راولپنڊي-07 مئي (اي پي پي) ڀارت جي بزدلاڻي حملي کانپوءِ پاڪ فضائيه جي جوابي ڪارروائيءَ ۾ هڪ ٻئي ڀارتي جهاز جي تباهه ٿيڻ جي فوٽيج منظرعام تي اچي وئي. سيڪيورٽي ذريعن مطابق پاڪ فضائيه پيشيوراڻي حڪمت عملي تحت ڀارتي اڳرائيءَ جو مُنهن ٽوڙ جواب ڏنو.
پاڪ فضائيه ڀارت جا 5 جنگي جهاز تباهه ڪيا، انهن ڀارتي جنگي جهازن ۾ 3 رافيل، هڪ ايس يو 30 ۽ هڪ مگ 29 جهاز شامل آهن. ڀارتي ميڊيا هر ممڪن ڪوشش ڪئي ته ايتري وڏي نقصان کي عوام کان لِڪايو وڃي پر سوشل ميڊيا تي عوام طرفان وڊيوز اچڻ کانپوءِ ڀارتي ميڊيا پاڻ ئي 3 جهازن جي تباهه ٿيڻ جو اعتراف ڪري ورتو. ان وڊيو ۾ هڪ ڀارتي ويڙهاڪ جهاز سرينگر ۽ پلواما وچ ۾ پامپور جي علائقي ۾ ڪِريو. ڀارتي جنگي جهاز تباهه ٿيڻ کانپوءِ سڙي خاڪ ٿي ويو. ان کان اڳ پڻ هڪ ٻئي ڀارتي جهاز جي اکنور سيڪٽر ۾ ڪِرڻ جي فوٽيج به منظرعام تي آئي.