APP04-14 ISLAMABAD: May 14 – Hassan Daud Butt, CPEC Director, Planning Development and Reforms Division addressing during 2nd day of International Conference of News Agencies (ICNA) as the delegates from various countries arriving to attend the event organized by the Associated Press of Pakistan (APP) under the theme, “Pakistan’s Media – Opportunities and Challenges” with special focus on ‘News Agencies – Emerging Professional Challenges.' APP photo by Irfan Mahmood

اسلام آباد – 14 مئي (اي پي پي) پاڪستان ۾ اقتصادي ۽ صنعتي ترقي لاءِ پاڪ چين اقتصادي راهداري (سي پيڪ) تحت گڏيل ڪاروباري ماڊل سان گڏوگڏ اسڪل ڊولپمينٽ ۽ ڪاروباري ماڻهن جي گڏيل رابطن کي فروغ ڏنو پيو وڃي، سي پيڪ تحت انفرااسٽرڪچر، توانائي، اقتصادي زونز جي قيام سميت مختلف منصوبن جي تڪميل سان پاڪستان نه رڳو پائيدار ترقي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندو پر لکين جوانن کي روزگار جا موقعا ميسر ايندا ۽ عوام جي سماجي ڀلائي به يقيني ٿيندي، منفي تاثرن جي خاتمي ۽ منصوبي جي باري ۾ بهتر آگاهي جي ڏس ۾ ميڊيا جو ڪردار گهڻي اهميت وارو آهي، اهڙن خيالن جو اظهار سي پيڪ جي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر حسان دائود بٽ سومر ڏينهن هتي ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان جي اهتمام هيٺ خابرو ادارن جي عالمي ڪانفرنس کي خطاب دوران ڪيو. ٻن ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس جو موضوع .”پاڪستان جي ميڊيا – موقعا ۽ چئلينجز“ آهي.