اسلام آباد – 23 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ڊالر جي قيمت ۾ استحڪام ۽ پيٽرول مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي ڪري مجموعي طور تي 41 ارب رپين جي بچت ٿي آهي جنهن جو ريليف عام ماڻهو تائين پهچندو، پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي جا فائدا عام ماڻهو تائين پهچائڻ جي لاءِ قدم تيز ڪيا وڃن، ذخيره اندوزن ۽ منافعي خورن کي سختي سان منهن ڏنو وڃي، اسمگلرن ۽ بجلي چورن کي ڪا رعايت نه ڏني وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب ڪالهه سومر ڏينهن هن اهڙن خيالن جو اظهار پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي جا اثر عام ماڻهو تائين پهچائڻ ۽ قيمتن ۾ گهٽتائي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ نگران وفاقي وزيرن مرتضيٰ سولنگي، گوهر اعجاز، ڪوثر عبدالله ملڪ، سميع سعيد، محمد علي ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي جڏهن ته نگران وڏا وزير محسن نقوي، جسٽس (ر) مقبول باقر، اعظم خان، چئني صوبن جا چيف سيڪريٽريز ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. اجلاس کي سمورن صوبن ۾ کاڌي پيتي ۽ ضرورت جي شين ۽ قومي سطح تي مهانگائي جي تناسب ۾ گهٽتائي جا انگ اکر پيش ڪيا ويا. اجلاس کي مختلف ضرورتن جي شين بشمول خشڪ راشن، جنسن، اٽي، کنڊ، گيهه ۽ تيل، ڀاڄي، ميون ۽ گوشت وغيره جي اگهن ۾ گهٽتائي جي حوالي سان پڻ بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سمورن صوبن ۾ پرائيس مئجسٽريٽ ضلعي سطح تي پيٽروليم مصنوعات ۾ گهٽتائي جا فائدا عوام تائين پهچائڻ جي لاءِ سرگرم آهن. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته ذخيره اندوزن ۽ ناجائز منافعي خورن جي خلاف سختي سان منهن ڏنو وڃي ۽ اسمگلنگ ۽ بجلي چورن کي ڪا رعايت نه ڏني وڃي. اجلاس کي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ تازي گهٽتائي ۽ اسمگلنگ ۽ بجلي چوري جي خلاف آپريشن جي نتيجن جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ تازي گهٽتائي جي ڪري مهانگائي جي شرح ۾ 1.7 سيڪڙو گهٽتائي ٿي جيڪا گذريل هڪ سال ۾ سڀ کان وڌيڪ گهٽتائي آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته انتظاميا جي ڪوششن جي ڪري قومي سطح تي 24 ضرورت جي شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿي آهي، زرعي پيداوار، بجلي، ڪراين ۽ صنعتي پيداوار جي قيمتن ۾ خاطرخواهه گهٽتائي کي يقيني بڻايو پيو وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته منصوبابندي واري وزارت پاران کاڌي پيتي ۽ ضرورت جي شين جي قيمتن جي مانيٽرنگ ۽ فيصلاسازي جي لاءِ قومي شماريات واري اداري جي تيار ڪيل Decision Support System for Inflation ايپ جو استعمال ڪيو پيو وڃي. چئن صوبن ۾ صوبائي انتظاميا جي قدمن جي ڪري سفري ڪراين ۾ سراسري 10 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ذخيره اندوزن ۽ ناجائز منافعي خورن جي خلاف آپريشن ڪيو پيو وڃي، ضلعي انتظاميا پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي نتيجي ۾ کاڌي پيتي ۽ ضرورت جي شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي يقيني بڻائي رهي آهي. اجلاس ۾ سنڌ، خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب جي وڏي وزيرن ۽ بلوچستان جي چيف سيڪريٽري پنهنجي کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ نگران وزيراعظم پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي، ڊالر جي قيمت ۾ استحڪام ۽ اسمگلنگ جي روڪٿام جا اثر عام ماڻهو تائين پهچائڻ جي لاءِ سموري انتظاميا جي ڪوششن کي ساراهيو. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته پيٽرول جي قيمت ۾ 12.38 سيڪڙو ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 4.7 سيڪڙو گهٽتائي جا فائدا عام ماڻهو تائين جلد کان جلد پهچايا وڃن، ڊالر جي قيمت ۾ استحڪام ۽ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي ڪري مجموعي طور تي 41 ارب رپين جي بچت ٿي آهي جنهن جو ريليف عام ماڻهو تائين پهچندو، پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي فائدن کي عام ماڻهو تائين پهچائڻ جي لاءِ قدم تيز ڪيا وڃن. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته ذخيره اندوزن ۽ منافعي خورن کي سختي سان منهن ڏنو وڃي، بجلي چوري جي روڪٿام ۽ اسمگلنگ جي خلاف آپريشن سان عام صارف کي فائدو ٿيو آهي، اسمگلنگ جي خاتمي جي آپريشن جو سڌوسنئون فائدو عوام کي ٿي رهيو آهي. هن چيو ته بلوچستان ۾ ڪڻڪ جي قيمت ۾ 18 سيڪڙو ۽ کنڊ جي قيمت ۾ سراسري 16 سيڪڙو گهٽتائي خوش آئنده آهي.