اسلام آباد – 27 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف دشمن جا ناپاڪ ارادا ناڪام بڻائڻ جي لاءِ مڪمل يڪجهتي ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ پختي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي سبز هلالي جهنڊي ۽ آئين تي يقين رکندڙن جي لاءِ ڳالهه ٻولهه جا دروازا کليل آهن، جلد بلوچستان جو دورو ڪري جامع ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ دهشتگردن بيگناهه شهرين کي نشانو بڻايو آهي، ٽي ٽي پي جا دهشتگرد افغان سرزمين تان ڪارروايون ڪن ٿا، دشمن قوتون چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڏار پيدا ڪرڻ ۽ ملڪي ترقي کي روڪڻ چاهين ٿيون، سيڪيورٽي فورسز جون قربانيون رائيگان نه وينديون، پاڪ فوج کي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سمورا وسيلا فراهم ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ دهشتگردي جا افسوسناڪ واقعا ٿيا آهن. دهشتگردي جي تازي لهر ۾ 50 کان وڌيڪ پاڪستاني شهيد ٿيا آهن، ان کانسواءِ سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ آفيسر ۽ اهلڪار به شهيد ٿيا آهن، هي انتهائي اهم معاملو آهي. وزيراعظم چيو ته گذريل ڪجهه مهينن دوران دهشتگردي جي لهر ۾ اضافو ٿيو آهي، ڊيره اسماعيل خان، ڪرڪ ۽ ٻين علائقن ۾ دهشتگردن بيگناهه پاڪستانين کي نشانو بڻايو آهي. دهشتگردي جا واقعا انتهائي مذمت جوڳا آهن، ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته ٽي ٽي پي جا دهشتگرد افغان سرزمين تان ڪارروايون ڪن ٿا، ان حوالي سان حڪومت پاران افغان حڪومت کي آگاهه ڪيو ۽ دهشتگردن خلاف موثر آپريشن به ڪيا ويا آهن. اهڙي طرح بلوچستان ۾ دهشتگردي جا ڪالهه جيڪي واقعا ٿيا آهن ان جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي. بيگناهه پاڪستانين کي شهيد ڪري دهشتگرد پنهنجي ڪڌا ارادا پورا نه ٿا ڪري سگهن. ڪڌي ۽ ناپاڪ ارادن جو واحد مقصد اهو آهي ته ملڪ ۾ ترقي جي سفر ۽ سي پيڪ تحت سڄي ملڪ ۾ هلندڙ منصوبن کي روڪيو وڃي ۽ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ فاصلا پيدا ڪيا وڃن پر ان سان گڏوگڏ جيڪي ظلم ۽ ڏاڍ جا واقعا ٿيا سڄي قوم ان جي شديد مذمت ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته اهو چوڻ بدران دهشتگردن ملڪ جي ڪنهن حصي جي ماڻهن کي نشانو بڻايو، جيڪڏهن اهو چيو وڃي ته پاڪستانين کي شهيد ڪيو آهي ته اها ملڪي سالميت جي حوالي سان وڌيڪ مناسب ۽ موثر ڳالهه هوندي. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي کي ختم ڪرڻ جو وقت اچي چڪو آهي، ان جي لاءِ قربانيون ڏنيون ويون آهن ۽ ڏنيون پيون وڃن، اهي ضايع نه ٿينديون. حڪومت ان حوالي سان پاڪستاني فوج کي وسيلن جي فراهمي يقيني بڻائيندي. سمورن خرچن کي گهٽ ڪري سيڪيورٽي فورسز کي سمورا وسيلا فراهم ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته پاڪ فوج جي سپهه سالار ۽ سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جو پختو عزم آهي ته دهشتگردي جو هر صورت ۾ خاتمو ڪري سک جو ساهه کڻنداسين، ان تي پوري قوم هڪ آهي ۽ ان ۾ ڪا ٻي راءِ نه آهي. وزيراعظم چيو ته بلوچستان ۾ دهشتگرد جيڪي ڪارروايون ڪري رهيا آهن انهن جو واحد مقصد اهو آهي ته پاڪستان جي اندر مسئلا پيدا ڪيا وڃن، وفاقي حڪومت صوبائي حڪومتن سان گڏجي قدم کڻندي. وزيراعظم چيو ته سمورين مشڪلاتن جي باوجود ترقي جي رستي ۾ رڪاوٽ وجهڻ ۽ روڪڻ جون ڪوششون ناڪام بڻائينداسين ۽ دهشتگردن جا ڪڌا ارادا ناڪام ٿيندا ۽ اهي خاڪ ۾ ملي ويندا پر پهريُون شرط اهو آهي ته اسان کي پنهنجي پنهنجي دشمنن کي سڃاڻڻو پوندو ۽ انهن جي ڪڌن ارادن کي شڪست ڏيڻ جي لاءِ هڪ ٿيڻو پوندو ۽ مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪرڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته ان حوالي سان ڪنهن به قسم جي ڪمزوري جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي جڏهن ته بلوچستان ۾ اهي ماڻهو جيڪي پاڪستانيت جي سوچ رکن ٿا ۽ پاڪستان جي آئين ۽ سبز هلالي جهنڊي کي تسليم ڪن ٿا انهن سان ڳالهه ٻولهه جا دروازا هر وقت کليل آهن پر جيڪي دوست نما دشمن آهن انهن سان نه ته ڪا ڳالهه ٻولهه ٿي سگهي ٿي ۽ نه ئي انهن سان ڪو نرم رويو اختيار ڪيو ويندو اهو واضح پيغام آهي. وزيراعظم چيو ته ڪالهه جا واقعا سڀني جي لاءِ فڪر جو لمحو آهن، انشاءَ الله اسان گڏجي انهن مشڪلاتن ۽ چئلينجن تي ضابطو آڻينداسين. وزيراعظم چيو ته دهشتگردن جي لاءِ پاڪستان ۾ ڪا جڳهه نه آهي. ڪجهه به ٿي وڃي انهن جو مڪمل خاتمو ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ته هو جلد بلوچستان جو دورو ڪندو ۽ ان سموري صورتحال تي ٺوس ڳالهه ٻولهه ڪندو ۽ صورتحال جو جائزو وٺندو ۽ فوري قدمن جو فيصلو ڪندو. الله تعاليٰ پاڪستان کي انهن سمورين مشڪلاتن مان پنهنجي خاص فضل ۽ ڪرم سان ڪڍندو ۽ دشمنن جا ارادا خاڪ ۾ ملندا.