اسلام آباد – 23 – جنوري (اي پي پي) آذربائيجان – پاڪستان ٻطرفي سياسي مشاورت جو چوٿون دور اسلام آباد ۾ شروع ٿي ويو آهي. پرڏيهي وزارت جي ترجمان شفقت علي خان پريس بريفنگ دوران ٻڌايو ته جمهوريه آذربائيجان جو نائب پرڏيهي وزير النور ممدوف پنهنجي پاڪستان جي دوري دوران ڳالهه ٻولهه ۾ آذري وفد جي قيادت ڪري رهيو آهي. هن چيو ته آذربائيجان پاڪستان ٻطرفي سياسي مشاورت جي چوٿين دور ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت پاڪستان جي پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ ڪري رهي آهي. ترجمان چيو ته ٻئي ڌريون واپار ۽ توانائي، انفارميشن ٽيڪنالاجي، دفاع، صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ سرگرمين سميت ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن شعبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪري رهيون آهن. ترجمان چيو ته ٻنهي ڌرين مختلف علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.