اسلام آباد – 27 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسلام آباد ۾ تحريڪ انتشار فساد برپا ڪيو، ملڪ افراتفري ۽ رتوڇاڻ کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي، فساد ۽ انتشار جي سياست جي حوصلا شڪني لازمي آهي، فسادين کان سختي سان منهن ڏنو ويندو، 9 مئي جي جوابدارن کي عدالتون وقت سر سزائون ڏين ها ته اهو سڀ ڪجهه نه ٿئي ها. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي ڪابينا جي اجلاس دوران ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اسلام آباد ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر فساد برپا ڪيو ويو، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن بهترين حڪمت عملي جي ذريعي ان کي منهن ڏنو ۽ عوام کي سڪون مليو، فساد جي ڪري سڄي پاڪستان خاص طور تي اسلام آباد ۾ معيشت کي نقصان پهتو، ڪيترن ئي ڏينهن کان ڪاروبار نه هجڻ جي برابر هو، دڪان بند هئا، واپاري پِٽون ۽ پاراتا ڏئي رهيا هئا. هن چيو ته فيڪٽري مالڪن، ڏهاڙيدار مزدور سڀ پريشان هئا، اسپتالن ۾ مريضن کي مشڪلاتون درپيش هيون، جاڙن شهرن ۾ زندگي جو نظام معطل ٿي چڪو هو. هن چيو ته اسٽاڪ ايڪسچينج 99 هزار 300 جو رڪارڊ قائم ڪيو هو، گذريل ڏينهن هڪ ڏينهن ۾ 4 هزار پوائنٽس جي گهٽتائي ٿي، اهو انهن فسادين جي ڪري ٿيو جيڪي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جا دشمن بڻجي چڪا آهن، گذريل رات امن بحال ٿيڻ کانپوءِ اسٽاڪ ايڪسچينج اڄ 99 هزار تائين پهچي چڪو آهي. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ مڃيل اصول آهي، سيڙپڪاري اتي ٿيندي آهي جتي امن ۽ سڪون هجي ۽ منافعو ڪمائڻ جا تمام سٺا موقعا ميسر هجن. هن چيو ته اهڙي خطرناڪ روش 2014ع کان اڳ نه هئي، ان کان اڳ اسلام آباد تي چڙهائي جو تصور به نه هو، ماڻهو شهرن ۾ احتجاج ڪندا هئا ۽ انهن کي آئين ۽ قانون موجب پرامن احتجاج جو حق حاصل آهي. وزيراعظم چيو ته 2014ع کان بدقسمتي سان ان خطرناڪ روش جو بنياد وڌو ويو، چيني صدر شي جن پنگ سيپٽمبر 2014ع ۾ پاڪستان جي دوري تي اچي رهيو هو، فسادين 126 ڏينهن فساد برپا رکيو، ان جي نتيجي ۾ چيني صدر جو دورو ملتوي ٿيو ۽ اپريل 2017ع ۾ هو وري پاڪستان جي دوري تي آيو. شهباز شريف چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس جي موقعي تي انهن فسادين ٻيهر فساد برپا ڪيو، دوست ملڪن جي مهمانن ۾ ڳڻتي پيدا ٿي، ان موقعي تي سيڪيورٽي چئلينجز کي بهتر انداز ۾ منهن ڏنو، گڏيل بصيرت ۽ منصوبابندي سان اها ڪاميابي ملي، پاڪ فوج مڪمل سيڪيورٽي جي ذميواري سنڀالي، سعودي وفد جي دوري جي موقعي تي ٻڙڌڪ مچايوويو، تخريبڪاري ڪئي وئي، غيرملڪي هٿيار کڻي اچن ٿا، بيگناهه شهرين کي تنگ، زخمي ۽ شهيد ڪن ٿا، اسلام آباد پوليس جي اهلڪار کي شهيد ڪيو ويو ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا. هن چيو ته ڪو به محب وطن شهري جنهن کي ملڪ عزت، تعليم، روزگار ۽ ترقي جا موقعا ڏنا اهو هن ملڪ جو دشمن ٿي وڃي، پاڪستان جي مخالفت ڪري، ان حد تائين هليو وڃي ته ملڪ برباد ٿي وڃي ۽ ان کي ڪا پرواهه نه هجي، ان خطرناڪ روش اسان کي اهو سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو ته اسان کي پاڪستان جي معيشت کي بچائڻو آهي، ترقي ڏيارڻي آهي ۽ ملڪ کي خوشحال بڻائڻو آهي يا اسان کي ڌرڻن کي منهن ڏيڻو آهي، سڀئي وسيلا ۽ توانائي ان ۾ لڳائي ڇڏيون ۽ ملڪي معيشت جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيون يا ٻيو ڪجهه ڪريون ان لاءِ اهو اسان کي گڏيل مشاورت ۽ صلاح مشوري سان سخت فيصلا ڪرڻا پوندا. وزيراعظم چيو ته اسان وٽ هڪ ئي رستو آهي اهو آهي پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جو رستو. حڪومت سميت سمورن ادارن کي گڏجي فيصلو ڪرڻو آهي ته انهن فسادين ۽ ملڪ دشمنن جو ساٿ اسان کي نه ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته بيلاروس جو صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان