اسلام آباد – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته اسان عوام کان احتساب جو مينڊيٽ وٺي نه آيا آهيون، اسان جو محدود ڪردار آهي، محدود وقت ۾ گورننس جي بدانتظامي کي روڪڻ اسان جي ذميواري آهي، فوجي آفيسرن جي مقرري جو فيصلو ملڪ جي بهترين مفادن ۾ ڪيو ويندو، سرڪاري ادارن جي وڪري جي حوالي سان قانونسازي ٿي چڪي آهي، پي آءِ اي، ڊسڪوز، پاڪستان اسٽيل ملز سميت ٻين ادارن کي وڪرو ڪيو پيو وڃي، سياسي حڪومتون ان حوالي سان هٻڪ جو شڪار هيون، نگران حڪومت ان حوالي سان موثر فيصلاسازي ڪندي، فواد حسن فواد ۽ ٻين جي چونڊ منهنجي ذاتي چونڊ آهي، نواز شريف جي وطن واپسي جي حوالي سان قانون پنهنجي راهه اختيار ڪندو، هو ٽي ڀيرا ملڪ جو وزيراعظم رهيو آهي، ان سان اهو ئي رويو اختيار ڪيو ويندو جيڪو ان جو حق آهي، ڪوشش آهي ته ايندڙ مهينن ۾ بجلي جا بل ناقابل برداشت نه هجن، اسان کي شفاف انداز ۾ سمورين سياسي پارٽين کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي لاءِ برابر موقعا فراهم ڪرڻا آهن ۽ اسان پنهنجي ذميوارين کي پورو ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيون، پارليامينٽ چونڊون ڪرائڻ جو اختيار اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي ڏنو آهي، اسان چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ معاونت جي آئيني ۽ قانوني پنهنجي ذميواري پوري ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن هڪ نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته گورننس جي ڏس ۾ ڪيترائي چئلينجز درپيش هئا، نگران حڪومت اقتدار ۾ اچي هول آف دي گورنمينٽ سوچ اختيار ڪئي، صوبن سان مشاورت ڪئي، انهن نگران حڪومت جي قيادت تي اتفاق ڪيو، اسمگلنگ مافيا، منافعي خورن، ذخيره اندوزن جي خلاف ڪارروائي جاري آهي، احتساب بشمول نيب آئيني ادارن جو اختيار ۽ ذميواري آهي، اسان عوام کان احتساب جو مينڊيٽ وٺي نه آيا آهيون، اسان جو محدود ڪردار آهي، محدود وقت ۾ گورننس جي بدانتظامي کي روڪڻ اسان جي ذميواري آهي، احتساب مروجه ادارن کي ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ادارن ڏانهن بجلي جون رهتون آهن پر اهي پنهنجون رهتون نه پيا پيارين، بجلي نه ڏيندڙن جي خلاف ڪارروائي جاري آهي، عدم ادائيگين ۽ رهتن جي ڪري گردشي قرض ۾ اضافو ٿيو آهي، ان سان بجلي جي پهچ ۽ ورڇ جو نظام متاثر ٿي رهيو آهي. نگران وزيراعظم چيو ته عوام کي بجلي جي بلن جي ريليف جو اعلان ڪيو هو، ٻن مهينن ۾ اضافو 14 رپيا في يونٽ سان بجلي جي بلن جو مسئلو پيدا ٿيو، انهن بلن ۾ جون ۽ جولاءِ جا ٽيڪس آگسٽ ۾ وصول ڪيا هئا، اهي نگران حڪومت کان اڳ جا بل هئا، ان معاملي تي مشاورت جاري آهي. هن چيو ته ايندڙ مهينن ۾ ڊالر جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ ٻين عملن جي ڪري صورتحال ۾ بهتري ايندي، ان معاملي تي ڪنهن حڪومت کي ذميوار قرار ڏئي تنقيد ڪرڻ اسان جو اختيار نه آهي، سمورين پارٽين جي ڪارڪردگي عوام آڏو ظاهر آهي، اسان پنهنجي حڪومت جي دور ۾ قانوني گهرجن کي پورو ڪري رهيا آهيون، ڪوشش ڪنداسين ته ايندڙ مهينن ۾ بجلي جا بل ناقابل