اسلام آباد – 28 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف وفاقي حڪومت جي انتظام هيٺ طبي سهولتن کي جديد رخن تي قائم ڪرڻ ۽ اسلام آباد کي ماڊل بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته حڪومت سڄي ملڪ ۾ صحت جي سهولتن تائين پهچ جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪري رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ قومي صحت معاملن واري وزارت جي جائزه اجلاس دوران ڪيو. اجلاس ۾ منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، وزيراعظم جي قومي صحت واري ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر ملڪ مختار ڀرٿ ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته حڪومت سڄي ملڪ ۾ صحت جي سهولتن تائين پهچ جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪري رهي آهي. وزيراعظم وفاقي حڪومت جي انتظام هيٺ صحت جي بحالي جي نظام کي جديد رخن تي قائم ڪرڻ، صحت جي سهولتن جي حوالي سان اسلام آباد کي سڄي ملڪ جي لاءِ ماڊل بڻائڻ، جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس ۽ ريسرچ سينٽر جي ڪم کي تيز رفتار بڻائڻ، جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس جي لاءِ ميڊيڪل ۽ سرجيڪل مشينري ۽ اوزارن جي خريداري جي حوالي سان پري ڪواليفڪيشن جو عمل وقت تي شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته پري ڪواليفڪيشن جي عمل کي ماهر ڪنسلٽنٽس جي نگراني ۾ مڪمل ڪيو وڃي. جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس جي تعميري ڪم ۽ مشينري ۽ اوزارن جي خريداري جي ٿرڊ پارٽي آڊٽ لازمي ڪرائي وڃي. وزيراعظم جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس سان واڳيل يونيورسٽي جي لاءِ چارٽر جي منظوري جو عمل شروع ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس کي ڪمپنيز ايڪٽ جي سيڪشن 42 تحت هڪ ڪمپني طور قائم ڪيو ويو آهي. جي ايم سي جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس جو ماسٽر پلان منظور ڪري ورتو آهي. جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس جي پراجيڪٽ مئنيجمينٽ يونٽ ۽ پراجيڪٽ امپليمينٽيشن يونٽ جي حوالي سان مقررين جي عمل جي شروعات ڪئي وئي آهي.