APP50-080721 ISLAMABAD: July 09 - Minister of State for Information and Broadcasting Farrukh Habib addressing a press conference at PID Media Center. APP photo by Saeed-ul-Mulk

اسلام آباد – 09 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته مريم صفدر ڪڏهن پنهنجي چاچي مودي کي فون ڪري پڇيو آهي ته معصوم ڪشمرين تي ايترا ظلم ڇا پيا ڪيا وڃن، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير اليڪشن ۾ جيڪا زبان استعمال ٿي رهي آهي ان جو فائدو ڪشميرين کي نه دشمن کي ضرور ٿي رهيو آهي، پرچي چيئرمين ڪرپشن جو دائرو آزاد ڄمون ۽ ڪشمير تائين وڌائڻ چاهي ٿو، ڪشميري عوام محتاط رهي، اليڪشن مهم کان پهرين مريم ۽ بلاول ڪڏهن آزاد ڪشمير ويا، اهو ته اتي جي عوام به ڄاڻي ٿي، ن ليگ پنج سال ڪشميرين جو استحصال ڪيو، اليڪشن ۾ پي ٽي آءِ ڪلين سوئپ ڪندي، گلگت بلتستان طرز جو ٽرانسفرميشن پلان آزاد ڄمون ۽ ڪشمير کي به ڏنو ويندو، عمران خان گڏيل قومن، آمريڪا جي دوري دوران ٽرمپ سان ملاقات، او آءِ سي سميت هر فورم تي ڪشمير مسئلي کي اجاگر ڪيو. هو پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته عمران خان دنيا ۾ ڪشمير ڪاز کي زنده ڪيو آهي، هن چيو ته ڀارت جيستائين 5 اگسٽ جي والاريل ڪشمير جي اسٽيٽس کي واپس نٿو وٺي تيستائين عمران خان ڪنهن قسم جي ڳالهه نه ڪرڻ جو چٽو فيصلو ڪيو آهي، هن چيو ته پرچي چيئرمين بلاول جو مسئلو اهو آهي ته هو ڪشمير تائين ڪرپشن جو دائزو، جعلي اڪائونٽس کولڻ چاهي ٿو، اهي ٻهروپيا آهن انهن جا هٿ ڪرپشن سان رنڱيل آهن، هن چيو ته هڪ طرف سمورن ڪيسن ۾ اين آر او گهريو ويندو آهي ته ٻي طرف زندگي جي ضمانت گهري پئي وڃي، ڇا لنڊن ۾ زندگي جي ضمانت آهي. هن چيو ته عمران خان حڪومت جي ڪوششن جي ڪري ملڪ جي معيشت کي مضبوط، آبادگار خوشحال، مزدور لاءِ روزگار جا نوان موقعا، تعميراتي صنعت هلي رهي آهي، اسٽاڪ ايڪسچينج مٿي وڃي رهيو آهي، صرف شريف خاندان جي ڪرپشن جي گروٿ رڪيل آهي. هن چيو ته ڪشمير ۾ بيهي ڳالهه ڪريو ته معلوم هجڻ گهرجي ته مودي ڪنهن جي گهر آيو، انبن ۽ ساڙهين جا تحفا ڏنا ويا، نواز شريف مودي جي حلف تي وڃي حريت اڳواڻن بدران فنڪارن ۽ جندال فيملي سان ملاقاتون ڪندو رهيو. اسان کي ڪشمير ڪاز تي سبق نه پڙهايو، جنهن حڪومت جي دور ۾ فضل الرحمان ڪشمير ڪميٽي جو چيئرمين هو ان ۾ سنجيدگي جو پتو لڳي رهي آهي، هن چيو ته عمران خان آمريڪا جي اکين ۾ اکيون وجهي ڳالهه ڪري سگهي ٿو ۽ ڪشمير جو مسئلو هر سطح تي اجاگر ڪيو، اهو سڀ ڪشميري عوام ڄاڻي ٿي. هن چيو ته آزاد ڪشمير جي اليڪشن مهم ۾ ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي هڪٻئي جي طعنا ڏئي رهيا آهن، ن ليگي حڪومت پنج سال ڪشميري عوام جو استحصال ڪيو آهي، ڪشميري عوام اليڪشن ۾ ان جو جواب ضرور ڏيندي. هڪ سوال جي جواب ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته وفاقي وزير علي امين گنڊاپور ڪشمير مان گذرندي وقت هڪ پل جي تعمير لاءِ پنهنجي کيسي مان پئسا ڏنا، ان ۾ ڪهڙي خراب ڳالهه آهي. هن چيو ته ڪشمير جو سودو ڪندڙ ڪو پيدا ناهي ٿيو، ان قسم جون ڳالهيون ننڍي ۽ گهٽيا سوچ آهي، مريم مودي جي ڀائيٽي بڻيل آهي، ڪڏهن پنهنجي چاچي کان پڇي ته ڇو ڪشميرين تي ظلم ڪيا پيا وڃن، هن چيو ته پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ کي آزاد ڄمون ۽ ڪسمير ۾ اميدوار ئي نه ملي رهيا آهن، گلگت بلتستان ۾ پنهنجي دعوائن جو 10 سيڪڙو به حاصل نه ڪري سگهيا، هن چيو ته چونڊن ۾ ڪيترائي اميدوار هوندا آهن ۽ ٽڪيٽ هڪ کي ملندو آهي، ناراض ماڻهن کي گڏ ملايو ويندو آهي ۽ مهم جو حصو بڻايو ويندو آهي، هن چيو ته گلگت بلتستان جو ٽرانسفرميشن پلان ۽ بجلي جا منصوبا ٺاهي رهيا آهيون، تحريڪ انصاف جي آزاد ڪشمير ۾ حڪومت ٺهندي ته اتي به ٽرانسفرميشن پلان آندو ويندو.