APP73-090721 BAHAWALPUR: July 09 - Special Assistant To The Prime Minister For National Food Security Mr, Jamshed Iqbal Cheema addressing a press conference at the Chamber Of Commerce. APP

ملتان – 09 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم جي فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ بابت خاص مددگار جمشيد اقبال چيمه چيو آهي ته حڪومت زراعت کي ترجيحي بنيادن تي محڪمي طور تي ڏسي رهي آهي، اسان زراعت جي پيداوار مستحڪم رکڻ چاهيون ٿا، دنيا جي سمورن ترقي يافته ملڪن ۾ مستحڪم پيداوار تي ڌيان ڏنو ويندو آهي، پاڪستان کي ڪيترن ئي ڏهاڪن لاءِ مستحڪم زرعي پيداوار جي ضرورت آهي ۽ اهو پاڻي جي ذخيرن کانسواءِ نٿي ٿي سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صنعت ۽ واپار ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ملڪ ۾ ڪپهه، ڪڻڪ ۽ کنڊ جي ي وڌيڪ ڳالهه ڪئي ويندي آهي، حقيقت اها آهي ته زراعت جي جي ڊي پي ۾ ڪپهه، ڪمند ۽ کنڊ جو حصو رڳو 5 سيڪڙو آهي، هن چيو ته فوڊ سيڪيورٽي اسان جي منزل آهي، جمشيد اقبال چيمه چيو ته آلودگي، پاڻي ۽ خوراڪ جي کوٽ موجوده دور جا چئلينجز آهن، پي ٽي آءِ جي حڪومت ماحوليات کي ترجيح ڏني آهي، اسان 10 ارب وڻ لڳائي رهيا آهيون، هن چيو ته پاڪستان ۾ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ڊيمن جي تعمير نه ٿي سگهي، پي ٽي آءِ جي حڪومت مٺي پاڻي جي مسئلي تي ڀرپور ڪم ڪيو آهي، هن ٻڌايو ته کاڄرو تيل ساليانو 4 ارب ڊلر ماليت جو درآمد ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته اسان وٽ ساڍا پنج ڪروڙ زمين آباد جڏهن ته ڪل ايراضي 22 ڪروڙ ايڪڙ آهي، اسان ٽرانسفارميشن پلان جي ذريعي سموري زمين تي ٻوٽا ۽ ٻيلا لڳائينداسين، جمشيد اقبال چيما چيو ته بلوچستان، ڪي پي ڪي ۽ گلگت بلتستان ۾ زيتون جي بهترين پوک ڪري سگهجي ٿي، زيتون جي پوکي سان اسان کاڄرو تيل جي کوٽ کي پورو ۽ درآمدي بل گهٽ ڪري سگهنداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ٽيڪسٽائيل جي صنعت کي حڪومت جيڪو پيڪيج ڏنو ان سان اها انڊسٽري پنهنجي پيرن تي بيهي وئي آهي، حڪومت 70 سيڪڙو خوراڪ پيدا ڪرڻ ۽ ڪپهه جي پيداوار وڌائڻ جي قدم کڻي رهي آهي.