ڊيووس -22 جنوري (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته چين پاڪستان اقتصادي راهداري جي ٻئي مرحلي ۾ حڪومتي سطح بدران بزنس ٽو بزنس تي ڌيان رهندو، سي پيڪ فيز ٽو ۾ چيني ڪمپنين کي پيداواري يونٽس پاڪستان منتقل ڪرڻ تي قائل ڪيو ويندو. اهڙو اظهار هن ڊيووس ۾ ورلڊ اڪنامڪ فورم دوران اسرندڙ معيشتن تي عالمي قرضن جي وڌندڙ بار جي موضوع تي اعليٰ سطحي ڳالهين کي پينلسٽ طور خطاب ڪندي ڪيو. ناڻي واري وزير مالياتي پاليسين ۾ تبديلي ۽ قرضن ۾ پائيداري ذريعي مضبوط ۽ لچڪدار معيشتن جي قيام تي موقف بيان ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جو سڀ کان وڏو مسئلو ڪرنٽ اڪائونٽ ۽ فسيڪل اڪائونٽ جو گڏيل خسارو رهيو آهي. فسڪل خساري جو سڀ کان وڏو سبب 9 کان 10 سيڪڙو غير پائيدار ٽيڪس ٽو جي ڊي پي شرح آهي. ڍانچي جاتي سڌارن سبب ٽيڪس ٽو جي ڊي پي شرح کي 13 سيڪڙو تائين وٺي وڃڻ جي ڪوشش جاري آهي. ناڻي واري وزير چيو ته ٽيڪس ٽو جي ڊي پي شرح وڌائڻ بنا قومن کي برادري ۾ عزت وارو مقام حاصل ڪرڻ ناممڪن آهي. حڪومت پنهنجي خرچن ۾ گهٽتائي ۽ قرضن جي ادائيگي جو ڳاڻيٽو گهٽ ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. پنهنجو گهر ٺيڪ ڪرڻ بنا قرضن جي بار کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ مشڪل آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ قرض ٽو جي ڊي پي شرح 78 سيڪڙو کان گهٽجي 67 سيڪڙو تي اچي وئي آهي. قرض وٺڻ ايترو خراب ناهي قرض جو صحيح استعمال ضروري آهي. قرضن مان خرچ هلائڻ يا سبسڊيز ڏيڻ بدران پيداواري صلاحيت وڌائي روانگي واپار کي هٿي ڏيڻ گهرجي. پاڪستان جي معاشي ترقي لاهن چاڙهن جو شڪار رهي آهي. هن چيو ته جي ڊي پي جي اوسر واري شرح 4 سيڪڙو ٿيندي ئي معيشت جي آمدني واپار تي ڀاڙڻ سبب ادائيگين جو توازن بگڙجندو آهي، ادائيگين جي توازن جي بگڙجڻ سان هر ڀيري آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پوندو آهي. پائيدار ترقي کي حاصل ڪرڻ پاڪستان جي اولين ترجيح آهي. معيشت جي ڊي اين اي کي تبديل ڪري روانگي واپار ذريعي معيشت کي مستحڪم بڻائڻ جي پاليسي تي گامزن آهيون. نجي شعبي کي معاشي ترقي ۾ هر اول دستي جو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. عالمي بئنڪ سان 10 سالن جي رفاقتي پروگرام سان وڌندڙ آبادي، غربت ۽ ماحولياتي مسئلن تي ضابطو آڻي پائيدار معاشي ترقي طرف وڌنداسين. ناڻي واري وزير چيو ته سي پيڪ فيز ٽو ۾ چيني ڪمپنين کي پيداواري يونٽس پاڪستان منتقل ڪرڻ تي قائل ڪيو ويندو. چيني ڪمپنيون پاڪستان کي پنهنجي روانگي واپار جو مرڪز بڻائي سگهن ٿيون. پاڪستان پانڊا بانڊ ذريعي دنيا جي سڀ کان وڏي ۽ گهري چيني ڪيپيٽل مارڪيٽ تائين پهچ چاهي ٿو. پاڪستان مصر جي تجربن مان سکي ڪيپيٽل مارڪيٽ جي پهچ ۾ تنوع ۽ ڪريڊٽ ريٽنگ ۾ بهتري جو خواهشمند آهي. پاڪستان جي آءِ ٽي شعبي ۾ نوجوانن لاءِ بي پناهه موقعا موجود آهن. پاڪستاني نوجوانن کي سڄي دنيا ۾ بهترين ملازمتون ملڻ مثبت ڳالهه آهي، نوجوانن لاءِ ملڪ ۾ ملازمتن جا بهترين موقعا پيدا ڪيا پيا وڃن، پائيدار پاليسي فريم ورڪ ۽ پاليسي جي تسلسل ذريعي نجي شعبي ۾ ملازمتن جا موقعا پيدا ٿيندا.