APP54-27 KARACHI: November 27 - President Dr Arif Alvi addressing the inaugural ceremony of IDEAS-2018 at Expo Centre. APP

ڪراچي – 27 نومبر (اي پي پي) صدر عارف علوي 10 هين عالمي دفاعي نمائش ۽ سيمينار (آئيڊياز 2018ع) جو افتتاح ڪري ڇڏيو، افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي صدر ان عزم جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ۾ هٿيارن جي پيداوار دفاعي مقصد لاءِ آهي ۽ رهندي، ملڪي سرحدن جي دفاع ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي خلاف پرعزم ڪوششن تي هٿياربند فوج کي خراج تحسين پيش ڪندي هن چيو ته ان سلسلي ۾ عالمي برادري کي پاڪستان جي قربانين کي نظر انداز نه ڪرڻ گهرجي.