APP79-090721 BAHAWALPUR: July 09 - Special Assistant To The Prime Minister For National Food Security Mr, Jamshed Iqbal Cheema addressing a Seminar on Agriculture Transformation Plan as Envisaged by the Prime Minister at the Islamia University Bahawalpur. APP

بهاولپور – 09 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم جي فوڊ سيڪيورٽي بابت خاص مددگار جمشيد اقبال چيمه چيو آهي ته وزيراعظم پاڪستان عمران خان جو زرعي سڌارن ۽ ترقي جو پروگرام حقيقت ۾ آبادگارن جي معاشي ۽ سماجي آزادي جو پروگرام آهي، ان پروگرام جي منزل خوراڪ ۾ پاڻڀرو ۽ غربت جو خاتمو آهي. جمشيد اقبال چيمه اهڙن خيالن جو اظهار اسلاميه يونيورسٽي بهاولپور ۾ وزيراعظم عمران خان جي ويزن موجب ملڪي زراعت ۾ سڌارن جي حوالي سان منعقد ٿيندڙ ميگا سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته وزيراعظم جي پروگرام زراعت کان خوراڪ تائين جو بدلجندڙ پاڪستان بنيادي طور تي ٽن حصن تي مشتمل آهي، پهريون حصو پاڻي جي بچت، ٻيو حصو زرعي رقبي ۾ اضافو ۽ ٽيون حصو ميوون ۽ ڀاڄين جي پيداوار ۾ اضافو آهي، هن وزيراعظم جي زراعت جي ترقي جي حوالي سان پروگرام کي فوڊ، ويٽ ۽ فائبر تي ٻڌل قرار ڏنو. هن چيو ته پاڪستان ۾ هن وقت 138 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي دستياب آهي جنهن مان صرف 13 ڪروڙ ملين ايڪڙ فوٽ استعمال ڪيو پيو وڃي، وزيراعظم جي پلان موجب پاڻي جي استعمال کي وڌائي 26 ملين ايڪڙ فوٽ ڪيو ويندو ۽ انهي مناسبت سان ان کي ذخيرو ڪرڻ جي صلاحيت پيدا ڪئي ويندي.