اسلام آباد – 23 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته چونڊ چهچٽو شروع ٿي چڪو آهي، اميد آهي ته جلد چونڊ شيڊيول جو اعلان ٿي ويندو، نادرا پاران بائيو ميٽرڪ هڪ قانوني حق آهي، نواز شريف جي پاڪستاني هجڻ جي ناطي ان جي بائيو ميٽرڪ هڪ گهرج هئي، ايئرپورٽ تي بائيو ميٽرڪ جي سهولت معمول جي ڪارروائي آهي جيڪا هر پاڪستاني کي حاصل آهي، ان قدم کي ليول پليئنگ فيلڊ سان ڳنڍڻ مناسب نه آهي، اسان جو ڪم سمورين پارٽين کي برابر موقعا فراهم ڪرڻ آهي، نٿا چاهيون ته ڪا سياسي پارٽي يا سياسي اڳواڻ سياسي عمل کان ٻاهر هجي، ان حوالي سان عدالتي فيصلن تي عمل ڪرڻو آهي، چين جو دورو مثبت ۽ لاڀائتو رهيو، پاڪستان سي پيڪ جو تسلسل جاري رکڻ جي لاءِ پرعزم آهي، سي پيڪ منصوبن جي رفتار تيز ٿيڻ سان معاشي ۽ معاشرتي ترقي ۾ بهتري ايندي، تازي چين جي دوري ۾ صدر شي جن پنگ سان ملاقات انتهائي مثبت رهي، وچ اوڀر جي صورتحال تي پڻ عالمي اڳواڻن سان خيالن جي ڏي وٺ ٿي، چونڊن ۾ حصو وٺڻ ڪنهن به رجسٽرڊ پارٽي جو حق آهي، پاڪستان هڪ ذميوار ملڪ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نگران وفاقي وزيرن جليل عباس جيلاني، مرتضيٰ سولنگي، سرفراز بگٽي، گوهر اعجاز، فواد حسن فواد سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته چين جي صدر شي جن پنگ جي دعوت تي چين جو اهم دورو ڪيو جنهن ۾ اهم اڳڀرائي ٿي، چين جي حڪومت، عوام، ميڊيا ۽ ٿنڪ ٽينڪس سان خيالن جي ڏي وٺ ٿي، چين سان اسان جي هر موسم ۾ آزمايل دوستي آهي، ان فريم ورڪ ۾ رهندي مفيد ۽ تعميري ڳالهه ٻولهه ٿي، پاڪستان ۾ ڪا به حڪومت هجي چين سان لاڳاپا اهميت رکن ٿا، پاڪستان ۽ چين جي دوستي ۾ اخلاص جي ڪري غيريقيني جو ڪو عنصر اچي به ٿو ته اهو حل ٿي وڃي ٿو. هن چيو ته بي آر آئي فورم ۾ چيني صدر عالمي درپيش چئلينجن جو حل پنهنجي 8 نقاطي ايجنڊا ۾ ڏنو، اهو پوري هن خطي ۽ دنيا جي لاءِ ڪارائتو آهي، ان سان زميني، فضائي ۽ سامونڊي رستن سان رابطن ۾ ويجهڙائپ پيدا ڪرڻ جو ذريعو آهي ۽ معاشي ۽ سماجي طور تي فائديمند ٿيڻ ۽ بهتر طرز زندگي جو منصوبو آهي. هن چيو ته بي آر آئي ۾ پاڪستان جي لاءِ تمام گهڻا موقعا آهن، پاڪستان پاران منصوبابندي، ڪوآرڊينيشن ۽ تعاون جا ٽي نقطا اسان اتان کڻي آيا آهيون، دوري دوران چيني ۽ روسي صدرن سميت اهم اڳواڻن سان تعميري ملاقاتون ٿيون، چيني ڪمپنين ۽ ڪاروباري ماڻهن سان پڻ ملاقاتون ٿيون، اميد آهي ته بي آر آئي جي ٻئي مرحلي ۾ اهي ڪمپنيون پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ حصو وٺنديون. هن چيو ته ان موقعي تي گڏيل پڌرنامو پڻ جاري ڪيو ويو جنهن ۾ گڏيل قومن جي قراردادن مجب ڪشمير جي تڪرار جي حل جي حمايت ڪئي وئي، چين جي حوالي سان پاڪستان جي دوستي جي عزم جو اسان ورجاءُ ڪيو، دوري دوران ڪابينا جي سمورن ميمبرن پنهنجي پنهنجي شعبن ۾ تعاون جي لاءِ ملاقاتون ڪيون. هن چيو ته وچ اوڀر جي صورتحال کي روسي صدر سميت ٻين اهم اڳواڻن سان ملاقاتن ۾ اٿاريو، ڪينيا جي صدر سان صحافي ارشد شريف جي ڪيس جو معاملو اٿاريو. هن چيو ته چين اسان جو سڀ کان ويجهو دوست آهي پر بدقسمتي سان اسان چيني زبان کان اڻ واقف آهيون، ان حوالي سان رياستي ميڊيا قدم کڻي، ارومچي دنيا جي جديد ۽ ترقي يافته شهرن ۾ شامل آهي، چين سان اليڪٽرانڪ ۽ ڊيجيٽل ميڊيا، فلم سميت ٻين شعبن ۾ تعان جا وسيع موقعا آهن، انهن مان فائدو کڻڻ گهرجي. هن ٻڌايو ته دوري دوران مختلف شعبن ۾ 20 کان وڌيڪ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ڪيون ويون جيڪي اسان جي لاءِ حوصلي افزا آهن، چين سان ٿيندڙ معاهدن يا ڪم جي فالو اپ جي لاءِ وزيراعظم هائوس ۾ سيل قائم ڪيو پيو وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ نگران وزيراعظم چيو ته چين سان ٿيندڙ معاهدن سان پاڪستان ۾ ٿيندڙ سيرپڪاري سان اقتصادي ترقي ايندي، چين مان ايندڙ سيڙپڪاري جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي جوڙي پئي وڃي، اسان چين جي دوري سان ”ڪوآرڊينيشن، ڪوآپريشن ۽ ڪنسلٽيشن“ سکي آهي، حڪومتي سطح تي جيڪڏهن