APP31-04 KARACHI: November 04 - Federal Minister for Information and Broadcasting Chaudhary Fawad Hussain talking to Governor Sindh Imran Ismail at Governor House. APP photo by Syed Abbas

ڪراچي – 04 نومبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل سان اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي. گورنر هائوس پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب ملاقات دوران صوبي ۾ سيڙپڪاري جي سازگار ماحول، سيڙپڪاري جي لاءِ ڏنل مراعتن، وفاقي حڪومت جي ترقياتي منصوبن، وزيراعظم پاران ڪراچي جي لاءِ اعلان ڪيل ترقياتي پئڪيج، ان تي ٿيندڙ اڳڀرائي ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.