اسلام آباد – 25 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيني صدر شي جن پنگ جي دعوت تي بيجنگ ۾ ٻي ”بيلٽ اينڊ روڊ فورم“ ۾ شرڪت جي لاءِ چين روانو ٿي ويو. پرڏيهي آفيس طرفان جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان 25 کان 28 اپريل تائين چين جي دوري دوران اڄ 26 اپريل تي فورم جي افتتاحي تقريب کي اهم خطاب ڪندو. هو ليڊرز رائونڊ ٽيبل ۾ به شريڪ ٿيندو