اسلام آباد – 28 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اتحاد ۽ اتفاق سان پاڪستان جي معاشي ۽ معاشرتي چئلينجز ۽ دهشتگردي تي ضابطو آڻينداسين، اسان جي ڪاميابي جو راز اتحاد، اتفاق، اڻٿڪ محنت ۽ حب الوطني جذبي ۾ لڪل آهي، قومي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ زندگي جي هر شعبي جي شخص جي ذميواري آهي، عالم سڳورا دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، ذاتي مفادن کي قومي مفادن تي ترجيح ڏيڻ پاڪستان جي لاءِ ڏني ويندڙ عظيم قربانين سان بي وفائي آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ”رب ذوالجلال جو احسان – پاڪستان ڊي“ جي مناسبت سان اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي اهتمام هيٺ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو جنهن جو انعقاد جمعته الوداع خاص طور تي رمضان المبارڪ جي 27هين رات جي مناسبت سان ڪيو ويو. پاڪستان ليلته القدر، جمعته الوداع، رمضان المبارڪ 1366هه بمطابق 14 آگسٽ 1947ع تي وجود ۾ آيو. تقريب ۾ وفاقي وزيرن، پارليامينٽ ميمبرن، اسلامي ملڪن جي سفيرن، عالم سڳورن، سڄي پاڪستان مان سمورن مڪتبه فڪر سان تعلق رکندڙ ماڻهن ۽ نوجوانن شرڪت ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته منهنجي لاءِ هن تقريب ۾ شرڪت اعزاز آهي، رمضان المبارڪ جي برڪتن واري مهيني ۾ الله تعاليٰ پاڪستان جي صورت ۾ هڪ نعمت جهڙو عظيم تحفو ڏنو جنهن تي الله جو جيترو شڪر ادا ڪريون اهو گهٽ آهي، ڊاڪٽر قبله اياز هڪ مفصل ۽ جامع خطاب ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جو قيام ڪنهن معجزي کان گهٽ نه آهي، پاڪستان جي قيام جي لاءِ ڪيل جدوجهد جو مثال گهٽ ئي ملي ٿو، ان نعمت جو شڪر تڏهن ئي ادا ڪري سگهجي ٿو ته اسان پنهنجي وڏن جي عظيم قربانين ۽ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪريون جن جي قربانين سان پاڪستان وجود ۾ آيو، اڄ 77 سالن کانپوءِ انهن قربانين جي گهرج اها آهي ته اچو هڪ جسم ٻه دل ٿي وڃون ۽ اتفاق ۽ اتحاد سان پاڪستان کي درپيش معاشي، معاشرتي مسئلن ۽ دهشتگردي جو خاتمو ڪريون، ان ۾ جتي زندگي جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻهو جو فرض آهي اتي سڀ کان وڏي ذميواري عالم سڳورن جي آهي، دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪ فوج قربانيون ڏئي رهي آهي. هن چيو ته هن ملڪ ۾ تفريق ۽ مذهبي نفرت يا ذاتي خواهشن کي اڳتي آڻڻ جي لاءِ قومي مفاد کي قربان ڪرڻ جي سوچ انهن قربانين سان بي وفائي آهي، پاڪستان جي لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون ويون، اڄ هتي ترقي ۽ خوشحالي بدران اندروني تفريق آهي، ملڪي استحڪام، عزت ۽ وقار داءُ تي لڳايو پيو وڃي جنهن تي ايندڙ نسل اسان کي معاف نه ڪندا. هن چيو ته اڃان به ڪجهه ناهي ويو، اسان فيصلو ڪري وٺون ته پاڪستان جي وسيع تر مفاد جي خاطر پنهنجي سمورين ذاتي خواهشن ۽ اناءَ کي پاڪستان جي تابع ڪري ڇڏيون، ان کان وڏي پاڪستان جي ڪا ٻي خدمت نٿي ٿي سگهي. وزيراعظم چيو ته رمضان المبارڪ اسان سڀني پاڪستانين جي لاءِ انتهائي اميد رکندڙ آهي، پاڪستان