اسلام آباد – 10 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون ۽ رابطن کي فروغ ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ڪاٿو هڪ ارب ڊالر تائين آڻڻ گهٽ مدي وارو هدف آهي، ازبڪ صدر ازبڪستان، افغانستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ريل رابطن ۾ گهري دلچسپي رکي ٿو، ٻنهي ملڪن جي عوام جو شاندار مستقبل ڏسي رهيا آهيون، اسان جا تاريخي لاڳاپا آهن، پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ سڌوسنئون ريل، فضائي ۽ رستن جي ذريعي رابطن سان ٻنهي ملڪن کي ويجهو آڻڻ ۽ لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو موقعو ملندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي سربراهي اجلاس جي موقعي تي ازبڪ سرڪاري ٽي وي ”ازبڪستان 24“ کي انٽرويو ڏيندي ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته اسان ازبڪستان کي خطي جي حوالي سان اهم ملڪ سمجهون ٿا خاص طور تي اسان کي ازبڪستان جي صدر مرزيوف جي قيادت ۾ معاشي ۽ اسٽريٽجڪ رابطن جي سلسلي ۾ نيون مراعتون ۽ قدم نظر اچن ٿا جيڪي واپار جي لاءِ نيون راهون کولڻ ۾ مددگار ٿيندا ۽ ان کي اسان پاڪستان جي لاءِ انتهائي حوصلي جوڳو سمجهون ٿا، ازبڪ صدر واضح ويزن سان گڏ مستقل مزاج پڻ آهي، نيويارڪ، بيجنگ سميت ٻين جاين تي ساڻس ملاقات ٿي، هو پنهنجي ويزن کي ٺوس منصوبن ۾ بدلائڻ چاهي ٿو، هن ان حوالي سان پنهنجي نائب وزيراعظم کي فوڪل پرسن مقرر ڪيو آهي، اسان پنهنجي واپار واري وزير کي ذميواري ڏني آهي جيڪو ازبڪ فوڪل پرسن سان باقاعدگي سان ملاقاتون ڪندو، اهي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي نئين سگهه ڏيڻ جي لاءِ تصورن ۽ منصوبن جي نشاندهي ڪندا. هن چيو ته ٻنهي ملڪن کي ڪيترن ئي شعبن ۾ هڪ ٻئي جي ضرورت آهي، انهن ورڪنگ گروپس جي ذريعي انهن شعبن تي ڌيان ڏنو ويندو، فارماسيوٽيڪل سميت مختلف شعبن ۾ پاڪستان جي پيداوار وڌيڪ آهي، ازبڪستان ۽ خطي جا ٻيا ملڪ انهن صنعتن جي وڏي منڊيءَ آهن، ازبڪستان کي ٻين خطن جي لاءِ برآمدي لنگهه جي طور تي استعمال ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته اسان ٻنهي ملڪن مختلف شعبن ۾ ٺوس ڌيان ڏنو آهي، اسان جي واپار واري وزارت ۽ ازبڪستان جا لاڳاپيل عملدار تفصيلن جو جائزو وٺي رهيا آهن ۽ موقعا ڳولڻ تي ڌيان ڏئي رهيا آهن، مون کي پورو يقين آهي ته اهي تفصيل ٻنهي ملڪن جي گڏيل مفاد ۾ هوندا، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ڪاٿو هڪ ارب ڊالر تائين وٺي وڃڻ گهٽ مدي وارو هدف آهي، ان ۾ وڌيڪ اضافو ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته ازبڪستان، افغانستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ريل رابطن ۾ ازبڪ صدر گهري دلچسپي رکي ٿو، ان جا خطي ۽ خطي کان ٻاهر سمورين ڌرين سان رابطا حوصلي جوڳا آهن، اسان ان تي ڪم ڪري رهيا آهيون ته عالمي بئنڪ کان ان منصوبي جي قابل هجڻ بابت رپورٽ حاصل ڪرڻ جي لاءِ تعاون ۽ ٻين ڌرين جي حمايت ڪيئن حاصل ڪرڻي آهي، ان سان انهن جي سفارتي ۽ اسٽريٽجڪ مهارت جي خبر پوي ٿي ته ڪهڙي طرح سڀني کي گڏ ويهاري راضي ڪرڻو آهي، اهڙي طرح جا رابطا نه رڳو خطي پر خطي جي ٻاهر ٻين ڌرين جي لاءِ پڻ ڪارائتا هوندا. هن چيو ته ازبڪ اڳواڻ نئين اعتماد سان وڌي رهيا آهن ۽ اهي وچ ايشيا ۾ پنهنجي قوم جي قسمت ڳولڻ چاهين ٿا، اهي وچ ايشيا، ڏکڻ ايشيا، ڪاڪسز، روس، چين ۽ خطي کان ٻاهر يورپ ۽ آمريڪا سان لاڳاپن جي فروغ جي ذريعي هن خطي ۾ ازبڪستان جي لاءِ مرڪزي حيثيت حاصل ڪرڻ جا خواهشمند آهن جنهن جا اهي صحيح معنيٰ ۾ حقدار آهن ۽ اسان به ان جو عڪس ڏسنداسين، ان سان معاشي رابطن کي فروغ ملندو جيڪو هن خطي جي عوام جي گڏيل مفاد ۾ آهي. نگران وزيراعظم چيو ته هي منهنجو ازبڪستان جو پهريون دورو آهي جهڙي طرح هتي بنيادي ڍانچي کي ترقي ڏني وئي آهي اها متاثر ڪندڙ آهي خاص طور تي تاشقند ۾ جديد بنيادي ڍانچو شاندار آهي ان مان خبر پوي ٿي ته حڪومت جون ترجيحون صحيح رخ ۾ آهن، انهن بنيادي ڍانچي ۽ انساني وسيلن تي سيڙپڪاري ڪئي آهي، هتان جا ماڻهو وڏا باصلاحيت ۽ تربيت يافته آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي عوام جو شاندار مستقبل ڏسي رهيو آهيان، اسان جا تاريخي لاڳاپا آهن، تاريخي لحاظ کان هن خطي جا ماڻهو ايشيا ۾ وڃي آباد ٿي ويا، اتي انهن سلطنتون ۽ سياسي ڍانچا ٺاهيا، معاشي لاڳاپا قائم ڪيا، اسان جي زبان اردو ۽ ازبڪ زبان جا اڌ لفظ ملندڙ جلندڙ آهن. هن چيو ته اسان وڌيڪ ويجهو اينداسين، صنعتي، معاشي ۽ ثقافتي لاڳان کي فروغ ملندو. هن چيو ته حضرت امام بخاري جهڙين شخصيتن جون هتي مزارون آهن، اهي نه رڳو ازبڪستان پر پوري اسلامي دنيا خاص طور تي پاڪستان ۾ بلند مقام رکن ٿيون ۽ احترام ڪيو وڃي ٿو، ازبڪستان ۾ دانشورن ۽ فلاسافرن جي شخصيتن جو تاثر ملي ٿو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ رابطن سان لاڳاپن کي فروغ ملندو، سڌوسنئون فضائي ۽ رستن جي ذريعي رابطن سان ٻنهي ملڪن کي ويجهو آڻڻ جو موقعو ملندو.