APP72-090721 ISLAMABAD: July 09 - Senator Sherry Rehman, Chairperson Senate Standing Committee On Foreign Affairs presiding over a meeting of the committee at Parliament House. APP

اسلام آباد – 09 جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اسان ماضي مان سبق سکي مستقبل جي حڪمت عملي ٺاهي رهيا آهيون، افغانستان ۾ اسان جو ڪو به فيورٽ ناهي، پاڪستان جي افغانستان تي پاليسي واضح آهي، اسان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام چاهيون ٿا، پرڏيهي وزير سينيٽر شيري رحمان جي صدارت ۾ سينيٽ جي پرڏيهي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي پهرين اجلاس جي دوران خيالن جو اظهار ڪري رهيو هو. ان کان اڳ پرڏيهي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرپرسن پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ قومي سلامتي واري خاص مددگار معيد يوسف ۽ ٻين ڪميٽي جي ميمبرن کي خوش آمديد چيو، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته ڪجهه عرصو اڳ پرڏيهي وزارت ۾ سمورن پارلياماني اڳواڻن کي افغانستان جي بدلجندڙ صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي، انهي اجلاس ۾ فيصلو ٿيو ته ادارن پاران پارليامينٽ جي ميمبرن کي خطي جي صورتحال تي بريفنگ ڏني وڃي، پارلياماني اڳواڻن جي خواهش تي ادارن پاران پارليامينٽ ۾ 8 ڪلاڪ جي جامع بريفنگ ڏني وئي پر ان ويهڪ ۾ صرف افغانستان تي ڳالهه ٻولهه ٿي سگهي. پرڏيهي وزير چيو ته ڪوشش آهي ته ٻي ويهڪ عيدالاضحيٰ کان اڳ ٿي سگهي، پرڏيهي وزير چيو ته اڄ آمريڪا کان اسپوڪن پرسن چئي رهيا آهن ته پاڪستان اسان جو تعميري حصيدار آهي، ان جي موجب افغانستان ۾ انهن جي ۽ پاڪستان جي منزل هڪ آهي، ٽئين ڳالهه اها پاڪستان رڳو افغانستان جي نظر سان نٿو ڏسڻ چاهي، هو چاهي ٿو ته 31 آگسٽ تائين افغانستان مان انخلا مڪمل ٿي ويندو پر پاڪستان ۽ خطي سان امن لاءِ هڪ رشتو هموار آهي، اسان کي ان تي ڪو به اعتراض نه آهي، پرڏيهي وزير چيو ته اڄ پوري دنيا اسان جي موقف کي تسليم ڪرڻ تي مجبور آهي ته افغانستان جي مسئلي جو ڪو به فوجي حل نه آهي، هن چيو ته اسان جي سوچ هئي ته انخلا ذميداراڻو ٿئي ته جيئن ڪا به منفي قوت خلا مان فائدو نه کڻي سگهي، اسان چاهيون ٿا ته انخلا ۽ افغان امن عمل کي گڏوگڏ جاري رهڻ گهرجي. ان (آمريڪا) جو چوڻ آهي ته هنن پنهنجو مقصد حاصل ڪري ورتو آهي، انهن مقصدن کي صدر بائيڊن بيان ڪيو آهي، ان موجب ان جو مقصد 9/11 جي ذميدارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ هو جيڪو مڪمل ٿيو، انهن جو مقصد افغانستان ۾ موجود دهشتگرد تنظيمن کي ايترو ڪمزور ڪرڻ هو ته هو آئنده ڪنهن ٻي کي نشانو نه بڻائي سگهن. هو سمجهن ٿا ته اهي هدف انهن حاصل ڪري ورتو آهي، هو چون ٿا ته اسان افغانستان ۾ قوم جي تعمير لاءِ نه آيا هئاسين، افغانستان جو مسئلو افغانن کي گڏجي حل ڪرڻو آهي ۽ اسان به اهو ئي چئي رهيا آهيون، پرڏيهي وزير چيو ته سندن موقف اهو آهي ته انخلا کانپوءِ به هو انساني بنيادن تي مدد جاري رکندا، هو ڊپلوميٽڪ موجودگي رکڻ چاهين ٿا، هو ڪابل ايئرپورٽ جي سيڪيورٽي لاءِ مدد فراهم ڪرڻ جو اشارو به ڏئي رهيا آهن، هنن زلمي خليل زاد کي هدايت ڪئي آهي ته هو جامع ڳالهين جي ذريعي افغان مسئلي جي سياسي حل لاءِ رابطا جاري رکندو، پرڏيهي وزير چيو ته منهنجي