President Mamnoon Hussain addressing the Prize Distribution Ceremony and Bara Khana hosted for the officers and personnel of Pakistan Armed Forces who participated in the Pakistan Day Parade in Islamabad on March 25, 2017.

اسلام آباد – 25 مارچ (اي پي پي) صدر ممنون حسين هٿياربند فوج جي آفيسرن ۽ جوانن کي يوم پاڪستان جي شاندار پريڊ جي انعقاد تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪ فوج دفاع جي هر محاذ تي شيهي جي ديوار بڻيل آهي ۽ پاڪستاني فوج جي موجودگي ۾ ملڪي سالميت تي ڪوبه ڌٻو اچي نٿو سگهي، حڪومت پاڪ فوج کي جديد جنگي هٿيارن سان ليس ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏيندي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستاني فوج جي وڏي کاڌي ۽ هٿياربند فوج جي گڏيل پريڊ جي سلسلي ۾ انعام ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي چئي. ان موقعي تي پاڪ فوج جي اعليٰ آفيسرن ۽ جوانن جو وڏو تعداد به موجود هو. صدر هٿياربند فوج جي آفيسرن ۽ جوانن کي يوم پاڪستان جي شاندار پريڊ جي انعقاد تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته هي پريڊ پاڪستاني فوج جي مثالي نظم ۽ ضبط ۽ ان جي بهترين دفاعي صلاحيتن جو ناقابل ترديد ثبوت آهي.