APP36-020223 KARACHI: February 02 - Prime Minister Muhammad Shehbaz Sharif calls on Federal Minister for Poverty Alleviation and Social Safety & Chairperson Banazir Income Support Programme (BISP) Ms Shazia Marri. APP/TZD/ABB

ڪراچي – 02 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪراچي جي دوري دوران غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي وزير ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن شازيه مري جي رهائشگاهه تي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شازيه مري کي پنهنجي ڌيءَ جي شادي تي مبارڪباد ڏني ۽ نئين شادي شده جوڙي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم دعا ڪئي ته الله تعاليٰ ان اهم سماجي ٻنڌڻ کي ٻنهي خاندانن جي لاءِ خوشين جو سبب بڻائي. ان موقعي تي توانائي وارو وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير ۽ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه پڻ موجود هئا.