اسلام آباد – 26 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول معاهدي تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پگهاردار طبقي ۽ عام ماڻهو بار برداشت ڪيو، گذريل سال جي مقابلي ۾ هيستائين 12 کرب رپيا اضافي وصول ڪيا ويا آهن، ملڪ کي معاشي استحڪام جي منزل سان همڪنار ڪرڻ هڪ ڊگهي جدوجهد آهي، اسان کي قرضن کي ختم ڪري پنهنجي پيرن تي بيهڻو پوندو، پاڪستان تمام جلد پنهنجو وڃايل مقام حاصل ڪري وٺندو، رمضان پئڪيج جي حوالي سان ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڊيجيٽل والٽ جاري ڪيو ويو، پئڪيج تحت 20 ارب رپين مان 60 سيڪڙو رقم ورهائجي چڪي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير جي والده جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئي. وزيراعظم وفاقي ڪابينا پاران چيف آف آرمي اسٽاف سان تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو. وزيراعظم خاص مددگارن سميت وفاقي ڪابينا جي سمورن شرڪت ڪندڙن جي آجيان ڪندي ڪابينا کي ٻڌايو ته آءِ ايم ايف سان گذريل رات اسٽاف ليول معاهدو طئي ٿي ويو آهي. وزيراعظم چيو ته هو نائب وزيراعظم، ناڻي واري وزير، ٻين لاڳاپيل وزيرن ۽ عملدارن جو ٿورائتو آهي جن ڏينهن رات ڪم ڪيو. آءِ ايم ايف سان طئي ٿيندڙ معاهدي ۾ آرمي چيف جو پڻ اهم ڪردار رهيو، ڏينهن رات جي محنت ۽ هڪ ٽيم ورڪ جي نتيجي ۾ ڪاميابي ملي. وزيراعظم چيو ته آءِ ايم ايف معاهدي جي حوالي سان مخالفن جي ڪڌي حربن کي ناڪامي کي منهن ڏيڻو پيو. انهن واويلا ڪئي هئي ته مني بجيٽ کانسواءِ آءِ ايم ايف اڳتي نه وڌندو، موجوده حڪومت هڪ مشڪل ۽ چئلينجنگ صورتحال جڏهن ته ٻن صوبن ۾ دهشتگردي جاري ۽ مهانگائي عروج تي هئي هڪ ٽيم ورڪ جي طور تي ڪم ڪيو ۽ حڪومت جي اڻٿڪ ڪوششن جي ڪري ايترو جلدي اهو هدف حاصل ڪرڻ ممڪن ٿيو، دهشتگردي ۽ مهانگائي جي باوجود معاهدو طئي ٿيڻ حڪومت جي سنجيدگي جو عڪاس آهي، پوري قوم ان هدف کي حاصل ڪرڻ ۾ بي پناهه قربانيون ڏنيون آهن، ڪاميابي سان معاهدي جي طئي ٿيڻ ۾ عام ماڻهو جو پڻ انتهائي اهم ڪردار آهي. هن آءِ ايم ايف پروگرام ۾ صوبن جي ڪردار کي پڻ ساراهيو ۽ چيو ته زرعي ٽيڪس کانسواءِ آءِ ايم ايف اڳتي نه وڌڻو هو، سڀ کان پهرين پنجاب قانونسازي ڪئي ۽ پوءِ ٻين سمورن صوبن به وفاق جو ڀرپور ساٿ ڏنو. وزيراعظم ٻڌايو ته آءِ ايم ايف جي پروگرام ۾ 1.3 ارب ڊالر جو آر ايس ايف پڻ شامل آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي معيشت کي استحڪام ڏيڻ جي حوالي سان اها تمام وڏي ڪاميابي آهي. هن آءِ ايم ايف ڪنٽري ڊائريڪٽر ۽ ان جي ٽيم جا ڀرپور تعاون تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم ٻڌايو ته آءِ ايم ايف گذريل سال 9 کرب جو هدف مقرر ڪيو هو، هلندڙ سال 12.9 ٽريلين جو هدف هو، حڪومت هڪ سال ۾ ان حوالي سان جيڪو ڪم ڪيو اهو ساراهه جوڳو آهي، آءِ ايم ايف جيڪو روينيو هدف ڏنو هو اسان ان ۾ اضافو ڪيو ان حوالي سان پگهاردار طبقي جي ڪردار کي وساري نه ٿو سگهجي، اوڳاڙين جي وصولي ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 26 سيڪڙو اضافو خوش آئنده آهي، ٽيڪس ڪوليڪشن ٽو جي ڊي پي 10.8 تي اچي وئي آهي جڏهن ته آءِ ايم ايف 10.2 جو هدف مقرر ڪيو هو، اهڙي طرح ٽيڪس ڪوليڪشن جو هدف 10.9 کرب رپيا مقرر ڪيو هو، آءِ ايم ايف آڇ ڪئي ته هو ان ۾ گهٽتائي ڪري ڇڏين ٿا پر مون چيو ته ان جي ضرورت نه آهي جنهن تي آءِ ايم ايف حيران رهجي ويو، ٽيم ورڪ جي لگن سان ڪم ڪندا رهياسين ته پاڪستان ضرور ترقي ڪندو. وزيراعظم ٻڌايو ته عدالتن ۾ ٽيڪس ڪيسن جي بهتر پيروي سان قومي خزاني ۾ 34 ارب رپيا واپس اچي چڪا آهن، ٽربيونلز کان وٺي سپريم ڪورٽ تائين کربين رپين جا ڪيسز عدالتن ۾ آهن، اهي 34 ارب رپيا ٻڏي چڪا هئا، نئين مڪينزم تحت ان جي ريڪوري تمام وڏي ڪاميابي آهي ۽ ان ۾ قانون واري وزير، اٽارني جنرل، ايف بي آر چيئرمين ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جو تمام وڏو ڪردار آهي، اوڳاڙين بابت عدالتي ڪيسن تي مڪمل طور تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون، قانون واري وزارت ٽيڪس بابت ڪيسن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم ٻڌايو ته ايف بي آر ۾ ڊيجيٽائيزيشن جي حوالي سان قدم تيزي سان جاري آهين، فيس ليس انٽريڪشن تي پڻ ڪم ٿي رهيو آهي، ٽربيونلز جي لاءِ ڪارپوريٽ لائرز، چارٽر اڪائونٽنٽس ڪنهن پسند ۽ ناپسند جي بنياد تي نه پر هڪ سسٽم تحت چونڊيا پيا وڃن، ٽربيونلز ۾ انهن جي مقرري جي لاءِ سپريم ڪورٽ جي جج جي سربراهي ۾ شفاف نظام ٺاهيو ويو آهي. وزيراعظم ٻڌايو ته هن کنڊ جي شعبي جي نگراني جو پاڻ جائزو وٺڻ جو فيصلو ڪيو، کنڊ جي سيلز ٽيڪس جي چوري تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هن سال شگر ملز سيڪٽر کان هيستائين 12 ارب رپيا وصول ٿي چڪا آهن، شگر ملز سيڪٽر کان 60 ارب رپين کان وڌيڪ اوڳاڙين جو هدف آهي. وزيراعظم چيو ته سيمنٽ، تماڪو سميت هر سيڪٽر کي هاڻي ٽيڪس جي دائري ۾ شامل ٿيڻو پوندو، ٽيڪس ڏيڻ سان ئي ملڪ هلن ٿا، قرضن جو حصول خوشي جو مقام نه آهي، قرض ختم ڪري پنهنجي پيرن تي بيهڻو پوندو، پاڪستان تمام جلد پنهنجو وڃايل مقام حاصل ڪري وٺندو. وزيراعظم چيو ته امن ۽ ترقي لازم ۽ ملزوم آهن، دهشتگردي جي خاتمي ۽ امن قائم ڪرڻ سان ئي ترقي جو عمل اڳتي وڌي سگهي ٿو. هن دهشتگردي جي خلاف ڄمي مقابلو ڪندڙ سيڪيورٽي فورسز کي ساراهيندي چيو ته دهشتگردي جي روڪٿام جي لاءِ جيڪي لازوال قربانيون ڏنيون پيون وڃن اهي ڪڏهن به نه وساريون وينديون. وزيراعظم چيو ته رمضان پئڪيج جي حوالي سان ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڊيجيٽل والٽ جاري ڪيو ويو، پئڪيج تحت مستحق ماڻهن تائين شفاف طريقي سان ريليف پهچائڻ اسان جو مقصد آهي، رمضان پئڪيج تحت 20 ارب رپين مان 60 سيڪڙو رقم ورهائجي چڪي آهي، ماضي ۾ يوٽيلٽي اسٽورز جي ذريعي جيڪا امداد ورهائي وئي ان ۾ ڪرپشن، ناقص ۽ غيرمعياري شين جي فراهمي ۽ عوام کي تڪيلف جون شڪايتون هيون ان لاءِ ان نظام جو خاتمو ڪيو ويو. هن چيو ته ڊيجيٽل والٽ جي ماڊل کي ٻين شعبن ۾ پڻ متعارف ڪرايو ويندو.