جي دوري تي آيو. ان سان ملاقات دوران مختلف شعبن ۾ وڌندڙ تعاون تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هو انهن منصوبن تي عملي اڳڀرائي جو خواهشمند آهي. ڊسمبر ۾ هڪ پاڪستاني وفد بيلاروس جو دورو ڪندو ۽ معاهدن کي حتمي شڪل ڏيندو. فيبروري ۾ بيلاروس جي صدر ۽ پاڪستان جي وزيراعظم جي وچ ۾ معاهدا ٿيندا، ٻئي ملڪ زراعت، زرعي مشينري سميت ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻندا. هن چيو ته جڏهن اها اڳڀرائي ٿي رهي هئي ته ان وقت فسادي بندوقون ۽ هٿيار کڻي آيا هئا، اسان جي رينجرز ۽ پوليس جا جوان شهيد ٿيا، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار زخمي ٿيا، هر روز جنگ جو ميدان لڳندو ته توانائيون ڪٿي خرچ ٿينديون. هن چيو ته 77 سالن کانپوءِ به اسان قرضن ۾ جڪڙيل آهيون، اسان جي معيشت آهستي آهستي هاڻي استحڪام تي هلڻ لڳي آهي. وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن عدالتون 9 مئي جي جوابدارن کي وقت تي سزائون ڏين ها ته اڄ هي ڏينهن ڏسڻا نه پون ها. قانون هٿ ۾ کڻي قانون جون ڌڄيون اڏائيندڙن کي سزائون ملن ها ته ائين نه ٿئي ها، انهن حالتن ۾ سچي قوم کي سوچي سمجهي فيصلو ڪرڻو آهي ته اسان کي ڪهڙي طرف وڌڻو آهي. هن چيو ته اسلام آباد پوليس، رينجرز، پنجاب پوليس، سنڌ پوليس سميت قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو ٿورائتو آهيان جو انهن گڏجي تازي حملي کي ناڪام بڻايو ۽ انهن کي ڌڪي پورو اسلام آباد خالي ڪرايو. هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ دهشتگردي سبب صورتحال خراب آهي، ڪرم ايجنسي ۾ درجنين ماڻهو شهيد ٿي ويا آهن، خيبرپختونخواهه حڪومت کي ڪرم ايجنسي پاراچنار ۾ امن امان جي صورتحال جي بحالي تي پنهنجو پورو ڌيان ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته اسلام آباد تي ڪاهه دوران عسڪري عملدارن ڀرپور تعاون فراهم ڪيو. گهرو وزير، گهرو سيڪريٽري ۽ ان جي ٽيم جو ٿورائتو آهيان. هن چيو ته انهن کي پاڪستان جي ڪنگال ٿيڻ کان بچي وڃڻ جي تڪليف آهي، انهن جي دور ۾ مهانگائي ۽ پاليسي ريٽ آسمانن تي پهچي ويو هو. هن چيو ته سمورين اتحادي پارٽين ڀرپور ساٿ ڏنو. هاڻي سڀ اشارا مثبت آهن. اسان جي ناقد به معاشي استحڪام جو اعتراف ڪري رهيا آهن. اهو اسان جي گڏيل ڪوششن جو نتيجو آهي. انهن سڀني ڪاميابين ۾ ٽيم ورڪ سان گڏوگڏ آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير جو اهم ڪردار آهي. هن چيو ته 2018ع جي چونڊن ۾ تاريخي ڌانڌلي ٿي هئي، ان جو حساب ته ڏين. ان تي عمران خان انڪوائري ڪميٽي ٺاهڻ جو اعلان ڪيو هو. اڄ ڏينهن تائين ان ڪميٽي جو ڪو اجلاس نه ٿيو. اڄ وري ڌانڌلي جو گوڙ ڪري اسلام آباد تي چڙهائي ڪن ٿا. ڪنهن ٻي پارٽي جي احتجاج دوران هڪ ٽاري به ناهي ٽٽُي. احتجاج سان روزانو 190 ارب رپين جو ملڪي معيشت کي نقصان پهچي رهيو آهي. ذاتي مفاد جي لاءِ قوم کي نقصان پهچائڻ کان وڏو ٻيو ڪو به ڏوهه نه آهي، ان جي ڪا به معافي نه آهي. هنن پاڪستان جي دوست ملڪ جي فرمانروا کي تڪليف پهچائي، ان کان وڏي ملڪ دشمني ٻي ڪا به نه آهي. هي تحريڪ نه آهي پر تخريبڪاري ۽ فتنو آهي. سياست ۾ ان جي ڪا به گنجائش نه آهي، سياسي پارٽيون قومي ترقي ۽ خوشحالي ۾ هر اول دستو هونديون آهن. هن جٿابندي کي هر صورت ۾ ختم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته صحافين کي گاريون ڏنيون ويون، نيشنل پريس ڪلب تي حملو ڪيو ويو، هي جمهوريت نه پر شيطانيت آهي. هن چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ حڪم ڏنو هو ته بنا اجازت جي انهن کي اچڻ نه ڏنو وڃي، انهن ان حڪم جي خلاف ورزي ڪئي. سنگجاڻي ۾ انهن کي جڳهه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو پر هڪ شخص ضد تي بيٺو هو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان طرف کڄندڙ هر هٿ ٽوڙي ڇڏينداسين. ان موقعي تي شهيدن جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني به ڪئي وئي.