برداشت نه هجن. بلاول ڀٽو زرداري جي خدشن بابت هن چيو ته سياسي پارٽين کي چونڊ عمل دوران پنهنجي ووٽرز کي متحرڪ ڪرڻ جي لاءِ مهم هلائڻي هوندي آهي، اهو ان جو سياسي بيانيو آهي جيڪو هر پارٽي جو حق آهي، نه ٿو لڳي ته بلاول ڀٽو زرداري نگران حڪومت کي ذميوار قرار ڏنو آهي، اسان کي شفاف انداز ۾ سمورين سياسي پارٽين کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي لاءِ برابر موقعا فراهم ڪرڻا آهن ۽ اسان پنهنجي ذميوارين کي پورو ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. نگران وزيراعظم چيو ته نگران حڪومت ۾ ڪنهن سياسي نمائندي جي موجودگي جو تاثر صحيح نه آهي، فواد حسن فواد ۽ ٻيا سول سرونٽ آهن، اهي باصلاحيت ماڻهو آهن جيڪي نگران حڪومت جو حصو آهن، انهن جي ڪارڪردگي کي ڏسڻ گهرجي، انهن مان ڪير ڪنهن سياسي پارٽي مان نه آهي، اها منهنجي ذاتي چونڊ آهي، (ن) ليگ پاران ڪنهن جو نالو نگران ڪابينا جي لاءِ نه ڏنو ويو. هن چيو ته سياسي ماڻهن جون هڪ ٻئي سان ملاقاتون ٿينديون آهن، بلوچستان کي سياسي ۽ سيڪيورٽي چئلينجز درپيش آهن، اتان جي قيادت سان بلوچستان جي مسئلن تي ڳالهه ٿيڻي آهي. هن چيو ته اميد ۽ يقين آهي ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پنهنجا فرض آئين ۽ قانون موجب سرانجام ڏيندي، چونڊن جو معاملو قانون موجب حل ڪيو ويندو، مروجه قانون موجب پارليامينٽ چونڊون ڪرائڻ جو اختيار اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي ڏنو آهي، اسان چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي معاونت جي آئيني ۽ قانوني ذميواري پوري ڪنداسين. نواز شريف جي وطن واپسي جي حوالي سان هن چيو ته ان معاملي تي قانون پنهنجي راهه اختيار ڪندو، هو ٽي ڀيرا ملڪ جو وزيراعظم رهيو آهي، ان سان اهو ئي رويو اختيار ڪيو ويندو جيڪو ان جو حق آهي. نگران وزيراعظم چيو ته سينيٽ جي سيٽ ۽ پارٽي عهدي تان استعيفيٰ ڏني آهي، نيشنل گرينڊ ڊائيلاگ جي ڪا تجويز اڃا غور هيٺ نه آهي، ان حوالي سان سياسي پارٽين، ميديا، دانشورن ۽ وڪيلن کي اڳتي اچڻ گهرجي، اسان ۾ قومي احساس پيدا ٿيڻ گهرجي، ميرٽ جي بنياد تي ان حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ گهرجي. فوجي آفيسرن جي مقرري بابت سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ان حوالي سان ملڪ جي بهترين مفاد ۾ فيصلو ڪيو ويندو، غيررياستي عنصرن ۽ ڪالعدم تنظيمن کي پاڪستان جي هڪ انچ تي قبضي ۾ ڪاميابي حاصل نه ٿيندي، پاڪ فوج، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سميت مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ عوام دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ جاني ۽ مالي قربانيون ڏنيون آهن، افغان عبوري حڪومت کي ڪمزور مرڪزيت سميت ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن. هن چيو ته سرڪاري ادارن جي وڪري جي حوالي سان قانونسازي ٿي چڪي آهي، پي آءِ اي، ڊسڪوز، پاڪستان اسٽيل ملز سميت ٻين ادارن کي وڪرو ڪيو پيو وڃي، سياسي حڪومتون ان حوالي سان هٻڪ جو شڪار هيون جڏهن ته نگران حڪومت ان حوالي سان موثر فيصلاسازي ڪندي.