دنيا جي واحد اسلامي نظرياتي قوت آهي جنهن کي الله تعاليٰ ائٽمي قوت سان نوازيو آهي، ائٽمي ڦهلاءُ جي خلاف پوري دنيا جون ائٽمي طاقتون متحد آهن ۽ ان کان تجاوز ڪندڙن کي سزا ڏيڻ جيل اءِ تيار آهن، اسان الله تعاليٰ جا شڪر ادا ڪريون ٿا ته 1988ع ۾ پاڪستان ائٽمي قوت بڻيو، الله پاڪستان کي پنهنجي دشمنن جي مقابلي ۾ بهادر فوج سان گڏوگڏ ائٽمي طاقت سان پڻ نوازيو آهي، ڪو به دشمن پاڪستان طرف ميري اک سان ڏسي نه ٿو سگهي، اهو الله تعاليٰ جو پاڪستان تي وڏو ڪرم آهي، ان کانسواءِ به بيشمار نعمتون عطا ڪيون آهن، بهترين ذهن ڏنا آهن، ملڪ ۾ باصلاحيت ماڻهن جي کوٽ نه آهي، الله پاڪستان کي بي پناهه قدرتي وسيلن سان نوازيو آهي، کربين ڊالر جا خزانا جبلن ۾ لڪل آهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ دهشتگردي جون ڏوريون پري تائين وڃن ٿيون، انهن دهشتگردن کي جتان سياسي ۽ مالي مدد ملي ٿي ان جو هڪ مقصد اهو آهي ته پاڪستان کي جيڪي بي پناهه قدرتي وسيلا دستياب آهن انهن مان پاڪستان فائدو نه کڻي سگهي، اهڙي سوچ رکندڙ عقل جا انڌا آهن، انهن وسيلن جي زور تي اسان پنهنجي قوم کي خوشحال ۽ پنهنجي ذمي قرض ختم ڪري سهون ٿا ۽ پنهنجو ڳاٽ فخر سان اونچو ڪري عالمي دنيا ۾ شامل ٿي سگهون ٿا، ان ۾ رڪاوٽ وجهندڙ عقل جا انڌا هوندا، اهڙا ماڻهو پاڪستان جا دشمن ۽ ايجنٽ آهن، انهن کي پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي گواره نه آهي، انهن کي جتان مالي مدد ملي ٿي اسان سڀ ان کان چڱي طرح واقف آهيون، اڄ رمضان المبارڪ ۾ اسان کي ان ڳالهه جو تعين ڪرڻو پوندو ته ڪيستائين اهو رت وهايو ويندو رهندو، ڪيستائين اسان جي فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا جوان پنهنجي جانين جون قربانيون ڏيندا رهندا. وزيراعظم چيو ته اڄ جو ڏينهن اها گهرج ڪري ٿو ته الله جي آڏو ڪنڌ جهڪائي پنهنجي گناهن جي معاسي وٺون ۽ سچي دل سان سبق حاصل ڪري اڳتي وڌون، قوم جي اتحاد ۽ خوشحالي جي لاءِ ذاتي اختلافن کي دفن ڪريون، ذاتي خواهشن کي قربان ڪريون، اهڙي طرح اسان پنهنجو وڃايل مقام حاصل ڪري سگهون ٿا، قائداعظم به اسان کي ”ڪم، ڪم ۽ رڳو ڪم“ جو درس ڏنو. هن چيو ته قائداعظم ۽ علامه اقبال اهڙي پاڪستان جو خواب ڏٺو هو جتي هر ڪو پنهنجي مذهبي آزادي برقرار رکي سگهي، پاڪستان اهڙي رياست بڻجي جنهن ۾ اقليتون به آزاد هجن ۽ انهن جي حقن جو ڀرپور تحفظ ڪيو وڃي، قائداعظم فرمايو هو ته پاڪستان جو اهو مطلب هرگز نه آهي ته اسان رڳو غيرملڪي حڪومت کان آزادي چاهيون ٿا ان مان حقيقي مراد اسلامي نظريو آهي جنهن جو تحفظ انتهائي ضروري آهي ۽ ان مقصد جي لاءِ اسان سڀني کي سچي دل سان پنهنجون توانائيون لڳائڻ گهرجن. هن چيو ته قرآن ڪريم جي حڪمن، رسول الله جي اسوه حسنه ۽ پنهنجي عظيم محسنن جي تعليم تي هلڻ جو اڄ فيصلو ڪريون ته ڪو جبل ۽ سمنڊ اسان جي رستي ۾ نٿو اچي سگهي ۽ جلد عالمي دنيا ۾ پنهنجي طاقت جي زور تي پنهنجو مقام حاصل ڪري وٺنداسين. هن چيو ته پاڪستان ان جي لاءِ وجود ۾ نه آيو هو ته اسان قرض جي زندگي گذاريندا رهون، جيستائين اسان پاڪستان کي مضبوط معاشي قلعو نه ٿا بڻائي وٺون تيستائين اهو