اهي ٽئي شيون موثر ٿينديون ته مستقبل بهتر ٿيندو. روسي صدر سان ملاقات جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ هن چيو ته روسي صدر سان ملاقات گرمجوش ۽ سٺي ماحول ۾ ٿي، هڪ ٻئي کي سمجهڻ جو موقعو مليو، روس هن خطي جو اهم ملڪ آهي، اسان کي ان جو ادراڪ آهي، هن پوري خطي کي هڪ ٻئي سان وڌيڪ ڳنڍجڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪنهن به ماڻهو کي ڪنهن به پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جي مڪمل آزادي آهي، بطور نگران حڪومت اسان جو ان سان ڪو واسطو نه آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان عالمي برادري جو هڪ ذميوار ملڪ آهي، افغان شهري جيڪڏهن پاڪستان جي رستي آمريڪا سميت ڪنهن ملڪ وڃڻ چاهين ته انهن کي ان جي اجازت آهي، اسان غيرقانوني افغانين کي وطن واپس موڪلڻ چاهيون ٿا، دهشتگردي جي خلاف پاڪستان نان نيٽو اتحادي هو جنهن وڏيون جاني ۽ مالي قربانيون ڏنيون آهن، اسان غيرقانوني طور تي ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پاڪستان ۾ رهندڙ افغانين جي انخلا جي لاءِ ڪوششون ڪيون آهن ته جيئن اهي پنهنجي ملڪ واپس وڃي سفري دستاويز کڻي پاڪستان اچن ته جيئن انهن جي چرپر قانوني ٿئي، وڏي عرصي کان پاڪستان ۾ غيرقانوني رهندڙ افغانين کي پنهنجو دشمن نه ٿا سمجهون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته خساري ۾ هلندڙ ادارن جي جلد نجڪاري جي حوالي سان قدم کنيا پيا وڃن. عام چونڊن جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ نگران وزيراعظم چيو ته چونڊ چهچٽو شروع ٿي چڪو آهي، اميد آهي ته جلد چونڊ شيڊيول جو اعلان ٿي ويندو، نادرا پاران بائيو ميٽرڪ هڪ قانوني حق آهي،نواز شريف جي پاڪستاني هجڻ جي ناطي ان جي بائيو ميٽرڪ هڪ گهرج هئي، ايئرپورٽ تي بائيو ميٽرڪ جي سهولت معمول جي ڪارروائي آهي جيڪا هر پاڪستاني کي حاصل آهي، ان قدم کي ليول پليئنگ فيلڊ سان ڳنڍڻ مناسب نه آهي، اسان جو ڪم سمورين پارٽين کي برابر موقعا فراهم ڪرڻ آهي، اسان نه ٿا چاهيون ته ڪا سياسي پارٽي يا سياسي اڳواڻ سياسي عمل کان ٻاهر هجي جڏهن ته ان حوالي سان عدالتي فيصلن تي عمل ڪرڻو آهي، هر سياسي پارٽي کي پنهنجي بيانيي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، اهي پنهنجي معاشي ۽ سيڪيورٽي پاليسين سميت اداراجاتي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي حوالي سان پنهنجو موقف ڏين، ان مباحثي تي چونڊن ٿين ته اهي مفيد هونديون. هن چيو ته نئين ايندڙ حڪومت شفافيت ۽ قانون جي حڪمراني جي بهتري جي لاءِ سڌارا آڻي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان جي دور ۾ پيٽرول جي قيمت ۽ ڊالر جي قدر ۾ نمايان گهٽتائي ٿي آهي، ان جا ثمر عوام تائين پهچائڻ جي لاءِ صوبن سان رابطي ۾ آهيون. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ نگران وزيراعظم چيو ته وچ اوڀر جي صورتحال تي فلسطيني صدر محمود عباس سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، انساني امداد مصر جي ذريعي غزه موڪلڻ جي حوالي سان يقيني بڻائينداسين، او آءِ سي سميت سمورا فورم استعمال ڪنداسين، اسان جي پهرين ڪوشش آهي ته جنگبندي ٿئي، امدادي سامان جي فراهمي جي حوالي سان به ڪم ٿي رهيو آهي، ان تڪرار جي حل لاءِ پاڪستان مخلف ملڪن سان گڏجي ڪوششون ڪري رهيو آهي. ارشد شريف جي معاملي تي ڪينيا جي صدر سان ملاقات جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پرڏيهي آفيس پاران ڪينيا جي صدر سان ملاقات ۾ اهو نقطو شامل ڪيو ويو هو، ڪينيا جي صدر ان تي سنجيدگي جو مظاهرو ڪيو، هن يقين ڏياريو ته اسان انهن شرپسندن کي ڳولينداسين جيڪي ان ۾ ملوث آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ميڊيا کي اشتهار عوام جي ٽيڪس جي پئسن مان ڏنا وڃن ٿا ان ۾ شفافيت هجڻ گهرجي، صحافت جي آزادي ۽ جمهوريت جي جنگ حڪومتي سرمائي تي نٿي وڙهي سگهجي، جيڪڏهن ڪنهن پارليامينٽرين جي ٻٽي شهريت آهي ته اهو معاملو سپريم ڪورٽ کڻي وڃن، بنا تحقيق الزام بازي هتي رواج بڻجي چڪو آهي.