راولپنڊي-07 مئي (اي پي پي) ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته 6 ۽ 7 مئي جي وچ واري رات ڀارتي فوج طرفان 6 مختلف هنڌن تي ميزائل حملن جي نتيجي ۾ 26 پاڪستاني شهري شهيد ۽ 46 زخمي ٿي پيا. پريس ڪانفرنس دوران ڊي جي آءِ ايس پي آر ٻُڌايو ته ڀارت لائين آف ڪنٽرول (ايل او سي) وٽ بزدلاڻو حملو ڪيو ۽ شهري آبادي ۽ عبادتگاهن کي نشانو بنايو، اهي حملا رات جي اونداهيءَ ۾ ڪيا ويا، جن جو مرڪز اڪثر مسجدون ۽ رهائشي علائقا هئا، جيڪي مودي حڪومت جي انتهاپسنداڻي ذهنيت کي ظاهر ڪن ٿا. هن ٻُڌايو ته ايل او سي تي شديد بمباري جي نتيجي ۾ وڌيڪ 5 ماڻهو شهيد ٿيا جن ۾ هڪ 5 سالن جو ٻار به شامل آهي. پاڪستان جي هٿياربند فوج ڀارتي اڳرائيءَ جو فوري ۽ اثرائتو جواب ڏنو. هن چيو ته آزاد ڪشمير جا اهي علائقا جن کي نشانو بنايو ويو انهن جو تازو ئي عالمي ميڊيا دؤرو ڪيو هو ۽ ڀارتي پروپيگنڊا کي بي نقاب ڪيو هو. انهن علائقن تي حملو اصل ۾ پنهنجي ڪوڙي بيانيي کي طاقت ذريعي درست ثابت ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر ٻُڌايو ته پاڪ فوج جي ڀارتي اڳرائيءَ جو ڀرپور جواب ڏنو ۽ ڪيترين ئي ڀارتي چيڪ پوسٽن کي تباهه ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي هڪ برگيڊ هيڊ ڪوارٽر جي وڊيو به ڏيکاري وئي، جتان ڀارت جنگبنديءَ جي ڀڃڪڙي ڪئي هئي. چٽهري، جوره ۽ سرليا-1 جي چيڪ پوسٽن سميت هڪ يونٽ بٽالين هيڊ ڪوارٽر کي به نشانو بنايو ويو. ڊي جي آءِ ايس پي آر تصديق ڪئي ته پاڪ فضائيه ڀارتي فضائي حملن جي ڪوشش جي جواب ۾ 5 ڀارتي جنگي جهازن ۽ ڊرون کي تباهه ڪيو. تباهه ٿيل جهازن ۾ 3 رافيل، هڪ مگ 29، هڪ ايس يو 30 ۽ هڪ اسرائيل جو ٺاهيل هيرون ڊرون شامل آهن. هن چيو ته پاڪ فضائيه چاهي ها ته 10 کان وڌيڪ ڀارتي جنگي جهاز ڪيرائي سگهي پئي پر ڊگهي نظر ۽ اسٽريٽجڪ ضبط ۽ تحمل جو مظاهرو ڪيو ويو. سندس چوڻ هو ته ڪوبه پاڪستاني جهاز ڀارتي فضائي حدن ۾ داخل نه ٿيو ۽ ڪنهن به ڀارتي جهاز کي اسان جي حدن ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه ڏني وئي. هن چيو ته پاڪ فضائيه جا سڀ اثاثا جن ۾ جنگي جهاز ۽ ٺڪاڻا مڪمل طور تي محفوظ ۽ فعال آهن. ڊي جي آءِ ايس پي آر واضح ڪيو ته پاڪستان جو جواب مڪمل طور تي دفاعي هو ۽ ان وقت ڏنو ويو جڏهن ڀارتي جهازن پاڪستاني فضائي حدن جي ڀڃڪڙي جي ڪوشش ڪئي. هن ٻُڌايو ته ڀارت نيلم جهلم هائيڊرو پاور پراجيڪٽ ويجهو نوشهري ڊيم کي به نشانو بنايو جنهن سان اهم انفراسٽرڪچر کي نقصان پهتو ۽ هزارين شهرين جون زندگيون خطري ۾ پئجي ويون. هن چيو ته آبي ذخيرن کي نشانو بنائڻ نه صرف عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهي پر هڪ انساني الميو به پيدا ٿي سگهي ٿو. ڊي جي آءِ ايس پي آر مطابق حملي وقت پاڪستاني فضائي حدن ۾ 57 عالمي اُڏامون موجود هيون جن ۾ هزارين مسافر سفر ڪري رهيا هئا. اهڙا قدم ڀارتي عسڪري منصوبا بندي جي انتهاپسنداڻي ۽ غير دانشمنداڻي سوچ جي عڪاسي ڪن ٿا جن ۾ انساني زندگين، عالمي قانونن ۽ هوابازي جي ضابطن جي ڪابه پرواهه نه ڪئي وئي. هن خبردار ڪيو ته پاڪستان پنهنجي خودمختياري جي دفاع جو مڪمل حق محفوظ رکي ٿو ۽ ڪنهن به اڳرائيءَ جو فيصلي وارو جواب ڏنو ويندو. ڊي جي آءِ ايس پي آر عالمي برادري خاص ڪري هوابازي ۽ آبي حقن جي عالمي تنظيمن کان اپيل ڪئي آهي ته هو ڀارت جي اشتعال انگيزيءَ جو فوري نوٽيس وٺن جيڪو علائقائي امن ۽ شهرين جي سلامتيءَ لاءِ سنگين خطرو آهي.