گڏيل قومون -25 فيبروري (اي پي پي) گڏيل قومن جي عالمي فورم تي يوڪرين جنگ جي معاملي تي پهريون ڀيرو روائتي حريف آمريڪا ۽ روس هڪ ٿي ويا، جنهن آمريڪا جي روائتي اتحاد يورپ کي خوف ۾ وجهي ڇڏيو آهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي پرڏيهي پاليسي جي نتيجي ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۽ سلامتي ڪائونسل ٻنهي ۾ طاقت جي توازن ۾ نمايان تبديلي ڏٺي وئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق امريڪا يوڪرين تي حملو ڪرڻ جي قدم تي روس جي مذمت کان پاسو ڪري هڪ ئي ڏينهن گڏيل قومن ۾ ٻه ڀيرا روس جو ساٿ ڏنو. آمريڪا ۽ روس پهرين جنرل اسيمبلي ۾ صبح جي ووٽنگ ۾ ۽ پوءِ سلامتي ڪائونسل جي ٻن پهرن جي ووٽنگ ۾ هڪ جهڙو موقف اختيار ڪيو. يوڪرين جي حوالي سان يورپي ملڪن جي حمايت يافته ٺهراءَ کي جنرل اسيمبلي ۾ 93 ووٽ مليا، جڏهن ته ان ٺهراءَ جي مخالفت ۾ 18 ووٽ پيا ۽ 65 ملڪن ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو. ان ووٽنگ جي خاص ڳالهه اها هئي ته آمريڪا پنهنجي روائتي اتحادين بجاءِ روس ۽ روس جي اتحادي بيلا روس، اتر ڪوريا ۽ سوڊان سان گڏجي يورپي ٺهراءَ خلاف ووٽ ڏنو. ان ٺهراءَ ۾ يوڪرين تي حملو ڪرڻ جي قدمن تي روس تي سخت تنقيد ڪئي وئي هئي ۽ يوڪرين جي علائقائي سلامتي تي زور ڏنو ويو هو. ان کان پوءِ يوڪرين جي صدر سان سخت اختلافن کان پوءِ آمريڪي حڪومت هڪ ٺهراءَ جو مسودو تيار ڪيو، جڏهن ته يورپي ملڪن آمريڪي متن ۾ روس خلاف سخت لفظ شامل ڪرڻ ۽ ان کي يوڪرين تي حملي جو ذميوار قرار ڏيڻ تي زور ڀريو، آمريڪا يورپي ملڪن جي مطالبن کي رد ڪندي پنهنجي ٺهراءَ جي مسودي ۾ ڪا به تبديلي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ ان کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ پيش ڪيو. ووٽنگ ۾ آمريڪي ٺهراءَ جي حمايت ۾ 10 ووٽ پيا جڏهن ته مخالفت ۾ ڪو به ووٽ نه وڌو ويو. فرانس، برطانيه، ڊينمارڪ، يونان ۽ سلووينيا سلامتي ڪائونسل ۾ آمريڪي ٺهراءَ تي ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو. برطانيه ۽ فرانس ان ٺهراءَ کي ويٽو ڪري سگهن پيا پر هنن ايئن نه ڪيو. ووٽنگ کان پوءِ گڏيل قومن ۾ آمريڪي نمائندي ڊوروٿي شي چيو ته نه ته يورپي ترميمون ۽ نه ئي يوڪرين جي پيش ڪيل ٺهراءَ جنگ ۾ ماڻهن جي مارجڻ کي روڪيندا، گڏيل قومن کي يوڪرين جنگ ۾ ماڻهن جي فوتگين کي روڪڻ گهرجي، اسان سمورن ميمبر ملڪن تي زور ڀريون ٿا ته اهي گڏيل قومن کي ان جي عالمي امن ۽ سلامتي جي بنيادي مشن تي واپس آڻڻ لاءِ اسان سان شامل ٿين. بعد ۾ هن سلامتي ڪائونسل طرفان يوڪرين تي تاريخي معاهدي جي منظوري کي ساراهيو ۽ چيو ته اسان گڏيل قومن جي ٻين ميمبر ملڪن کان مطالبو ڪيون ٿا ته هو پائيدار امن جيڪو يورپ ۾ استحڪام آڻيندو ۽ وڌيڪ جارحيت کي روڪيندو ان لاءِ آمريڪا جو ساٿ ڏين. گڏيل قومن جي سربراهه يوڪرين جي علائقائي سلامتي کي مڪمل طور تي برقرار رکڻ ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي احترام جي اصولن تي ٻڌل امن جي قيام جو مطالبو ڪيو.