APP42-080223 LAHORE: February 08 – Founder of Akhuwat Foundation, Dr. Amjad Saqib calls on Prime Minister Muhammad Shehbaz Sharif. APP/MAF/TZD/ABB

اسلام آباد – 08 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت پاڪستاني نوجوانن کي روزگار جي لاءِ قرضن جي وقت سر فراهمي يقيني بڻائي رهي آهي، تازو ئي حڪومت پاران يوٿ لون اسڪيم جاري ڪرڻ سان ملڪ ۾ لکين باصلاحيت نوجوان فائدو کڻي رهيا آهن، اخوت جي ملڪ ۾ بنا وياج قرضن جي فراهمي کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن اخوت جي باني امجد ثاقب سان ملاقات دوران ڪيو جنهن ڪالهه اربع ڏينهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ امجد ثاقب وزيراعظم کي يوٿ پروگرام ۾ نوجوانن کي روزگار جي لاءِ آسان شرطن تي قرضن جي فراهمي تي خراج تحسين پيش ڪيو. هن وزيراعظم کي اخوت پاران ٻوڏ سٽيلن کي بنا وياج قرضن جي فراهمي جي حوالي سان پڻ تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو.