿي چڪي آهي، هن چيو ته وزيراعظم جي قيادت ۾ ملڪ ۾ خصوصي اقتصادي زون قائم ڪيا پيا وڃن، اقتصادي زون قائم ٿيڻ سان نه رڳو نئين انڊسٽري لڳندي پر ماڻهن کي وسيع پئماني تي روزگار به ملندو ۽ انشاءُ الله ايندڙ ڏينهن پاڪستان لاءِ سٺا هوندا.