اسلام آباد – 30 – اپريل (اي پي پي) نيشنل انڊسٽريل ريليشنز ڪميشن (اين آءِ آر سي) ۽ انٽرنيسنل ليبر آرگنائيزيشن (آءِ ايل او) جي سهڪار سان پهرين مئي خميس ڏينهن تي اسلام آباد ۾ هڪ تاريخي عالمي ڪانفرنس منعقد ٿيندي. پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف دي آرٽس ۾ ٿيندڙ ان ڪانفرنس جو موضوع ”تبديلي سان هم آهنگي“ رکيو ويو آهي، جنهن جو مقصد پاڪستان ۾ مزدورن جي حقن، صنعتي هم آهنگي ۽ عالمي معيارن سان هم آهنگ قانونسازي جي فروغ تي مڪالمي ۽ مشاورت کي فروغ ڏيڻ آهي. هي پهريون موقعو آهي جو 1969ع کانپوءِ اين آءِ آر سي ان نوعيت جي وڏي قومي ڪانفرنس منعقد ڪري رهي آهي، جنهن ۾ وفاقي وزير، سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جا ججز، مزدور يونينز جا اڳواڻ، صنعتي ادارن جا مالڪ، قانوني ماهر ۽ آءِ ايل او جا اعليٰ نمائندا شريڪ ٿيندا. ڪانفرنس جي صدارت اين آءِ آر سي جو چيئرمين جسٽس (ر) شوڪت عزيز صديقي ڪندو جڏهن ته افتتاحي خطاب پڻ اهو ئي ڪندو. ان کانپوءِ ناليوارو قانوندان بئريسٽر ظفر الله خان ”اسلام آباد ۾ مزدور ۽ مالڪ جا حق ۽ فرض“ تي خيالن جو اظهار ڪندو. سپريم ڪورٽ جو جج جسٽس جمال خان مندوخيل ”پاڪستان عدليه جون مزدورن جي حقن جي تحفظ جي حوالي سان ڪوششون“ تي اهم خطاب ڪندو. ڪانفرنس ۾ مختلف ويهڪُون پڻ منعقد ڪيُون وينديُون. پهرين سيشن جي صدارت سپريم ڪورٽ جو اڳوڻو جج جسٽس (ر) خليل الرحمان رمدي ڪندو ۽ ان سيشن جو موضوع ”انڊسٽريل هارمني اينڊ سوشل ڊائيلاگ“ هوندو، جنهن ۾ ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد عاصم کچي، زرعي ترقياتي بئنڪ جو صدر طاهر يعقوب ڀٽي، پاڪستان ريلويز جو ايڊيشنل سيڪريٽري شعيب عادل، يوٽيلٽي اسٽور ڪارپوريشن جو ايم ڊي فيصل نثار چوڌري، سي اي او جيو ٽي وي مير ابراهيم رحمان ۽ يوني ليور پاڪستان جو ڊائريڪٽر سراج حسين صنعتي ادارن جي نمائندن جي حيثيت سان جڏهن ته ٽريڊ يونينز جا اڳواڻ پينل ڊسڪشن ۾ شامل ٿيندا. اسٽيج سيڪريٽري جا فرض سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جو جنرل سيڪريٽري سلمان منصور صديقي سرانجام ڏيندو. ٻئي سيشن جي صدارت سمنڊ پار پاڪستاني ۽ انساني وسيلن وارو وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين ڪندو، جنهن ۾ ”انڊسٽريل ريليشنز ايڪٽ 2012ع تحت شڪايتن جي ازالي“ ۽ ”پاڪستان جي آءِ ايل او ڪنوينشنز سان وابستگي“ جهڙا اهم موضوع بحث هيٺ ايندا. ان سيشن ۾ ايڊووڪيٽ عمران شفيق ميڊيٽر طور شريڪ ٿيندو جڏهن ته مزدور معاملن جو ماهر افتخار احمد ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ جو جسٽس جواد حسن پڻ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندا. افتتاحي سيشن ۾ قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ”پاڪستان ۾ موجوده قانونن کي عالمي معيارن سان هم آهنگ ڪرڻ جون ڪوششون“ تي روشني وجهندو جڏهن ته آءِ ايل او جو ڪنٽري ڊائريڪٽر گير ٽونسٽول ”ڪم جي دنيا جو مستقبل“ بابت اهم خطاب ڪندو. تقريب جي پڄاڻي تي سمورن مهمانن کي اعزازي شيلڊز پيش ڪيون وينديون ۽ شرڪت ڪندڙن جي لاءِ مانجهاندي جو پڻ اهتمام ٿيندو. اين آءِ آر سي چيئرمين ان ڪانفرنس کي مزدورن جي حقن جي فروغ ۽ صنعتي هم آهنگي طرف هڪ سنگ ميل قرار ڏيندي چيو آهي ته ”وي 2025ع“ رڳو هڪ نعرو نه آهي پر اها هڪ سوچ آهي، جيڪا ڳالهه ٻولهه، احترام ۽ حصيداري تي ٻڌل هڪ بهتر مستقبل جو بنياد رکي ٿي.