
ڪراچي – 09 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي ڪراچي جي واپارين ۽ صنعتڪارن کي بلوچستان صوبي خاص طور تي گوادر ۾ برآمدات تي مرڪوز ڪاروباري مصنوبا شروع ڪرڻ جي دعوت ڏني ته جئين هو صوبي ۾ موجود صلاحيتن مان فائدو حاصل ڪري سگهن. ڪراچي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري ۾ ڪاروباري ۽ صنعتي شعبن جي نمائندن کي خطاب ڪندي سينيٽ چيئرمين چيو ته بلوچستان ۾ بنيادي ڍانچي جي منصوبي تي ڪم تيزي سان جاري آهي جڏهن ته ڪاروبار ۽ صنعتي سرگرمين لاءِ سهولتن جي فراهمي جي خاطر ڪيرائي وڏا رستا تعمير ڪيا ويا آهن، هن چيو ته اسلام آباد کانپوءِ گوادر ملڪ جو ٻيو شهر آهي جنهن کي ماسٽر پلان تحت سمورين بنيادي سهولتن جي فراهمي سان تعمير ڪيو پيو وڃي، هن وڌيڪ چيو ته گوادر بندرگاهه تي ترقياتي منصوبا تڪميل جي آخري ۾ مرحلن ۾ آهن، صنعتي علائقي ۾ ڪم جاري آهي، پيئڻ جي پاڻي جو مسئلو حل ڪيو ويو آهي جڏهن ته هلندڙ مالي سال ۾ شهر ۾ بجلي جي فراهمي جي نظام کي قومي گرڊ سان ڳنڍيو ويندو. سنجراڻي ڪراچي جي ڪاروباري ۽ صنعتي برادري تي زور ڏنو ته هو گوادر ۾ پيش ڪيل واپاري موقعن ۾ سيڙپڪاري ڪن ۽ واپار جي وسيع امڪانن مان فائدل کڻڻ لاءِ برآمدي ڪاروبار شروع ڪن، هن چيو ته سينيٽ ۽ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف پارلياماني اسٽيڊيز (پي آءِ پي ايس) هڪ پروگرام جوڙي يرهيو آهي جنهن جو مقصد صوبي جي نوجوانن کي پنهنجو ڪاروبار شروع ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ آهي ته جيئن هو پنهنجي صلاحيتن کي ملڪ ۽ صوبي جي ترقي لاءِ استعمال ۾ آڻي سگهن. سنجراڻي چيو ته ان مقصد لاءِ ڪراچي جي ڪاروباري ۽ صنعتي برادرين جي تعاون جي ضرورت آهي. سينيٽ چيئرمين افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ جي ڪوششن تي ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان پاڙيسري ملڪ ۾ پائيدار امن آڻڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ سمورا رياستي ادارا هڪ پرامن ۽ ترقي پسند افغانستان ڏسڻ چاهين ٿا ڇو ته افغانستان ۾ امن امان خطي جي ترقي لاءِ اهم آهي، واپاري برادري جي مطالبن جي جواب ۾ سينيٽ چيئرمين قومي ترقياتي هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪاروبار ۽ صنعت کي سهولتون فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن خاطري ڪرائي ته بجيٽ 22 -2021ع جي حوالي سان ڪاروباري برادري جي سفارشن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ لاءِ سينيٽ ۾ بحث شروع ڪيو ويندو ۽ لاڳاپيل وزارتن کان جواب طلب ڪيا ويندا.