اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ايران جي صدر حسن روحاني کي ٽيليفون ڪيو ۽ والاريل ڪشمير ۾ پيدا ٿيندڙ موجوده صورتحال ۽ ڀارت طرفان گڏيل قومن جي قراردادن جي سنگين خلاف ورزي ڪندي ڪشمير جي جاگرافيائي حيثيت کي تبديل ڪرڻ جي حوالي سان آگاهه ڪيو، وزيراعظم عمران خان جو صدر روحاني کي اهو ٽيليفون ڀارتي والاريل ڪشمير ۾ بگڙجندڙ صورتحال بابت عالمي اڳواڻن کي آگاهه ڪرڻ جي ڪوششن جو حصو آهي.