اڄ آمريڪي پرڏيهي سيڪريٽري بلنڪن سان ڳالهه ٻولهه جو امڪان آهي، آئون ان جي سامهون پاڪستان جو موقف رکندس. پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته آمريڪا پنهنجي اڳوڻن اتحادين کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي، پرڏيهي وزير چيو ته اڄ دوحه معاهدي ۽ بين الافغان ڳالهين جي حوالي سان پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو پيو وڃي، دوحه معاهدي ۾ طالبان انخلا جي دوران حملو نه ڪرڻ جو واعدو ڪيو ۽ هن ان معاهدي جي پاسداري ڪئي، جنهن کي آمريڪا تسليم ڪري ٿو، پرڏيهي وزير چيو ته ان جي موجب ٽي علائقا اهڙا آهن جتي ٽيررازم وڌي سگهي ٿو جنهن ۾ وچ اوڀر، آفريقا ۽ ڏکڻ ايشيا شامل آهن، انهن خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ هو حڪمت عملي جوڙي رهيا آهن، ان سڄي تناظر ۾ پاڪستان کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ اسان جي معيشت کي ڏيڍ سئو ارب ڊالر جو نقصان ٿيو آهي اسان ستر هزار کان وڌيڪ انساني جانين جو نذرانو پيش ڪيو آهي، اسان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ وڏي قيمت چڪائي آهي، مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته جيڪڏهن افغانستان جي صورتحال خراب ٿئي ٿي ته حالتون 90ع جي ڏهاڪي طرف وڃن ٿيون ته اسان جي مسئلن به اضافو ٿيندو، وڌيڪ پناهگير اچڻ جو خطرو به موجود آهي، اسان بارڊر فينسنگ به ڪر رهيا آهيون ۽ بارڊر کي محفوظ بڻائي ۽ ايران ماڊل کي به غور هيٺ آڻي رهيا آهيون. پرڏيهي وزير چيو ته اسان ماضي مان سبق سکي مستقبل جي حڪمت عملي ٺاهي رهيا آهيون، پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان جي افغانستان تي پاليسي واضح آهي ته اسان افعانستان ۾ امن چاهيون ٿا ۽ استحڪام چاهيون ٿا، اسان مختلف گروپن جي اڳواڻن سان مليا آهيون، اسان جو افغانستان ۾ ڪو به فيورٽ نه آهي، اسان افغانستان ۾ امن لاءِ ذريعي وچ ايشيا تائين اقتصادي رابطن جو فروغ چاهيون ٿا، پرڏيهي وزير چيو ته اسان مخالف ڌر جي هر قابل عمل تجويز کي دل سان قبول ڪنداسين، پرڏيهي وزير چيو ته جلسن ۾ اڄڪلهه وڏا وڏا اڳواڻ منفي بيان ڏئي رهيا آهن اسان جواب ڏئي سگهون ٿا پر اسان چاهيون ٿا ته قومي سلامتي جي معاملن تي باءِ پارٽيزن اپروچ رکي وڃي، پرڏيهي وزير چيو ته افغانستان ۾ انخلا کانپوءِ سول وار جي ڳڻتي جائز آهي پر اسان جي ڪوشش ۽ خواهش آهي ته افغانستان ان صورتحال جي ور نه چڙهي، پاور شيئرنگ سول وار کان بچڻ جو رستو آهي، افغان پناهگيرن جي حوالي سان شاهه محمود قريشي چيو ته اسان عالمي برادري کي باور ڪرايو آهي ته توهان پناهگيرن کي وساري چڪا آهيو، اسان چاهيون ٿا ته افغان پناهگيرن جي باعزت وطن واپسي کي افغان امن عمل جو حصو بڻايو وڃي، هن چيني ڪردار جي حوالي سان چيو ته چين جيڪڏهن افغانستان ۾ استحڪام لاءِ قدم وڌائي ٿو ته سٺي ڳالهه آهي، استنبول پراسس ۾ طالبان اچن کان انڪار ڪيو پر اسان افغانستان ۽ ترڪي سان ٽه ڌريو اجلاس ڪيو، پاڪ ايران لاڳاپن جي حوالي سان پرڏيهي وزير چيو ته ايران سان اسان جا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيا، تهران سان اسان جو بارڊر مارڪيٽس جو معاهدو ٿيو جڏهن ته ايراني صدر سان وزيراعظم جي بهترين ڳالهه ٻولهه رهي، ان کانسواءِ افغانستان جي حوالي سان ايران جو ڪردار اهم آهي ان کان نظر نٿي ڦيرائي سگهجي.