اسلام آباد – 28 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نوجوانن کي تبديلي جي نويد قرار ڏيندي چيو آهي ته قومي ترقي ۽ پاليسي سازي ۾ نوجوانن جو ڪردار وڌائڻ جي ضرورت آهي، تعليم کي فروغ ڏئي نوجوانن کي بااختيار بڻائي سگهجي ٿو، نوجوان پرامن ۽ خوشحال مستقبل جي ضمانت آهن، چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۾ دولت مشترڪه جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ بهترين حصيداري جو پليٽ فارم آهي، وزيراعظم يوٿ پروگرام نوجوانن جي ترقي ۽ ڀلائي جو فليگ شپ پروگرام آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪامن ويلٿ ايشيا يوٿ الائنس (ڪايا) سمٽ جي افتتاحي ويهڪ کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ وفاقي وزير، پارليامينٽ ميمبر، غيرملڪي نمائندا، نيشنل يوٿ ڪائونسل جا ميمبر ۽ سفارتڪار پڻ موجود هئا. ان موقعي تي وزيراعظم ڪامن ويلٿ ايشيا يوٿ الائنس سيڪريٽريٽ جو افتتاح پڻ ڪيو. وزيراعظم حڪومت ۽ عوام پاران سمٽ جي شرڪت ڪندڙن جي آجيان ڪندي چيو ته ڪامن ويلٿ ايشيا يوٿ سمٽ جي ميزباني تي خوشي آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان دولت مشترڪه جو باني ميمبر آهي، پاڪستان دولت مشترڪه ۽ ان جي ادارن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو هي هڪ اهم پليٽ فارم آهي جيڪو حصيداري قائم ڪرڻ ۽ اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جو ذريعو آهي، دولت مشترڪه جي 60 سيڪڙو آبادي جي عمر 30 سال کان گهٽ آهي. هن چيو ته دولت مشترڪه ملڪن جي مستقبل جو دارومدار نوجوانن تي آهي، اسان کي نوجوانن جي صلاحيتن کي نکارڻو پوندو، نوجوانن کي جديد ٽيڪنالاجي ۽ فني تعليم سان ليس ڪرڻو آهي، نوجوان پرامن ۽ خوشحال مستقبل جي ضمانت آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي 70 سيڪڙو آبادي جي عمر 30 سال کان گهٽ آهي، اسان پنهنجي ان صلاحيت کان چڱي ريت باخبر آهيون ۽ اسان ان کي هڪ موقعي ۾ تبديل ڪري سگهون ٿا جيڪي پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. وزيراعظم چيو ته نوجوان نه رڳو سڀاڻي جا اڳواڻ آهن پر اڄ به تبديلي جا محرڪ آهن، نوجوانن کي جديد ٽيڪنالاجي ۽ فني تعليم سان ليس ڪرڻو پوندو، قومي تعمير جي ڪوششن ۾ انهن کي ڀرپور شرڪت ڪندڙ بڻائڻ جي ضرورت آهي، اسان کي نوجوانن جي صلاحيتن جو ادراڪ آهي، نوجوان تبديلي جي نويد آهن، قومي ترقي ۽ پاليسي سازي ۾ انهن جو ڪردار وڌائڻو آهي. قوم جي تعمير ۽ ترقي ۾ نوجوانن جي ڪردار کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي. وزيراعظم چيو ته مون سدائين نوجوانن جي ترقي ۽ ڀلائي تي ڌيان ڏنو آهي پنهنجي سموري سياسي زندگي ۾ نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ جي حوالي سان قدم کنيا آهن. پرائيم منسٽر يوٿ پروگرام نوجوانن جي ترقي ۽ ڀلائي جو فليگ شپ پروگرام آهي، اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف نوجوانن جي لاءِ ڪيترائي موقعا فراهم ڪيا ۽ انهن جي لاءِ ڪيترائي پروگرام شروع ڪيا، اسان شاگردن ۽ شاگردياڻين کي معياري تعليم ڏيڻ جي لاءِ سڄي پنجاب ۾ دانش اسڪولز قائم ڪيا آهن، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان، بلوچستان ۽ ٻين ڏورانهن علائقن ۾ پڻ دانش اسڪول قائم ڪيا پيا وڃن، نوجوانن جي ڀلائي ۽ ترقي جي حوالي سان پنجاب ۽ وفاق ڪيترائي منصوبا شروع ڪيا آهن جن ۾ پنجاب ايجوڪيشن انڊومنٽ فنڊ جي ذريعي گهٽ مالي وسيلا رکندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي وظيفن جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويو آهي. هن چيو ته شاگردن ۽ شاگردياڻين جي لاءِ ليپ ٽاپ جي فراهمي انتهائي اهميت رکندڙ منصوبو آهي جنهن سان شاگرد پنهنجي تعليمي ضرورتن کي پورو ڪري سگهن ٿا. وزيراعظم چيو ته آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ بلوچستان سميت پوري ملڪ جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ليپ ٽاپ فراهم ڪيا پيا وڃن. پرائيم منسٽر يوٿ پروگرام جي ذريعي 6 لک هوشيار ۽ مستحق شاگردن کي ليپ ٽاپ ڏنا ويا آهن، ڪورونا وائرس جي عالمي وبا دوران اهي ليپ ٽاپ تعليم جو ذريعو بڻيا. وزيراعظم چيو ته تعليم کي فروغ ڏئي نوجوانن کي بااختيار بڻائي سگهجي ٿو، اسان جو مستقبل بااختيار نوجوانن جي هٿ ۾ آهي. ان کان اڳ پرائيم منسٽر يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد نمائندن جي آجيان ڪندي چيو ته علائقائي ڪميونٽي جي حيثيت سان انهن جي هتي موجودگي يڪجهتي جي جذبي جي عڪاس آهي. هن چيو ته ڪامن ويلٿ ايشيا يوٿ سيڪريٽريٽ جو قيام خوش آئنده ۽ پاڪستان جي نوجوانن تي اعتماد جو اظهار آهي. هن چيو ته ڪامن ويلٿ ايشيا يوٿ الائنس نوجوان قيادت جي متحرڪ ڪردار کي سگهه ڏيڻ جو موثر پليٽ فارم مهيا ڪندو ۽ اهو اسان جي قومن جي نوجوان نسل جي وچ ۾ مڪالمي جي فروغ ۾ سهولت ڏيندو. هي پليٽ فارم جوڙيل ويزن کي عملي جامعو پارائيندي نوجوانن کي ترقي، جدت ۽ جامع شموليت جي عمل ۾ پهرين دستي جو ڪردار ادا ڪرڻ جا فعال موقعا ميسر ڪندو. راڻا مشهود احمد چيو ته موجوده حڪومت نوجوانن جي صلاحيتن کي نکارڻ ۽ زندگي جي هر شعبي ۾ اڳتي وڌڻ جي لاءِ ڏوررس قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته نوجوان نسل کي موقعا فراهم ڪرڻ ۽ انهن کي بااختيار بڻائڻ سان ملڪ ترقي ڪندو ڇو ته اهي نوجوان سڀاڻي ملڪ کي سنڀاليندا. هن چيو ته دانش اسڪولز ۽ نوجوانن کي قرض فراهم ڪرڻ جهڙا قدم ساراهه جوڳا آهن. افتتاحي ويهڪ ۾ دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل جو وڊيو پيغام پڻ هلايو ويو جنهن ۾ نوجوانن جي ترقي ۾ پاڪستان حڪومت جي اڳڀرائي ۽ دولت مشترڪه جي ڪميونٽي ۾ ان جي نمايان حصيداري جو اعتراف ڪيو ويو. تقريب جي شرڪت ڪندڙن کي پاڪستان ۾ سياحت بابت وڊيو پڻ ڏيکاري وئي. وزيراعظم ڪايا سمٽ ۾ 20 نوجوانن کي موسمياتي تبديلي ۽ يوٿ ايڪسيلنس ايوارڊ پڻ ڏنا. ٻئي طرف ڪايا سمٽ ۾ قيادت جي سگهه، حصيدارن جو انتظام ۽ وسيلن کي متحرڪ ڪرڻ بابت سيشن منعقد ٿيو جنهن ۾ شرڪت ڪندڙن مختلف تجويزن ۽ راءِ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. شرڪت ڪندڙن گهٽ عمر ۾ شادي سميت ٻين مسئلن کي اجاگر ڪيو. شرڪت ڪندڙن نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ تي ڌيان ڏنو. ڪايا سمٽ ۾ موسمياتي قدمن بابت اعليٰ سطحي گول ميز مباحثو پڻ منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ علائقائي سطح تي موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قدمن تي غور ڪيو ويو. ليڊرشپ بابت سيشن ۾ دستاويزي فلم پڻ ڏيکاري وئي. ڪايا سمٽ 2025ع دوران پرائيم منسٽر يوٿ پروگرام تحت نوجوان پاڪستانين جي ڪاميابين ۽ تخليقي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ”اسپارڪ“ ميگزين پڻ جاري ڪيو ويو. وزيراعظم محمد شهباز شريف نيشنل يوٿ ڪائونسل جي ميمبرن، ڪلائميٽ چيمپيئنز ۽ ميگزين ٽيم سان گڏ گروپ فوٽوز پڻ ٺهرايا.