اسلام آباد – 09 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان مادر ملت فاطمه جناح کي هڪ مضبوط ۽ فولادي ارادا رکندڙ شخصيت قرار ڏيندي چيو آهي ته هو پنهنجي آخري ساهه تائين پنهنجي ڀاءُ پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي طاقت بڻيل رهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان مادر ملت فاطمه جناح کي ياد ڪندي چيو ته هو هڪ مضبوط ۽ فولادي ارادن جي مالڪ عورت هئي، هو پنهنجي ڀاءُ قائداعظم جي لاءِ پنهنجي آخري ساهه تائين طاقت جو ذريعو بڻيل رهي، هو جناح جي پاڪستان جي نظريي لاءِ پِيرِي ۽ آمريت جي وقت به دليراڻي جدوجهد تي قائم رهي.