سلسلو هلندو رهندو، معاشي آزادي کانسواءِ سياسي آزادي ممڪن نه آهي، هن مهيني ۾ اسان کي فيصلو ڪرڻو آهي. هن چيو ته اسان جي آئين ۾ چيو ويو آهي ته رياست پنهنجي شهرين کي ان قابل بڻائيندي ته اهي پنهنجون زندگيون اسلام موجب گذاري سگهن، پاڪستان ۾ ڪو قانون ۽ ضابطو قرآن ۽ سنت جي ابتڙ نه ٿو بڻجي سگهي، جيڪڏهن اسان کي پنهنجي پيرن تي بيهڻو آهي ۽ پاڪستان کي معاشي طاقت بڻائڻو آهي ته اسان کي ان ڏکئي رستي تان هڪ ڀيرو گذرڻو پوندو جتان تاريخ ۾ اسان کي ٻڌائي ٿي ته هر قوم گذري آهي، قومن جي تاريخ ۾ لاها چاڙها اچن ٿا جڏهن ته مسلسل محنت ۽ جدوجهد سان انهن عروج حاصل ڪيو، رسول الله به اسان کي ڏينهن رات ان جي تعليم ڏني آهي، ان تعليم تي مڪمل عمل نه ڪرڻ اسان جي بدقسمتي آهي، اسان جي نوجوانن کي وطن جي تعمير جي لاءِ پنهنجو پاڻ کي وقف ڪرڻو پوندو، اقبال انهن نوجوانن کي شاهين جو خطاب ڏنو هو. وزيراعظم چيو ته اسان جي حڪومت پنهنجي خرچن ۾ گهٽتائي ڪري، نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ ۽ انهن کي جديد علم ۽ ٽيڪنالاجي سان ليس ڪرڻ جي لاءِ جيترا وسيلا گهربل هوندا اهي مهيا ڪنداسين. وزيراعظم نوجوانن کي خطاب ڪندي ملڪ جي ترقي ۾ نوجوانن جي ڪردار، حڪومت جي نوجوانن جي لاءِ سڌاراجاتي قدمن ۽ مستقبل جي حڪمت عملي تي روشني وڌي. هن حڪومت پاران تعليم، روزگار، ڊيجيٽل معيشت ۽ ڪاروباري موقعن ۾ نوجوانن جي لاءِ جاري مختلف منصوبن جو ذڪر ڪيو. وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ پاڪستان جي قائم ٿيڻ جي بنيادي نظريي، ان جي نگرافيائي، دفاعي ۽ معاشي اهميت تي پڻ خيالن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ان ڳالهه کي اجاگر ڪيو ته پاڪستان 27 رمضان المبارڪ (شب قدر) تي هڪ اسلامي نظرياتي رياست جي طور تي وجود ۾ آيو جنهن جو بنياد پاڪستان جو مطلب ڇا؟ لااله الا الله جي اصول تي رکيو ويو. هن چيو ته وزيراعظم يوٿ پروگرام جي ذريعي نوجوانن کي هنرمند بڻائڻ جا انقلابي قدم کنيا ويا آهن، ان جا ثمر جلد سامهون ايندا، نوجوانن کي مسلسل محنت، نظم ۽ ضبط ۽ مقصد ۾ پختي يقين سان پنهنجي والدين، پاڪستان جي بانين ۽ پوري قوم جي اميدن تي پورو لهڻو آهي، موجود دنيا ۾ ميڊيا، سوشل ميڊيا ۽ نوجوانن جو ڪردار انتهائي اهميت رکندڙ آهي، ميڊيا جي طاقت کي مثبت تبديلي آڻڻ جي لاءِ استعمال ڪرڻ سخت ضروري آهي، عالمن ۽ دانشورن کي گذارش آهي ته اهي مثبت سوچ ۽ تحقيق جي حوصلا افزائي ڪن ته جيئن غلط معلومات ۽ پروپئگنڊه کي روڪي سگهجي، بدقسمتي سان اڄ غلط معلومات ۽ بي بنياد پروپئگنڊه جي ذريعي معاشري ۾ زهر اوڳاڇيو پيو وڃي ۽ ورڇ پيدا ڪئي پئي وڃي. وزيراعظم چيو ته آءِ ايم ايف پاڪستان جي مشڪل حالتن جي باوجود محنت جو اعتراف ڪري ٿو، ان سان اسان جو حوصلو وڌڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته هر مڪتبه فڪر کي پنهنجي عقيدي موجب ڳالهه ڪرڻ جو حق آهي جڏهن ته پنهنجي خيالن سان گڏوگڏ ٻين جي خيالن جو به احترام ڪرڻ گهرجي، غلط معلومات ۽ پروپئگنڊه پاڪستان ۾ بي يقيني جو ماحول پيدا ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم چيو ته ترقي ۽ خوشحالي امن سان واڳيل آهي جڏهن ته امن ۽ سڪون ترقي ۽ خوشحالي سان واڳيل آهي، اسان کي سمجهڻ گهرجي ته جيڪڏهن گڏجي اڳتي وڌنداسين ته هي ملڪ ڪجهه سالن ۾ نه رڳو خطي جي پاڙيسري ملڪن کي پٺتي ڇڏي ڏيندو پر قائداعظم جي خواب کي ضرور پورو ڪندو. وزيراعظم چيو ته اسان فلسطين ۽ ڪشمير جي مسلمانن سان يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا جيڪي قابض ۽ ظالم فوج جي ظلم ۽ ڏاڍ جو نشانو بڻيل آهن، فلسطين ۾ جنگبندي جي خلاف ورزي ڪندي اسرائيل ٻيهر نسل ڪشيءَ جو وحشياڻو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي، 50 هزار فلسطينين کي شهيد ڪيو ويو آهي جيڪو سراسر ظلم آهي جيڪو انسانيت جي برداشت کان ٻاهر ٿي چڪو آهي، پاڪستان جي 24 ڪروڙ عوام ان جي مذمت ڪندي رهندي، اسان دعاڳو آهيون ته الله تعاليٰ انهن مظلوم خطن جي مسلمانن کي آزادي عطا فرمائي. هن چيو ته اسان جي ڪاميابي جو راز اتحاد، اتفاق، اڻٿڪ محنت ۽ حب الوطني جي جذبي ۾ ملڪل آهي، الله پاڪستان کي پنهنجي خاص رحمت سان نوازيو آهي، اها اسان جي ذميواري آهي ته اسان دنيا کي ٻڌائي ڇڏيون ته اسان محبت، انصاف، امن ۽ اسلامي اصولن جي روشني ۾ ترقي ڪندڙ عظيم ملڪ پاڪستان آهي، الله پاڪستان کي پنهنجي حفظ ۽ امان ۾ رکي ۽ اسان کي ملڪ ۽ قوم جي خدمت جي مشن ۾ ڪاميابي عطا فرمائي. ان کان اڳ تقريب کي خطاب ڪندي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي شريعت اپيليٽ بئنچ جي ميمبر ۽ اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي اڳوڻي چيئرمين ڊاڪٽر قبله اياز چيو ته پاڪستان جو قيام 27 رمضان المبارڪ جي برڪتن واري ڏينهن عمل ۾ آيو، هن ڊاڪٽر اسرار احمد مرحوم جي هڪ خطاب جو حوالو پڻ ڏنو جنهن ۾ هن چيو ته قرآن شريف جو نزول رمضان ۾ ٿيو ۽ پاڪستان به 27 رمضان المبارڪ تي قائم ٿيو، اهو سڀ ڪجهه الله تعاليٰ جي حڪمت آهي. هن تاريخ جي مختلف واقعن جو حوالو پڻ ڏنو. ڊاڪٽر قبله اياز چيو ته 27هين رمضان المبارڪ تي پاڪستان جو قيام خدا تعاليٰ جي حڪمت آهي، 27 رمضان المبارڪ جي برڪتن واري ڏينهن پاڪستان جو قيام عمل ۾ آيو. هن چيو ته قيام کانپوءِ ڪيترن ئي مسئلن جي باوجود پاڪستان پنهنجي قيام کي نه رڳو يقيني بڻايو پر مستحڪم طريقي سان اڳتي وڌندو ويو جيڪا خدا تعاليٰ جي برڪت ۽ رحمت آهي. ڊاڪٽر قبله اياز چيو ته پاڪستان جي بقاءَ جي لاءِ ڌن، من، تن وقف ڪريون اها اسان سڀني جي ذميواري آهي، ملڪ جو هر طبقو ان مقصد جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته اسان جي قومي قيادت کي ان جو احساس آهي. اسان سڀ گڏجي اتحاد سان عالمي سازش کي ناڪام بڻائينداسين، اڄ جي ڏينهن اهو وچن ڪريون ته پنهنجي ملڪ جي استحڪام لاءِ سموريون قربانيون ڏيڻ جي لاءِ تيار آهيون. ان کان اڳ تقريب ۾ پاڪستان قائم ٿيڻ ۽ رمضان المبارڪ جي حوالي سان ناليواري اسلامي اسڪالر ڊاڪٽر اسرار احمد مرحوم ۽ مفتي عبدالرحيم، جامعته الرشيد ڪراچي ۽ مختلف مڪتبه فڪر جي ٻين عالم سڳورن جا وڊيو ڪپس پڻ هلايا ويا. ان کان اڳ تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ جڏهن وزيراعظم محمد شهباز شريف پهتو ته شرڪت ڪندڙن سندس شاندار استقبال ڪيو.